16 مارچ "غريب مدد ويلفيئر” جي قائم ٿيڻ جو ڏينهن هو. هن تنظيم کي ڪم ڪندي هڪ سال ٿي ويو آهي. يونين ڪائونسل رشيد وڳڻ ۾ بس هيءَ هڪڙي ئي تنظيم آهي، جيڪا غريبن، مسڪين ۽ بي سهارن جي خدمت ڪرڻ ۾ اڳيان اڳيان آهي. هن سماجي تنظيم جي ذريعي ڪيترن ئي گهرن ۾ نلڪا لڳايا ويا آهن. ماڻهن کي ڪاروبار سان لڳايو ويو آهي. اکين جا آپريشن، ڊليوري جا ڪيس، مريضن جو رپورٽون ڪرائڻ ۽ دوائون ڌار وٺي ڏنيون ويون آهن. ڪيترن ئي مريضن کي ڪافي مهينن کان مالي مدد ڪئي وڃي ته جيئن اهي وقت سر ڪراچيءَ وڃي پنهنجو معائنو ڪرائين. غريب مدد ويلفيئر جي پليٽفارم تان ڪيترن ئي معزور کي ويل چيئرس ڏنيون ويون آهن. هن رمضان مهيني ۾پڻ ڪيترن ئي مسڪين گهرن کي راشن ۽ پئسا ڏيڻ جو سلسلو به هلي رهيو آهي. انکان علاوه مسجدن ۾ لائوڊ، فراسيون ۽ ٽوپيون به وٺي ڏنيون ويون آهن. جڏهن ته ڪجھه گهرن جي تعمير وقت سرن جي مدد به ڪئي وئي آ۔ هيءَ تنظيم شاگرن کي يونيفارم به ڏئي چڪي آهي. ڪيترن ئي مسڪين ماڻهن کي بيٽريون به ڏنيون ويون آهن. چوڻ جو مقصد غريب مدد ويلفيئر هڪ سال اندر تمام وڏو ڪيو آهي هاڻي ته ضلعي ليول تي ڪم ڪري رهي آهي.
هن تنظيم جي وجود جو پسمنظر ڪجهه هن ريت آهي ته سنڌ يونيورسٽيءَ مان تعليم مڪمل ڪري واپس ڳوٺ آيس. نه بجلي نه گيس نڪو صفائي جو نظام. چئني پاسن نشو ئي نشو. اين جي اوز وارن جي لٽ مار الڳ هئي. يونين ڪائونسل جي بجيٽ چيئرمين جي پيٽ ۾ هڙپ. جاڏي ڪاڏي ويڌن ڏسي، دوست صفدر حسيني کي چيم ته ڪا سماجي تنظيم ٺاهجي جنهن جي ذريعي خدمت جو سلسلو هلائجي. چيائين مان راضي آهيان. هڪ معزور لاءِ ويل چيئر جي اپيل ڪئي سي. ٿڏي تي ملي وئي. وري ٻئي معزور لاءِ عرض رکيوسي. انکي به ملي وئي. ٻنهي معذورن جي شگر جي ڪري ڄنگهه ڪٽي وئي هئي، انجي ستر اسي هزار جي مدد جدا ڪئي سي ۽ سندس پٽ کي ڌنڌو ڌار کولي ڏنوسي. ائين سلسلو ويو وڌندو. ڳوٺ کان نڪري ضلعي ليول تي ڪم ڪرڻ لڳاسي. هڪ ويل چيئر قمبر شهر ۾ هڪ معزور کي ڏئي آياسي ڳيريلو، ٻلهڙيجي، ترائي ۽ لاڙڪاڻي جي آس پاس جي ڪيترن ڳوٺن ۾ نلڪا لڳراياسي. هڪ نوجوان پليٽ گروي رکرائي، زال جي ڊليوري ڪرائڻ لاڙڪاڻي ويو ته اچ وڃ ۾ ۽ رهائش ۾ پئسا کپي ويس. اسان جي تنظيم کي اپيل ڪيائين. گهرواري جو آپريشن به ٿي ويس. پليٽ به گروي موٽائي ڏني سين ۽ زال لاءِ پنج هزار ڪيش جدا به ڏناسيس. هڪڙي ڪراڙي آئي ان جي اکين جو آپريشن ڪرايوسي۔ نلڪا ته ايترا ڏناسي جو انگ اکر گڏ ڪرڻ ۾ ٽائيم ٿو لڳي وڃي. هڪڙي دوست کي ريڙهو وٺي ڏنوسي ۽ ڪيش ڏھ هزال به ڏناسي ته ڌندو ڪر۔ ٽن چئن مريضن جو نون ڏهن سالن کان علاج ڪرائي رهيا آهيون. انهن مان هڪڙو پيشنٽ ڪينسر جو آهي. هڪڙو نواجوان مريض مري ويو.