گهوٽڪي/ اوٻاوڙو/رائونتي (رپورٽ:شيراز مهر+ عبدالحئي ڇڄڻ+ برڪت علي گهنڃو) ڏهرڪي ويجهو ٻيروٽا روڊ تي اڳوڻي صوبائي وزير ۽ پ پ پ جي ايم پي اي ڄام مهتاب حسين ڏهر مٿانهٿياربندن جي فائرنگ سبب سندس محافظ گارڊ مارجي ويو, ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا. کينجهو ٿاڻي جي حد ٻيروٽا روڊ تي اڳوڻي صوبائي وزير ۽ پ پ پ ايم پي اي ڄام مهتاب حسين ڏهر پنهنجي فارم هائوس تان واپس اچي رهيو هو ته مٿس هٿياربندن فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ سندس گارڊ ظفر علي ڏهر مارجي ويو. اسد شاھ, اختر پٺاڻ ۽ چنيسر ڌونڌو سميت ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا, اطلاع تي ايس ايس پي گهوٽڪي ڊاڪٽر سميع الله سومرو,ڊي ايس پي اوٻاوڙو عبدالقادر سومرو پوليس جي وڏي نفري سان گڏجي واقعي واري هنڌ پهچي ويا.هوڏانهن فوتي جو مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪرايو ويو. واقعي جو اطلاع ملڻ تي وڏي انگ ۾ سندس اتحادي ۽ پ پ پ جا ڪارڪن پهچي ويا. ھوڏانھن ايس ايس پي گھوٽڪي ڊاڪٽر سميع اللہ سومرو واقعي واري هنڌ پهچي ڪري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته علائقي ۾ سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي ۽ ملوث جوابدارن کي بخش نه ڪيو ويندو .ھوڏانھن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.
ڄام مهتاب ڏهر پاڻ مٿان حملي جو الزام شهريار شر تي هڻي ڇڏيو
گهوٽڪي/اوٻاوڙو: پ پ ايم پي اي ڄام مهتاب حسين ڏهر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته کينجھو واري علائقي مان پنهنجي زمين تي ويل هيس واپس ايندي سردار شهريار خان شر مون مٿان قاتلاڻو حملو ڪرايو آهي جنهن سبب منهنجا ڪجھ جوان زخمي ٿيا آهن ۽ هڪ گارڊ ظفر ڏهرموقعي تي قتل ٿي ويو ۽ هڪ زخمي ٿيل ڊرائيور زخمن جا سور نه سهندي اختر پٺاڻ به فوت ٿي ويو. مان پنهنجي زمين تي وڃي رهيو هئس ته رستي ۾ مونکي ويندي ڏٺو ۽ بعد ۾ ان هٿياربندن کي فون ڪري مون مٿان حملو ڪرايو آهي.
منهنجا هٿ صاف آهن، مهتاب ڏهر سياسي رنگ نه ڏئي: شهريار شر
ڏهرڪي: ڄام مهتاب ڏهر مٿان ٿيل حملي بعد حملي ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل سردار شهريار خان شر پنهنجو بيان سوشل ميڊيا تي ڏيندي چيو آهي ته ڄام مهتاب ڏهر مٿان ٿيل بعد ڄام مهتاب ڏهر مان مٿان حملو ڪرڻ جا الزام مڙهي رهيو آهي جنهن ۾ ڪا به صداقت ڪونهي جڏهن ته منهنجا هٿ صاف آهي ۽ مان پنهنجي گهر ويٺو آهيان ۽ بلڪل خيرخريت سان آهيان. هن چيو ته ڪجهه مهينا اڳ جڏهن مون مٿان حملو ٿيو ۽ حملي دوران منهنجو ڀائرن جهڙو دوست علي محمد شر شهيد ٿي ويو پر جن مونمٿان حملو ڪيو مونکي سڀ خبر پئي ته مون مٿان حملو ڪندڙ ڪنهن ڪنهن سان رابطي ۾ رهيا ۽ مونکي سڀ معلوم آهي پر مان ڪنهن به اهڙي سياسي ماڻهن جا نالا ظاهر نه ڪيا ته جيئن سندس مرحوم دوست علي محمد جي خون کي ڪو به سياسي رنگ نه ڏئي پر مهتاب ڏهر مٿان ٿيل حملي بعد مهتاب ڏهر رڳو شهريار شهريار چئي رهيو آهي هن چيو ته هن کي بغز شهريار جي بيماري لڳي وئي آهي. هن چيو ته ٻه ڏينهن اڳ ماڇڪو واري علائقي ۾ قتل ٿيل نوجوان جي قتل ڪيس ۾ هڪ سازش تحت منهنجو ۽ منهنجي پٽ جهانگير خان جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ اڄ ٻيهر ڊرامو ڪري مون مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي آهي. هن چيو ته مان ڪوڙن ڪيسن ڪا نه ٿو ڊڄان.
وڏي وزير ۽ نثار کهڙي پاران ڄام مهتاب تي حملي جي مذمت
ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گهوٽڪي ۾ ايم پي اي ڄام مهتاب حسين ڏهر جي قافلي تي فائرنگ جو نوٽيس ورتو. سنڌ جي وڏي وزير واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير آءِ جي پوليس کي هدايت ڪئي ته جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو وڃي. پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو گھوٽڪي ۾ پيپلز پارٽي جي ايم پي اي ڄام مھتاب ڏھر جي قافلي تي فائرنگ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي.
سياسي سماجي اڳواڻن پاران حملي جي مذمت
ڏھرڪي (ت ر)ايم پي اي ڄام مھتاب ڏھر مٿان ٿيل قاتلاڻي حملي بابت اطلاع مليا آھن تہ چار ڏينھن اڳ ڪچي واري علائقي ۾ وحيد سيلرو نالي نوجوان شر-سيلرا تڪرار ۾ زخمي ٿي پيو ھو. جنھن جي قتل جو ڪيس رحيم يار خان جي ماڇڪي ٿاڻي تي گناھ نمبر 10 سال 2025 قلم 302 ھيٺ مير شھر يار شر ۽ سندس پٽ جھانگير شر خلاف داخل ڪرايو ويو. اھڙي ڪيس داخل ڪرائڻ جو الزام ڄام مھتاب ڏھر ۽ سندس سٿ جي ساٿي احمد خان سيلرو مٿان لڳايو ويو.