افغانستان مان ايندڙ اطلاعن موجب حقاني نيٽ ورڪ جي هڪ اهم شخصيت ۽ افغان گهرو وزير سراج الدين حقاني عهدي تان مستعفي ٿي ويو آهي. ذريعن تصديق ڪئي آهي ته طالبان جي سپريم ليڊر هيبت الله اخوندزاده سراج حقاني جي استعيفيٰ قبول ڪري ورتي آهي. ذريعن جو خيال آهي ته طالبان قيادت ۾ اندروني اختلاف ۽ سراج الدين حقاني جو وزارتي ذميوارين کان ڊگهي عرصي تائين غير حاضر رهڻ سندس استعيفيٰ جا سبب آهن.
ڪجهه وقت اڳ، جڏهن سراج الدين حقاني کي ڪابل ۾ سيڪيورٽي سميت ڪجھ ٻين ذميوارين کان ھٽايو ويو ھو.جنھن تي ھوءَ ناراض ٿي پرڏيهه هليو ويو.پر ان بعد طالبان حڪومت توڙي حقاني نيٽ ورڪ ان عمل جي سرڪاري طور تصديق يا ترديد نھ ڪئي.آهي. سراج الدين حقاني جي ڀاءِ جي قتل بعد ھن جا خدشا، خوف ۽ بي چيني چٽا ٿي ويا ھئا. سراج الدين حقاني جو مقتول ڀاءُ طالبان حڪومت ۾ هڪ سرگرم ۽ بااثر وزير هو،جنھن کي ھڪ دهشتگرد حملي ۾ ماريو ويو.
اڳوڻي افغان گهرو وزير ۽ حقاني نيٽ ورڪ جي اڳواڻ سراج الدين حقاني جي طالبان حڪومت کان استعيفيٰ ڏيڻ جو بنيادي سبب طالبان سرڪار سان عورتن جي تعليم سان گڏ ٻين حڪومتي پاليسين تي اختلاف بھ ھو.اھي اختلاف تڏهن وڌي ويا جڏهن طالبان جي هڪ وفد کي افغانستان بابت فيوچر ٿاٽ فورم لاءِ قطر جي سفر ڪرڻ کان روڪيو ويو ڇاڪاڻ ته ان وفد ۾ عورتون به شامل هيون.
سراج الدين حقاني جي استعيفيٰ طالبان انتظاميا کي درپيش چئلينجن کي پڌرو ڪري ٿي. جتي افغانستان جي مستقبل لاءِ بابت مختلف نظريا رکندڙ طالبان قيادت تقسيم ٿي وئي آھي.ذڪر جوڳي ڳالھ ھي بھ آهي ته سراج الدين حقاني ملا هيبت الله اخوندزاده جو نائب پڻ رهي چڪو آهي.سراج الدين حقاني، خليفي ۽ سراج حقاني جي نالي سان پڻ ڄاتو وڃي ٿو.اھو هڪ مشهور افغان سياستدان ۽ جهادي اڳواڻ آهي. افغان انقلاب ۽ افغانستان تي سوويت حملي جنم وٺندڙ سراج حقاني افغان جهاد جي عروج دوران جوان ٿيو. اهو سمجھيو ويندو آهي ته هو 1973 ۽ 1980 جي وچ ۾ هڪ جنگجو ماحول ۾ پيدا ٿيو ۽ هڪ انتهائي اسٽريٽجڪ فوجي ڪمانڊر سمجهيو ويندو آهي.
سراج حقاني طالبان جي نائب امير ۽ حقاني نيٽ ورڪ جي سربراهه طور فرض انجام ڏئي چڪو آهي. هن افغانستان ۾ آمريڪي ۽ اتحادي فوجن خلاف ڪيترن ئي حملن جي رٿابندي سميت ان جي ڪمانڊ ڪئي. آمريڪا ھن جي سر تي 10 ملين ڊالر جو انعام رکيو هو.حقاني نيٽ ورڪ 1970 جي ڏهاڪي ۾ هڪ فوجي ۽ نظرياتي تنظيم جي طور تي جلال الدين حقاني پاران قائم ڪئي وئي. ھي نيٽ ورڪ افغان مجاهدين جي اهم اڳواڻن مان هڪ هو. وقت سان گڏ اهو حقاني نيٽ ورڪ جي نالي سان مشهور ٿيو. حقاني نيٽ ورڪ کي پاڪستان جي سڀ کان وڌيڪ وفادار ويڙهاڪ گروپن مان بھ هڪ سمجهيو ويندو هو، جيڪو افغانستان جي سرحد سان لڳ پاڪستان جي قبائلي علائقن مان ڪم جاري رکندو هو.اصل ۾ جلال الدين حقاني، انجنيئر گلبدين حڪمت يار ۽ احمد شاهه مسعود کي ذوالفقار علي ڀٽو دور جي اسٽيبلشمينٽ ذريعي افغانستان جي پشتون حڪومت خلاف استعمال ڪرڻ لاءِ ذميواري ڏني وئي ھئي. بعد ۾ انهن کي سوويت يونين خلاف افغان جهاد ۾ وڏي پيماني تي استعمال ڪيو ويو.جلال الدين حقاني هڪ مشهور ۽ ماهر جنگي ڪمانڊر هو جنهن سوويت يونين خلاف اهم ڪردار ادا ڪيو.
