سنڌو درياهه تي ٺهندڙ ڇهه ڪينال۽ سنڌ جي عورت

تحرير: شانل کوسو

وفاق پاران گرين پاڪستان جي نالي سان  چولستان ۾ سنڌو درياءُ تي  ڇهه ڪينال اڏڻ جي رٿا جوڙي وئي ۽ جنھن کي سنڌ جي ھر فرد رد ڪيو ڇو ته ھي منصوبو صرف ڪينال اڏڻ يا ريگستاني زمينن کي آباد ڪرڻ نه پر سنڌ جي وجود ۽ بقا جو سوال  آھي.ان کان سڀ واقف آھيون ته ھن منصوبي سان سنڌ کي  ملندڙ پاڻي مان جيڪڏھن انھن ڪينالن کي پاڻي مليو ته سنڌ جون نه صرف زمينون بنجر ٿينديون پر اھا سنڌين جي سنئي سڌي نسل ڪُشي هوندي.سنڌ  گهڻي قدر زراعت سان لاڳاپيل آهي ۽ ذريعي زمينن لاءِ پاڻي اهم ھوندو آھي.سنڌ ۾ اڳ ۾ ئي پاڻي جي کوٽ سبب  انسان معاشي استحصالي جو شڪار ٿيندو رهي پيو مٿان سنڌو درياءُ تي ٺھندڙ ڪينالن سان سنڌ ۾رھندڙھرفرد جي زندگيءَ تي اثر پوندو نه صرف اھو پر اسين چڱي طرح ڄاڻون ٿا ته پاڻي نه رڳو انسان، جانور، پکين، جيوت، زراعت، پر سماجي ، معاشي  حالتن لاءِ به اھم آھي .ان ان پاسي تي به ڳالھائڻ جي ضرورت  ۽ ڏسڻ جي ضرورت آھي  ته سنڌو درياهه تي ڪينال ٺھڻ سان  عورت سماجي ۽ معاشي طور تي ڪيترو ڀوڳيندي ۽ ان جي سماجي ۽ اقتصادي زندگي تي ڪيترو اثر پوندو ان متعلق عورتن کي به سجاڳ ڪرڻ جي  ضرورت آھي.

عورت ھن ملڪ جي اڌ آبادي هجڻ جي باوجود هن جديد دور ۾ ڪيترو ڀوڳي ٿي اها ڳالھه ڪنهن کان به ڳُجھي ناھي.جيڪڏهن سنڌ جي عورت جو معاشي ذريعو ڏسون ته  گهڻي ڀاڱي زراعت سان آهي ۽ زرعي آبادي لاءِ پاڻي ڪيترو اهم آهي هر فرد ڄاڻي ٿو ڪينال ٺهڻ ۽ پاڻي جو نه هجڻ سان سڀني جي زندگين تي اثر ته پوندو ئي پوندو پرعورت سڌي ۽ اڻ سڌي طرح وڌيڪ ڀوڳيندي.سنڌو دريا تي ڪينال ٺهڻ سان هر فرد استحصالي جو شڪار ٿيندو ئي ٿيندو پر عورت  وڌيڪ جبر، ظلم جو شڪار ٿيندي..فصل گهٽ ٿيڻ سان روزگار جا موقعا گهٽبا ۽ هر فرد ذهني دٻاءُ ۽ مونجهاري جو شڪار ٿيندو.

کائڻ لاءِ اناج گهٽ ٿيندو جنهن سان غذائي کوٽ وڌندي جنھن جو شڪار سڀ کان وڌيڪ سنڌ جي عورت ٿيندي.

