جديد دور ۾ ھٿرادو ذهانت جي سگهه ۽ موقعا

تحرير: ڊاڪٽر مظھر علي ڏوتيو

ٻيو ۽ آخري حصو

مصنوعي ذهانت جا موقعا

(الف) تعليم جو جديد نظام

ھٿراڌو ذھانت  جي مدد سان تعليمي نظام جي ترقي ٿي رھي آھي. آن لائن تعليم، خودڪار استادن ۽ ذاتي سکيا جي نظام جي مدد سان شاگردن کي بهترين سکيا جا موقعا مهيا ڪيا وڃن پيا. خودڪار نظامن ذريعي استاد کي تعليمي عمل کي بھتر ڪرڻ، پڙھائڻ لاءِ سبق جي منصوبھ بندي ڪرڻ، اسائنمينٽ جا عنوان مھيا ڪرڻ، ڪوئيز تيار ڪرڻ ۽ ڪلاس ۾ بحث جا موضوع تيار ڪرڻ ، اسائنمينٽ يا ڪنھن بھ قسم جي امتحان کي جاچڻ لاءِ ريوبرڪ تيار ڪرڻ  ۽ وقت بچائڻ  ۾ مدد ڪري ٿي ۽ شاگردن کي ترت مضمونن، اسائنمينٽن ۽ امتحانن جي نتيجن جي خبر پوي ٿي.

(ب) صحت ۽ دوائن ۾ بهتري

مصنوعي ذهانت جي مدد سان صحت جي شعبي ۾ بهتري آندي پئي وڃي. مثال طور روبوٽڪ سرجري يا جراحي، مختلف بيمارين کي سڃاڻن ۽ انھن جي علاج ڪرڻ ، بيماري جي ختم ٿيڻ اڳڪٿي ڪرڻ.  اھڙي طرح خودڪار  اوزارن ذريعي رپورٽون، ايڪسري يا اسڪين وغيرھ  جي چڪاس ڪرڻ ۽ ڊجيٽل ڊاڪٽر ِيا خودڪار ڊاڪٽر  جي ھر وقت موجودگي. جھڙا ڪم پڻ ھي ٽيڪنالاجي ڪري رھي آھي، جنھنڪري  بيمار ماڻھن جو تعداد گھٽجي پيو ۽ صحتمند سماج جڙي رھيو آھي، اھڙي طرح صحت جي شعبي ۾  تمام گھڻي ترقي ٿيندي نظر اچي  رھي آھي.

(ت) زراعت جي واڌاري لاءِ

زرعي شعبي ۾ ھٿراڌو ذھانت جو استعمال پيداوار وڌائڻ، زمين جي تجزئي ۽ جديد آبپاشي نظامن لاءِ مددگار ثابت ٿيو آهي. روبوٽس ۽ ڊرون ٽيڪنالاجي ھٿراڌو ذھانت جي مدد سان سوڪھڙي ، پاڻي جي مسئلن، جيت لڳڻ، ڪھڙو فصل پوکجي، ڪيترو پاڻي ڏجي وغيرھ جي مسئلن کي حل ڪري سگھجي ٿو.  ھٿراڌو ذھانت جي اوزارن  جو استعمال ڪري  سنڌ ۽ پاڪستان جي زرعي شعبن ۾  ترقي سان گڏ وڏي پيماني تي  تبديلي آڻي سگهجي ٿي. جنھن سان زراعت ۾ ترقي ايندي ۽ ماڻھو خوشحال ٿيندا.

(ث) واپار ۽ معيشيت ۾ ترقي

ھٿراڌو ذھانت جي  طريقن ۽ ماڊلس تي تيار ٿيندڙ  تجزياتي اوزارن جي مدد سان واپاري فيصلا بهتر ٿي سگهن ٿا بلڪ بھتر ٿي رھيا آھن.  مالي ادارن ۽ بينڪن لاءِ ھٿراڌو ذھانت جا نظام  تمام گھڻي  اهميت رکن ٿا. ھن ٽيڪنالاجي جي ڪري سڪيورٽي سسٽم، آن لائين واپار ۾ بھتري اچي رھي آھي ۽ فراڊ جي روڪٿام ٿي رھي آھي. آمدني جي واڌاري جي ڪري ملڪن جي معيشيت بھتر ٿي رھي آھي. مشين لرننگ ۽ ڊيٽا سائنس جي ميلاپ جي ڪري واپار ۽ صنعت جي شعبن ترقي ٿي رھي جنھنڪري معيشت بھ تيزي سان ڪري رھي آھي. پاڪستان ۾ ھٿراڌو ذھانت ۽ ڊيٽاسائنس جو استعمال گھٽ ھجڻ جي ڪري معاشي ترقي گھڻي نھ ٿي رھي آھي.

