نئون ديرو ۾ سنڌ بچايو ڪميٽي پاران غيرقانوني ڪئنالن خلاف احتجاجي ريلي

نئون ديرو (رپورٽ: محمد علي جروار) سنڌو بچايو ڪاميٽي جي سڏ تي سنڌو درياھ مٿان غيرقانوني طور ٺھندڙ ڇھن ڪئنالن خلاف ريلي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي شھيد ڀٽو، سنڌي ادبي سنگت، سنڌي ادبي سٿ، جي يو آءِ، ايس يو پي، اتحاد اهلسنت، پي ٽي آءِ، فنڪشنل ليگ، قومي عوامي تحريڪ، جساف، عوامي تحريڪ، مزدور اتحاد، غوٽيا جماعت، جماعت اصلاح المسلمين، تحريڪ نفاذ فقه جعفريه، سگا، وطن دوست فيڊريشن، سماجي اڳواڻن،  شھرين، استادن، وڪيلن، شاگردن ۽ معصوم ٻارڙن وڏي تعداد ۾ ريلي ۾ شرڪت ڪئي. راحيل عباس ڪلهوڙو، سرتاج شيخ، غلام حسين ڪٽپر، خالد ڪوري، مختيار ڪٽپر، عبدالرحمان سپڙو، شيبا مغل، عندالقدوس پنهور، نسيم مڱڻيجو، بچل منگي، ڊاڪٽر مظهر مغل، محمد عيسا جتوئي، فياض ابڙو ۽ ٻين خطاب ڪيو.

 چيو ته سنڌ جي ثقافت، تھذيب ۽ جياپي جو بنياد ۽ بقا سنڌو درياھ سان وابسته آھي ۽ سنڌو درياھ کي درپيش ڪي به خطرا سموري سنڌ ۽ سنڌو تھذيب کي مٍيسارڻ جو سبب بڻجندا. تنھن ڪري  درياھه تي زبردستي ٺھندڙ 6 غيرقانوني ڪئنال ٺاھڻ واري معاملي کي سنجيده وٺندي ان جي خلاف ھر سنڌي ماڻھوءَ کي پنھجي وس آھر پنھنجو ڀرپور آواز  اٿارڻو پوندو. . اسين سڀ سنڌي ماڻھو گڏيل طور تي مطالبو ٿا ڪيون ته سنڌو درياھ مٿان ڪو به غير قانوني ڪئنال نه ٺاھيو وڃي. سنڌي قوم سنڌو مٿان ٺھندڙ سمورن ڪئنالن کي پنھجي شعوري ۽ آئيني حق سان رد ڪري ٿي. سنڌوء مٿان ٺھندڙ ڪو به ڪئنال يا ڊيم، ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.