سنڌ جي عورت  مال جي سار سنڀال جو وڏو حصو سنڀالي ٿي، اڪثر گهرن جي اندر مال / جانور پالي کپائڻ جو واپار ڪندي آهي پاڻي نه هجڻ جي ڪري مال جي لاءِ گاهه / چارو ٿيڻ مشڪل هوندو  ان صورت ۾ به عورتن جي ان روزگار کي به ڌڪ رسندو.سنڌو دريا تي ڪينال ٺهڻ سان پاڻي جي کوٽ انتها ليول تي پھچندي ۽ پيئڻ جي لاءِ پاڻي به اڻلڀ ٿيندو  ۽ ان صورتحال ۾ عورتن کي گهڻو پري وڃي پاڻي آڻڻو پوندو، جنهن سان انهن جي صحت تي اثر پوندو نه صرف اهو پر صاف پاڻي ميسر ٿيڻ ئي مشڪل ٿي پوندو ۽ گندي  پاڻيءَ سبب بيماريون وڌنديون ، ڇو ته جيڪڏهن مٺو پاڻي گهٽ ملڻ يا ناممڪن بڻجي ويو ته ماڻهو ناقص پاڻي واپرائڻ تي مجبور ٿيندا ۽ وبائي بيماريون پکڙجي وينديون

سنڌ جي اندر پاڻي تي ٿيندڙ تڪرار

اسان سڀني کي خبر آهي ته جڏهن به سنڌ جي اندر پاڻي جو کوٽ ٿيو ته پاڻي تي تڪرار وڌيا ۽ ماڻهو قتل عام تائين پھچي ٿو. پاڻي جي ورڇ سبب قبيلائي تڪرار، جهيڙا، ۽ زمينداري سسٽم جا مسئلا پيدا ٿيندا رهيا آهن ته اهو سوچيون ته اڳتي هلي ڪري اهي مسئلا ڪيترا وڌي سگهن ٿا ۽ سنڌ جي عورت انهن تڪرارن جي ور چڙهي ويندي.

ماحولياتي تبديلي

پاڻي جي کوٽ سان درياههسان  ماحولياتي تبديليءَ ۾ آضافو ٿيندو،مڇي مارڻ ۽ ٻيڙين تي ڪم ڪندڙ عورتون/ مرد  به بيروزگار ٿيندا..

ڪيترين عورتن جا خاندان نسلن کان درياهه جي آس پاس آباد آهن. جيڪڏهن پاڻي گهٽبو ته انهن جا معاشي ۽ سماجي جياپي جا ذريعا ختم ٿي ويندا جنهن سان سندن سڃاڻپ تي اثر پوندو.

سنڌي ثقافت ۽مقامي وسيلن جي تباهي!

سنڌو درياهه رڳو پاڻيءَ جو ذريعو نه پر سنڌ جي ثقافت ۽ تمدن جو بنياد آهي. پاڻي جي کوٽ سان سنڌي عورتون پنهنجين روايتي صنعتن (جهڙوڪ مڇي مارڻ، مٽيءَ جا برتن ٺاهڻ، ۽ هٿ جي هنر) کان محروم ٿي سگهن ٿيون نه صرف اهو پر ٻين  صنعتن (جهڙوڪ ٽوپي، رليون، ۽ ڪپڙي جي ڀرت ٺاهڻ) سان وابسته آهن. پاڻي جي کوٽ سان انهن صنعتن تي به اثر پوندو، جيڪو عورتن جي مالي آزاديءَ کي گهٽائي ڇڏيندو  اهڙين حالتن ۾ عورتن لاءِ حق حاصل ڪرڻ ۽ پاڻڀرو ٿيڻ مشڪل ٿي ويندو

قدرتي آفتن جو خطرو

جيڪڏهن نوان ڪئنال ٺاهيا ويا ته سنڌ جي ماحولياتي نظام تي شديد اثر پوندو ۽ درياهه جي وھڪرن ۾ ڦيرڦار سان قدرتي آفتون جهڙوڪ قحط.  ۽ زمينن جو بنجر ٿيڻ تيز ٿينديون جنهن سان عورتن کي خوراڪ ۽ پاڻيءَ لاءِ وڌيڪ مشڪلاتون پيش اينديون پڻ سنڌ کي مستقبل ۾ وڌيڪ قدرتي بحرانن جو خطرو وڌي ويندو..سنڌو درياهه تي ڪينال ٺھڻ صرف زرعي مسئلو نه، پر سنڌ جي جياپي، تھذيب ۽ وجود جو مسئلو پڻ آهي..

