فيصل آباد(م ڊ) وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءَ الله چيو آهي ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ ڀارتي ڳجهي ايجنسي ’را‘ جو هٿ آهي، را دهشتگردن جي ماءُ جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، ظالماڻين ڪارروائين لاءِ فنڊز ۽ هٿيار مهيا ڪري رهي آهي، هن چيو ته دهشتگرد گروهن جي سوچ ۽ خيال هڪ ٻئي سان نٿا ملن، انهن سڀني کي را گڏ ڪيو آهي، وڏي افسوس جي ڳالهه آهي ته افغان حڪومت پروڪسي جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، دهشتگردن کي جنهن قسم جي سهولت فراهم ڪئي آهي، ان جي مدد سان اهي دهشتگردي جون ڪارروايون ڪن ٿا، جيڪو انتهائي مذمت جوڳو عمل آهي.