(ج) سپر هيومن انٽيليجنس ۽ خودڪار نظام

ھٿراڌو ذھانت جو خودڪار نظام ھاڻ عام انسان  جي ذھانت کي پٺتي ڇڏي رھيو آھي. ھن ٽيڪنالاجي جي ترقي سان مشين لرننگ ۽ ڊيپ لرننگ جا ماڊل پيچيدھ مسئلا حل ڪري رھيا آھن، جيڪي اڳ ۾ صرف ماھر ماڻھو ئي ڪري سگھندا ھئا. ھن وقت مشين کي سکيا ڏئي ان کي  سپر ھيومن يا ھڪ ڏاھو، ھوشيار ۽ ماھر انسان بڻايو وڃي پيو، اھڙي طرح اھا اڳڪٿي ڪئي وڃي پئي تھ اھا مشين انسان کان وڌيڪ ڏاھپ،  تحقيق ۽ سائنس وغيرھ وارا ڪم ڪري سگھندي. ھي ٽيڪنالاجي جي تاريخ ۾ اھم ترقي ھوندي جيڪا سماجن، قومن ۽ ملڪن کي تبديل ڪندي. ھن وقت آرٽيفيشل جنرل انٽيليجنس تي ڪم ٿي رھيو آھي، تنھنڪري ھي  ٽيڪنالاجي 2030ع تائين مشين کي خودمختيار بڻائڻ، ان ۾ سوچڻ، سکڻ ۽ پنھنجو پاڻ فيصلو ڪرڻ جي سگھه  پيدا ڪري سگھي ٿي. اھو عمل ارتقا جو ھڪ نئون دور شروع ڪندو جيڪي ماڻھن ۽ دنيا کي ترقي ۽ زندگي گذارڻ جو ھڪ نئون رک ڏيکاريندو جنھنڪري مستقبل ڪيتريون تبديليون اچڻ واريون آھن جيڪي اڄ جو انسان شايد نھ مڃي پر اھي تبديليون اڻٽر آھن. ان لاءِ اسٽيفن ھاڪنگ چيو ھو تھ مستقبل جي جنگ انساني ڏاھپ ۽ ٽيڪنالاجي جي وچ ۾ ٿيندي، ڏسون تھ انساني ڏاھپ اھا جنگ ڪيئن کٽي ٿي.

 (ح) طبي سائنس ۽ صحت جي صنعت

ھٿراڌو ذھانت طبي سائنس سان گڏجي نوان علاج دريافت ڪري رهي آهي ۽  نيون دوائون تيار ڪري رهي آهي. اھڙي طرح  دوائن  ۽ انھن جي ٺاھڻ جي طريقي کي بهتر بڻائي رهي آهي ، جنھنڪري صحت جي شعبي ۾ واضح ترقي ٿيندي نظر اچي رھي آھي. 2030ع تائين ڪينسر، دل جي بيمارين ۽ الزائمر جھڙن  مرضن يا  بيمارين جي علاج ۾ ھٿراڌو ذھانت جي ڪري تمام گھڻي مدد ملندي ۽ اھڙين بيمارن جا علاج دريافت ٿي ويندا. اھڙي طرح ھٿراڌو ذھانت جي ذريعي روبوٽڪ سرجري يا جراحي ۽ ٽيلي ميڊيسن تي ڪم ٿي رھيو آھي، جنھن ذريعي مريضن جي روبوٽ آپريشن ڪري سگھن ٿا ۽ ڏورانھن علائقن ۾ رھندڙ بيمار ماڻھن جو  ٽيلي ميڊيسن جي ذريعي علاج ٿي سگھي ٿو. دنيا ۾ تھ اھي ڪم ٿي رھيا آھن پر  پاڪستان ۾ ان سلسلي ڪم ٿي رھيو  آھي.

ھٿراڌو  ذهانت جديد دنيا ۾ هڪ طاقتور ٽيڪنالاجي جي صورت ۾ اڀري رھي آهي، جيڪا مختلف شعبن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ھٿراڌو ذھانت جي  سگهھ ۽ موقعا سڄي دنيا لاءِ ھڪ نئين ترقيءَ جو دورازو کولي رھيا آھن. تنھنڪري اسان کي گھرجي تھ ھٿراڌو ذھانت جي مثبت استعمال کي وڌايون ۽ ان جي فائدن کي عام ماڻھن تائين پھچايون. ڇاڪاڻ تھ ھي  ٽيڪنالاجي صرف هڪ ٽيڪنالاجي ناهي، پر هڪ عالمي انقلاب آهي، جيڪو  2030ع تائين ڪيترن ئي شعبن کي بدلائي ڇڏيندو. حڪومتي  ۽ غير حڪومتي ادارن کي اسڪول ايجوڪيشن کان وٺي يونيورسٽي تائين ھن اھم ٽيڪنالاجي استعمال ڪرڻ گھرجي ۽ ان جي مختلف قسمن تي تحقيق ڪرڻ لاءِ  سيڙپڪاري ڪرڻ گھرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.