جيڪڏهن ڏسون ته سنڌو درياهه تي ڪينال ٺھڻ سان  سنڌ جي عورت جو مستقبل به وڌيڪ خطري ۾ پئجي ويندو..سنڌو درياهه تي ٺھندڙ  ڇههن ڪينالن جي خلاف سنڌ ۾ هڪ وڏي تحريڪ هلي رھي آھي جنهن ۾ سنڌ جو هر  باشعور فرد حصو وٺي رهيو آهي ڇو ته هي صرف انساني نه پرسنڌ جي  وجود، بقا، تهذيب جو مسئلو آهي ان تحريڪ کي وڌيڪ سگهارو ڪرڻ لاءِ هاري،.پورهيت کي به نڪرڻو پوندو پنهنجي مستقبل لاءِ  آواز اٿارڻو پوندو خاص ڪري گهر ڌياڻي کي به اهو شعور ڏيڻو پوندو ته هي مرد جو مسئلو نه پر توهان جي وجود ۽ تحفظ جو مسئلو به آهي.

سنڌو درياهه تي ٺھندڙ  ڇههن ڪينالن کي رد ڪرائڻ لاءِ سنڌ جي اندر ھڪ وڏي تحريڪ ھلي رھي آھي ان کي وڌيڪ سگھاري ڪرڻ لاءِ پاڻ سڀني کي ڇا  ڪرڻ گھرجي. وڏن ۽ ننڍن شهرن سان گڏوگڏ  ڳوٺ ڳوٺ  تائين هارين پورهيت، مذدورن، مردن عورتن، ٽراسجينڊر، ٻارڙن کي معلومات ڏيڻ ضروري آهي ته سنڌو دريا تي لڳندڙ ڌاڙو صرف پاڻي جو ڌاڙو نه هوندو پر اسان جي زندگين / جياپي جو سوال به آهي. جيڪا معلومات ڏيڻ لاءِ سڀني شعور وندن کي اڳيان اچڻو آهي.هاري، مزدور، شاگرد، ۽عورتون اڳ ۾ احتجاج ڪري رھيون آھن پر وڌيڪ سگھاري ڪرڻ لاءِ عورتن جي شموليت کي وڌيڪ يقيني بڻائڻو آھي ۽ هر طبقي ۽ مڪتب فڪر جي ماڻھن کي  مشترڪ حڪمت عملي سان منظم ڪرڻ جي ضرورت آهي.سوشل ميڊيا تي ڪينالن کي رد ڪرڻ جي خلاف موثر پيغام جاري ڪرڻ گهرجن.پوسٽر مهم هلائي سگهجن. وال چاڪنگ ڪرڻ گهرجن. سوشل ميڊيا، مقامي اخبارن، ۽ ريڊيو پروگرامن ذريعي هر ماڻهو کي نقصانن بابت آگاهه ڪجي. سنڌ ۾ رهندڙ ۽ سنڌ کان ٻاهر رهندڙ ماڻهن کي هي ڪيس عالمي  ميڊيا تائين پھچائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي انگريزي ۾ مضمون، خط لکي ڪري يا ويڊيو پيغام جي ذريعي. سنڌو درياءُ تي وڪيل ساٿين جو تمام بهترين جدوجهد آهي پر ان کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ قانوني ويڙهه به ڪرڻ گهرجي. عالمي ادارن کي پڻ خط لکي ڪري عالمي ادارن کي آگاھ ڪرڻ گهرجن.احتجاجي ريليون، پريس ڪانفرنسون، ۽ عدالت ۾ اپيلون داخل ڪيون وڃن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ رِٽ داخل ڪئي وڃي.اسان کي  حڪمت عملي سان پنهنجو حق بچائڻ لاءِ متحد ٿيڻو پوندو،  هن تحريڪ ۾ هر مڪتب فڪر ۽ هر جنس سان تعلق رکندڙ کي پنهنجو حصو ڳنڍڻو آهي. ڇو ته سنڌو درياهه سنڌ جي سڃاڻپ آهي، سنڌوان  درياهه جي تباھي اسان سڀني جي تباھي هوندي ڪير به ان تباھڪاري کان پاڻ کي نه بچائي سگھندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.