1980 جي ڏهاڪي دوران جلال الدين حقاني سي آءِ اي ۽ آءِ ايس آءِ جو من پسند فوجي ڪمانڊر هو، جنهن کي جوڳي مالي ۽ فوجي مدد ملندي هئي. هن سوويت فوج خلاف سخت جنگ وڙهي. طالبان جي افغانستان تي قبضي کان پوءِ، حقاني نيٽ ورڪ طالبان حڪومت جو حصو بڻجي ويو.جلال الدين حقاني جي وڏي ڄمار ۽ خراب ٿيندڙ صحت جي ڪري سندس پٽ سراج الدين حقاني، حقاني نيٽ ورڪ جي قيادت سنڀالي، جنھن بعد پنهنجي فوجي ۽ نظرياتي صلاحيتن جو مظاهرو ڪندي، سراج حقاني نه رڳو نيٽ ورڪ جي فوجي صلاحيت کي وڌايو پر ان جي سياسي ۽ نظرياتي سڃاڻپ کي به سگھارو ڪيو.
سوويت جنگ دوران پھرين تھ حقاني نيٽ ورڪ مان آمريڪا فائدو ورتو پر بعد ۾ پنهنجي رواجي موقعي پرستي جو مظاھرو ڪندي ان نيٽ ورڪ کي دهشتگرد تنظيم جي فھرست ۾ شامل ڪيو. جنهن کان پوءِ ٻين ڪيترن آمريڪي حامي ملڪن بھ پوئواري ڪندي ان نيٽ ورڪ کي دھشتگرد قرار ڏنو.حقاني نيٽ ورڪ اڄ پڻ سڀ کان وڌيڪ منظم ۽ سرگرم جهادي نيٽ ورڪ آهي، خاص طور تي ڏکڻ ۽ اوڀر افغانستان ۾ ان جو خاصو اثر آھي. ان نيٽ ورڪ آمريڪا جي پٺڀرائي واري افغان حڪومتن، افغان سيڪيورٽي فورسز، نيٽو ۽ آمريڪي فوجين خلاف سخت مزاحمت ڪئي، جنهن انھن کي وڏو نقصان ڏنو ھو.
نيٽ ورڪ پاران فوجي تربيتي مرڪز پاڪستان جي اڳوڻي قبائلي علائقن، خاص طور تي اتر وزيرستان ۾ قائم ڪيا ويا هئا. ايتري تائين جو اڄ پڻ پاڪستان ۾ حقاني نيٽ ورڪ جي موجودگيءِ ٻين سڀني ويڙھاڪ تنظيمن کان وڌيڪ موثر آهي.حقاني نيٽ ورڪ جا تاريخي طور تي القاعده، طالبان، ۽ ٻين جهادي گروپن سان ويجھا لاڳاپا رھيا ۽ انھن مختلف قوتن خلاف ڪئين ڪارروائين ۾ ھڪ ٻئي جي مدد ڪئي. خاص طور تي القاعده سان ان جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط رهيا، ٻئي گروپ هڪ ٻئي کي ھر خطي تي مدد فراهم ڪندا رهيا آهن.
گڏيل قومن حقاني نيٽ ورڪ کي هڪ دهشتگرد تنظيم قرار ڏنو آهي ۽ ان تي الزام لڳايو آهي ته اهو افغانستان ۽ پاڪستان جي قبائلي علائقن ۾ پنهنجون سرگرميون جاري رکي ٿو. هن نيٽ ورڪ کي علائقي ۾ دهشتگرد ۽ فوجي ڪاررواين جو ذميوار سمجهيو ويندو آهي. ان جي فوجي ڪاررواين علائقي جي سيڪيورٽي تحرڪ کي خاص طور تي متاثر ڪيو آهي، جنهن جي ڪري اهو مسلسل بين الاقوامي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي.پشتون قوم پرست ۽ دانشور سراج الدين حقاني کي بنھ مختلف نقطھ نظر سان ڏسن ٿا. اهي سندس استعيفيٰ کي پشتون سرزمين تي هڪ نئين جنگ جي شروعات سمجهن ٿا. تجزيه نگارن جو خيال آهي ته هن ايندڙ خوني تڪرار جو مرڪز قنڌار ۽ وزيرستان هوندا، جن تي ٻه وڏيون پشتون قبائلي ڪنفيڊريشنون، سراباني ۽ ڪرلاني، غالب هوندا.
