18مارچ 1871ع جي صبح جو جڏھن پيرس جي ماڻھن جي اک کلي ته ھر طرف "انقلاب زنده آباد” جي نعرن سان سڄو شھر گونجي رھيو ھو جن جي ھٿن ۾ ڪارا ۽ ڳاڙھا جھنڊا هئا جيڪي ھو نعرن جي گونج ۾ ڦڙڪائي رھيا هئا ۽ انٽرنيشنل جا ترانا ڳائي رھيا هئا ـ ھر مک تي اميد جي ھڪ نئين مرڪ وکريل هئي ۽ پوري شھر ۾ عيد کان وڌيڪ رونق هئي ـ چرچ لاءِ وقف جاگيرون ضبط ٿي چڪيون ھيون ۽ پادرين کي حڪم ٿيو ته ھو فوري طور تي ڪم ۽ ڌنڌي سان لڳي وڃن ـ ھر بالغ مرد توڙي عورت کي ذميواري ورهائي ڏني وئي ۽ ڪو به بيروزگار نه ھوـ جن پادرين ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو انھن ڀڄي جان ڇڏائي ـ ڪميون چئن قسمن جي برابري يا اشتراڪيت فوري طور تي ڪري ڇڏي جنھن ۾ سياسي برابري، سماجي برابري، انساني برابري ۽ معاشي برابري شامل هئي ـ پيرس جا شھري خوش هئا ڇاڪاڻ ته ھنن جي مرضي جو انقلاب اچي چڪو ھو جنھن بابت پيرس ڪميون جو عظيم معمار جناب ايلائيس ريڪلس لکي ٿو ته "اڄ ھر ماڻھو کي پنھنجي قسمت پاڻ تعمير ڪرڻ جو حق ملي چڪو آھي”ـ
دراصل فرانس کي جرمني جي ھٿان شڪست ملڻ کان پوءِ فرانس جا شھري نون حڪمرانن تي سخت ڏمريل هئاـ جن جرمني جا جنگ بندي بابت اڻ وڻندڙ شرط مڃي صلح جي ٺاھ تي صحيح ڪري ڇڏي ۽ نتيجي ۾ عوام کي ان ٺاھ تي وڏا اعتراض هئا ۽ ان معاملي ۾ پيرس جي شھرين پاران شھر جي حفاظت لاءِ جوڙيل "نيشنل گارڊز” ۾ وڏو اضطراب موجود ھوـ اھڙي صورتحال ۾ پورھيتن جي عالمي تنظيم انٽرنيشنل ورڪنگ مينز ايسوسي ايشن جنھن کي فرسٽ انٽرنيشنل به چيو ويندو آھي ان تنظيم پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پيرس ۾ قائم ان جي سيڪشن سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون ـ جيتوڻيڪ اھم ڪامريڊ اڳواٽ گرفتار ٿي چڪا هئا پر جيئن ته انقلاب ڪڏھن به وڏن وڏن ليڊرن جو انتظار نه ڪندو آھي انڪري پيرس جي شھرين به ڪنھن جو انتظار نه ڪيو! ايلائيس ريڪلس جيڪو پيرس جو امير ڪبير شخص ۽ نظرياتي طور تي انارڪسٽ ھو تنھن "ھر شخص پنھنجي قسمت پاڻ بدلائڻ لاءِ بااختيار ھوندو” جي نعري ھيٺ ھن عظيم انقلاب جو خاڪو جوڙيو جنھن کي پيرس ڪميون جو بعد ۾ معمار به قرار ڏنو ويوـ جڏھن ته خاتون انارڪسٽ ۽ اسڪول ٽيچر ليوئيس مشعل ، نٿالي ليميل، اين جيڪلارڊ ۽ ٻين عورتن گڏجي عورتن جي ھڪ برگيڊ تيار ڪري ورتي جنھن جي ذميواري شھر جي حفاظت ڪرڻ ھوـ پيرس ڪميون جو عورتن ۽ مردن جي ھڪ جيتري ۽ ھڪ جھڙي اشتراڪي برابري وارو مشھور اعلان جيڪو ڪميون برپا ٿيڻ کان ٿورو اڳ جاري ڪيو ويو ھو ان جو سھرو به گھڻي ڀاڱي ليوئس مشعل جي سر تي وڃي ٿوـ
