کورواهه لڳ زميني تڪرار تان ٻن سڳن ڀائرن سميت 5 ڄڻا قتل،7 زخمي

بدين/ گولاڙچي(رپورٽ:رازق ڏنو کوسو+عيدن زندپور) کورواھ ڀرسان ڳوٺ الھبچايو راھمون ۾ چار ايڪڙ زمين جي مالڪي تان خاصخيلي ۽ راھمان برادري ۾ جهيڙي سبب ٻن ڀائرن سميت پنج ڄڻا قتل ٿي ويا،  7 ڄڻا زخمي ٿي پيا. مارجي ويلن ۾ انور راھمون، مدد علي راھمون، صديق راھمون، مجيد راھمون، ۽ احمد خاصخيلي شامل ، جڏھن تہ زخمين ۾ گل حسن، جمن ، يوسف خاصخيلي ، مينھن وسايو خاصخيلي، غلام محمد، واحد بخش ۽گلشير خاصخيلي شامل آھن  مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمي تعلقي اسپتال گولاڙچي منتقل ڪيا ويا. سمورن فوتين جا لاش ھڪ مزدا ۾ تعلقي اسپتال آڏو پيل رهيا.  عملو نه ھجڻ سبب لاشن جا پوسٽ مارٽم ۽ زخمين جو علاج به دير تائين نه ٿي سگھيو. ٽن زخمين کي بدين اسپتال منتقل ڪيو ويو. واقعو کورواھ پوليس جي لاپرواهي سبب. پيش آيو، گذريل ڏينھن چيٽ جي فصل جي لاباري تان ٻنھي ڌرين ۾ ڏند چڪ ٿي، جنھن بعد ڳوٺ جي نيڪ مرد صالح راھمون کورواھ ٿاڻي تي اين سي پڻ داخل ڪرائي.ايس ايس پي بدين قمر رضا جسڪاڻي اسپتال گولاڙچي پھچي تفصيل ورتا انھي موقعي ته ميڊيا سان ڳالهائيندي ايس ايس پي بدين قمر رضا جسڪاڻي چيو ته واقعي جي مڪمل انڪوائري ڪرائي ويندي. جيڪڏهن پوليس جي لاپرواهي ثابت ٿي ته پوليس اهلڪارن ۽ ايس ايڇ او جي خلاف ڪاروائيءَ ڪئي ويندي. بدين ھڪ پرامن ضلعو آھي انھي ۾ اھڙا واقعا ناقابل برداشت آھن.

  1. وڏي وزير بدين ضلعي ۾ جهيڙي جو نوٽيس ورتو، رپورٽ طلب

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بدين ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جو نوٽيس ورتو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آءِ جي پوليس کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. سنڌ جي وڏي وزير واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير جو ترجمان پوليس کي گهرجي ته اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ سخت قانوني ڪارروائي ڪري ۽ رپورٽ پيش ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.