”بلوچستان ۾ وڏو آپريشن ڪرڻ وارا آهيون“

مريدڪي(م ڊ)  وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته بلوچستان ۾ دهشتگردن خلاف هڪ وڏو آپريشن ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، دهشتگردي جي موجوده صورتحال تي جلد اي پي سي به گهرائڻ جو ارادو آهي، افغان حڪومت سان رابطي ۾ آهيون، جڏهن ته ناظم الامور کي پڻ طلب ڪيو آهي، افغانستان کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته انهن جا دهشتگرد پاڪستان ۾ ڪارروائين ۾ ملوث آهن، افغان حڪومت کي دهشتگرد گروپن جي همت افزائي بند ڪري انهن خلاف ڪارروائي ڪري، وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي سان وفاق ۽ پنجاب ۾ ڪو به مسئلو ناهي، پيپلز پارٽي اسان جي مضبوط اتحادي آهي ۽ رهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.