پيرس ڪميون جي ابتدا 18-مارچ 1871ع تي ان وقت ٿي جڏھن جرمن فوج جي حملن کان پيرس شھر جي حفاظت لاءِ نصب ڪيل توپون کڻائڻ لاءِ آيل فوجن ۾ شامل ٻن فرينچ جنرلن کي انقلابي نيشنل گارڊ جي دستن قتل ڪري ٻين کي گرفتار ڪري ورتوـ اھا ڪارروائي ٿيڻ شرط پيرس جي شھرين ھڪ اھڙي انقلاب کي برپا ڪري ورتو جنھن ۾ نه ته ڪو صدر ھو، نه وري وزيراعظم يا ڪو ٻيو سربراهه مملڪت يا حڪمران ھوـ ايلائيس ريڪلس لکيو ته "ھاڻي ماڻھن کي پھريون ڀيرو اھو موقعو مليو آھي ته ھرڪو برابري ۽ اشتراڪيت جي بنياد تي وڃي پنھنجي قسمت پاڻ ٺاھي ۽ ڪنھن کي به اھو اختيار نه آھي ته ھو ڪنھن ٻئي ماڻھون جي قسمت ٺاھڻ لاءِ اختيار ھٿ ۾ کڻي”ـ ڪارل مارڪس پنھنجي مشھور تصنيف "سول وار ان فرانس” ۾ لکيو آھي ته "پيرس ڪميون جديد دور جو پھريون ڪميونسٽ انقلاب” آھي ۽ ان کي ڪچلڻ وارا ياد رکن ته ھاڻي اھڙا ڏھ ڪميون ٺھندا ۽ دنيا ڏٺو ته ڪارل مارڪس جي اھا پيشنگوئي اڳتي ھلي سچ ثابت ٿي پر پوءِ اڳتي ھلي اھي ڏھ ڪميون جن ۾ باويريا سوويت ڪميون، انڊپينڊنٽ انارڪسٽ ڪميون، ڏکڻ يوڪرين، ليو ٽالسٽائي وارن جو ماسڪو لڳ لائيف ۽ ليبر سميت تمام ڏھن ئي ڪميونز کي روسين اھو چئي برباد ڪري ڇڏيو ته جڏھن عالمي سطح تي اھڙي صورتحال جڙي ته پوءِ گڏجي ڪميون جوڙينداسين ۽ پوءِ دنيا ڏٺو ته ڪھڙي طرح اھي سموريون رياستون ڪميون بجاءِ رضاڪارانه طور تي سرمائيداري ڏانھن ھليون ويون ـ
پيرس ڪميون جيتوڻيڪ صرف 72 ڏينھن برقرار رھي سگھيو پر ڏسڻو اھو آھي ته ھن انقلاب آخر اھڙو ڇا ڏنو جو ڪارل مارڪس سميت سموري دنيا جي انقلابين اتفاق راءِ سان ان کي مڪمل ڪميونسٽ انقلاب قرار ڏنو؟ دراصل سڀ کان پھرين ته پيرس ڪميون ھڪ اشتراڪي ڪميونسٽ معاشرو ڏنوـ پيرس ڪميون پھرين ڀيرو چرچ جون زمينون ضبط ڪري پادرين کي ڪم سان لاتوـ پيرس ڪميون ڪرائين تي ڏنل جاين جي مسواڙ ضبط ڪري انھن کي بي گھر شھرين جي حوالي ڪيو ۽ اشتراڪيت قائم ڪرڻ جي نتيجي ۾ ان کي سرمائينداري ۽ رياست جي متبادل طور ڪميونسٽ سماج تسليم ڪيو ويوـ ٻيو ته خود ڪارل مارڪس به پيرس ڪميون جي پيداوار آھي جو ھن جڏھن ڪتاب سول وار ان فرانس لکيو ته ھو پوري يورپ ۾ مشھور ٿي ويو جڏھن ته فرسٽ انٽرنيشنل جو صدر جارج اودگر جنھن ڪميون جي مخالفت ڪئي ۽ چيو ته اھو وقت کان اڳ برپا ڪيو ويو آھي اھو مڪمل طور تي پسمنظر ۾ ھليو ويوـ ٽيون اھو ته جنگي حالتن جي باوجود پيرس ڪميون اپريل ۾ مڪاني ادارن جون چونڊون ڪرايون ۽ پيرس جي ميونسپل ڪميٽي جي اليڪشن ۾ نه صرف عورتن دنيا جي معلوم تاريخ ۾ پھريون ڀيرو ووٽ جو حق استعمال ڪيو بلڪه عورتن جو وڏو تعداد اليڪشن ۾ کٽي آيوـ
هلندڙ