ڪاش اسان نصير سومري کي بچائي سگهون ها!

پاڪستان جي تاريخ ۾ ڊگهي شخص جو اعزاز حاصل ڪندڙ نصير سومرو جنهن جو ڪالهه لاڏاڻو ٿيو آهي، تنهن جو تعلق   شڪارپور سان هو. هن کان اڳ ڊگهي ۾ ڊگهو قد رکندڙ عالم چنو به سنڌي ۽ سيوهڻ ڄائو هو. جڏهن ته نصير سومري، 1974ع ۾، شڪارپور شهر جي هڪ غريب گهراڻي ۾ جنم ورتو.

هي جڏهن اٺن سالن جي عمر کي پهتو، ته هن جي قد ۾ اوچتو غير معمولي واڌ ٿيڻ لڳي، جنهن سندس گهر وارن کي پريشانيءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو ۽ هنن ڊاڪٽرن سان مشورو ڪيو، جن کين ٻڌايو ته نصير جي هارمونس ۾ تيزيءَ سان واڌ ٿي رهي آهي، جنهن کي دوائن رستي روڪڻ سان هن جي زندگي ۽ صحت کي نقصان رسي سگهي ٿو. اهڙيءَ ريت هن جي قد ۾ اضافو ٿيندو رهيو ۽ کوڙ سارين مشڪلاتن ۾ مبتلا ٿيندو ويو. وڏي قد سبب اسڪول ۽ ڪاليج ۾ کيس سدائين پوئينءَ بينچ تي ويهاريو ويندو هو ۽ گهر ۾ کٽ تي سمهي نه سگهندو هو، جنهن ڪري گهر وارن هن لاءِ ڪاٺ جو صندل ٺهرايو. اهڙيءَ ريت هن ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيندي گرئجوئيشن ڪئي.

گرئجوئيشن کانپوءِ نوڪريءَ جي تلاش ۾ ڪراچيءَ جو رخ ڪيائين، پر کيس نوڪري نه ملي. ان وچ ۾  سيد عبدالله شاهه جي وڏ وزارت واري دور ۾ هڪ ڀيري شڪارپور ۾ شاهه صاحب کيس ڏٺو ۽ کيس ڪراچيءَ اچڻ لاءِ چيائين. سيد عبدالله شاهه کيس چيف منسٽر هائوس ۾ نوڪري ڏني، جتي کيس هر سهولت حاصل هئي ۽ هن پنهنجو وقت چڱيءَ ريت گذاريو، پر جڏهن پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ختم ٿي ته کيس نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو. نصير سومرو هڪ ڀيري محترمه بينظير ڀٽو جي دعوت تي دبئيءَ به ويو هو ۽ محترمه جي سالگرهه ۾ شريڪ ٿيو، جتي بينظير صاحبه ساڻس واعدو ڪيو هو ته هوءَ اقتدار ۾ اچي کيس نوڪري ڏيندي.

نصير سومرو هڪ غير معمولي شخص هو، هن اڌ کان مٿي دنيا گهمي ڏٺي. کيس پنهنجي ڌرتيءَ سان بي پناهه محبت هئي، جڏهن جپان جي هڪ خوبصورت ڇوڪريءَ ساڻس شادي ڪرڻ ۽ جپان ۾ رهڻ جي خواهش ظاهر ڪئي ته نصير انڪار ڪيو ۽ پنهنجي مادر وطن ۾ رهڻ کي ترجيح ڏني.

نصير سومري 1999ع ۾ هڪ دوست جي مدد سان پاڪستان ۾ موجود گنيز بڪ وارن سان رابطو ڪيو ته هو دنيا جو هن وقت وڏي قد وارو ماڻهو آهي. کيس انگلنڊ موڪليو ويو، جتي اڳ ۾ ئي تيونس جو هڪ ڊگهي قد وارو ماڻهو آيل هو، جنهن ڪري نصير سومري کي پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي قد واري ماڻهو جو اعزاز مليو. هن اهڙيءَ ريت 2000ع جو اعزاز ۽ سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيو. سندس قد 7 فوٽ 8 انچ آهي. هن اعزاز کانپوءِ پاڪستان جي هڪ چمڙي جي مصنوعات واري ڪمپني کيس هانگ ڪانگ ۾ بين الاقوامي نمائش ۾ وٺي وئي، جتي هو پاڪستان جي اسٽال تي موجود رهيو ۽ ڪمپنيءَ کي وڏو فائدو رسيو. ان کانپوءِ کيس هڪ بنگالي شو آرگنائيزر بنگلاديش وٺي ويو، پر اتي شو نه ٿيڻ جي صورت ۾ کيس ايئرپورٽ تي ڇڏي کسڪي ويو. جڏهن اتان جي حڪومت کي خبر پئي ته کيس مهمان ڪري رهايو ويو ۽ تحفا سوکڙيون ڏئي پاڪستان روانو ڪيو ويو.

نصير سومري هڪ عام ماڻهوءَ وانگر هڪ ڇوڪريءَ سان عشق ڪيو، پر ان جي شادي ٿي وئي، جنهن ڪري هن سڄي زندگي ڪنواري رهڻ جو فيصلو ڪيو. نصير سومرو شلوار قميص 14 ميٽرن جي ٺهرائيندو آهي ۽ هن جي بوٽ جي سائيز 19 انچ آهي، جيڪو اسپيشل آرڊر تي ٺهرائيندو آهي. هن جو وزن 200 پائونڊ آهي. هن وقت شڪارپور ۾ رهائش پذير آهي.

نصير سومرو وڏي وقت کا  گردن جي بيماري ۾ ورتل هو، سندس علاج لاءِ هر سطح تي آواز اٿاريو ويو پر حڪومت اعليٰ سطح تي سندس علاج نه ڪرائي سگهي ۽ ائين اسان پنهنجي روايتي بيقدري سان ملڪ جي ڊگهي کان ڊگهي قد واري شخص کي بي وقتائتي موت کان بچائي نه سگهياسين ۽  هڪ قيمتي اعزاز کان به پاڻ کي محروم ڪري ڇڏيوسين.

(انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا تان ورتل)

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.