احمد شاهه ابدالي کان اڳ ۽ پوءِ پشتونن ڪڏهن به حقيقي عروج جو دور نه ڏٺو. ڏکڻ پختونخوا ۽ بلوچستان جي پشتونن جي ڪا به سياسي يا فوجي اهميت ناهي. خيبر پختونخوا جا پشتون پاڪستان جي قومي ڌارا ۾ شامل ٿي ويا آهن؛ انهن جي بقا، ترقي ۽ خوشحالي پاڪستان سان ڳنڍيل آهي.ڪجهه پشتون تجزيه نگارن اڳڪٿي ڪئي هئي ته آخري مرحلن ۾ افغان طالبان پشتون قوم پرستي ڏانهن جھڪندا ۽ پشتون بحالي جو ذريعو بڻجي ويندا. پر، هاڻي انهن جون اميدون ٽٽي ويون آهن.اهو سمجهيو پيو وڃي ته طالبان حڪومت اندروني اختلافن جي ڪري ايندڙ ڏينهن ۾ ٽٽي سگهي ٿي ۽ نتيجي ۾ هڪ نئين افغان گھرو ويڙھ شروع ٿي سگهي ٿي. هي نئون وڳوڙ اتر اتحاد کي به سرگرم ٿي سگهي ٿو، جيڪو افغانستان جي پشتون ۽ غير پشتون علائقن کي الڳ ڪرڻ جو مطالبو ڪري سگهي ٿو.
ايئن لڳي ٿو ته افغانستان جي لساني ورهاست پاڪستان ۽ عالمي قوتن جي مفادن سان ڳنڍيل آهي. جيڪڏهن اهڙي صورتحال جنم ورتو تھ طالبان قنڌار تائين محدود ٿي ويندا، ان سان انهن جو اثر پڻ گهٽجي ويندو.
پاڪستان جي وفادار اتحادي جي حيثيت سان، حقاني نيٽ ورڪ مان اميد ڪئي پئي وڃي ا هو ڊيورنڊ لائين جي ٻنهي پاسن تي پشتون علائقن جي انتظاميه جي نگراني ۽ حفاظت ڪندو. حقاني نيٽ ورڪ اتر اتحاد ۽ پاڪستان وچ ۾ هڪ بفر زون طور ڪم ڪندو.پاڪستان جي اڳوڻي قبائلي علائقن، خاص طور تي وزيرستان ۽ ڏاکڻي ضلعن ۾ حقاني نيٽ ورڪ جي طاقت، ٻاهرين خطرن جي خلاف حفاظتي ڍال جو ڪم پڻ ڪندي.اهڙا گھڻا اشارا ملي رهيا آهن ته افغانستان چين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ هڪ نئين سرد جنگ جو ميدان بڻجي رهيو آهي. بدقسمتي سان، هن تڪرار جا شعلا تيزي سان ڀڙڪندا پيا وڃن.هن باهه کي روڪڻ لاءِ، پاڪستان جي پشتون پٽي ۾ حقاني نيٽ ورڪ جي اثر کي اسٽريٽجڪ سيڪيورٽي جو هڪ اهم عنصر سمجهيو ويندو آهي.
ساڳئي وقت تي حقاني نيٽ ورڪ سان سڌي يا اڻ سڌي طرح ڳنڍيل مذهبي اڳواڻن ۽ عالمن جي ٽارگيٽ ڪلنگ کي گروپ کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش طور ڏٺو پيو وڃي. پشتون سرزمين تي خونريزي جا ڪڪر گھاٽا ٿي وسي رهيا آهن.پشتون قوم پرست پارٽيون ۽ عوام انهن وڌندڙ خطرن کي نه ته تسليم ڪري رهيا آهن ۽ نه ئي ان کي منھن ڏيڻ لاءِ ڪا تياري ڪري رهيا آهن، جنهن جي ڪري مستقبل وڌيڪ خطري ۾ پئجي رهيو آهي. افغان گهرو وزير سراج الدين حقاني جو عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ ڪو رواھي واقعو ناهي، پر هڪ نئين جنگ جو اشارو آهي.