پاڻي جياپو آهي ۽ جنهن سرزمين تي پاڻي موجود نه هوندو، اُتي زندگي ناپيد ٿي ويندي آهي. سنڌ، جيڪا دنيا جي قديم ترين تهذيبن مان هڪ آهي. مهراڻ جو ماڳ هزارن سالن کان سنڌو درياهه جي وهڪري سان سرسبز و شاداب رهندو پيو اچي . هي اهو ئي سنڌو درياهه آهي، جنهن جي ڪپ تي موهن جي دڙي جهڙي تهذيب هزارين سال اڳ اُڀري، جتي پوکي راهي، تجارت ۽ تهذيب جو بنياد پيو ۽ جيڪو سنڌ جي ماڻهن جي زندگيءَ جو اهم ترين سهارو رهيو آهي. اسان جي سنڌ ڌرتي، جيڪا زرعي ۽ آبي وسيلن سان مالا مال رهي آهي ۽ ھاڻ پاڻيءَ جي سنگين کوٽ جو شڪار آهي. درياهه ۾ پاڻيءَ جو وهڪرو گهٽجي رهيو آهي، واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي نٿو پهچي، زرعي زمينون بنجر بڻجي رهيون آهن، چوپائي مال لاءِ توڙي پيئڻ جو صاف پاڻي ميسر نه هجڻ سبب ڪيئي ماڻهو خطرناڪ بيمارين جو شڪار ٿي رهيا آهن..سنڌ جي پاڻيءَ جي کوٽ جو اصل ڪارڻ سياسي، معاشي، ۽ سامراجي سازشن جو نتيجو آهي، جيڪو سالن کان سنڌ جي عوام مٿان مڙهيو ويو آهي. پنجاب طرفان غير قانوني واهن ۽ ڊيمز ذريعي پاڻيءَ جي ڦرلٽ، وفاقي ادارن جي ناانصافي، موسمي تبديلي ۽ سامونڊي لوڻياٺ سنڌ جي زرخيز زمينن کي تباهه ڪري رهيا آهن.
سنڌ جي پاڻيءَ مٿان پنجاب جو قبضو آهي جيڪو پاڪستان جي ٺهڻ کان اڳ جو آهي جنهن تي تاريخ گواهه آهي. پر پاڪستان جي ٺهڻ کانپوءِ سنڌو درياهه جي پاڻيءَ جي ورڇ جو معاملو سدائين تڪراري رهيو آهي. برطانوي دور ۾ به سنڌو درياهه جي وهڪري تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ان وقت به سنڌ پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد جاري رکندي 1945ع ۾ سنڌ ۽ پنجاب وچ ۾ پاڻيءَ جي ورڇ بابت معاهدو ٿيو، جنهن تحت سنڌ جي پاڻيءَ جا حق تسليم ڪيا ويا. پر پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ پنجاب ان معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي سنڌو درياهه تي نوان واهه ۽ ڊيم اڏڻ شروع ڪري ڇڏيا.
1950ع ۽ 1960ع جي ڏهاڪن ۾ جڏهن انڊس واٽر ٽريٽي تحت ڀارت کي ستلج، راوي، ۽ بياس درياهه ڏنا ويا، تڏهن سنڌ کي يقين ڏياريو ويو ته ان جي پاڻيءَ جي ضرورتن جو خاص خيال رکيو ويندو. پر ان جي ابتڙ، پنجاب طرفان زبردستي واهه ۽ ڪئنال ٺاهي پاڻي پنهنجي زمينن تائين پهچائڻ شروع ڪيو.
اڄ پنجاب، سنڌ جي پاڻيءَ تي مڪمل طور تي قابض آهي سنڌو درياهه تي غير قانوني طور تي چشما جهلم لنڪ ڪئنال، تونسا پنجند لنڪ ڪئنال، گريٽر ٿل ڪئنال، ڪڇي ڪينال ۽ ٻيا واهه ٺاهي رهيو آهي، جيڪي خاص طور تي پنجاب جي عسڪري قوتن جي زمينن کي سرسبز رکڻ لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن ۽ مٿان وري چولستان جي سٺ لک بنجر زمين آباد ڪرڻ لاءِ چولستان واهه ڪڍي رهيو آهي. جڏهن ته سنڌ جا هاري پاڻيءَ لاءِ هن مهل سڪي رهيا آهن.
1991ع جي پاڻي ورڇ واري معاهدي مطابق، سنڌ کي سالانا 48.76 ملين ايڪڙ فوٽ ايم اي ايف پاڻي ملڻ گهرجي، پر عملي طور تي سنڌ کي پنهنجي حصي جو پورو پاڻي نٿو ملي. جڏهن به پنجاب کي پاڻيءَ جي ضرورت پوندي آهي ته تڏهن سنڌ جو پاڻي غيرقانوني طور تي روڪي وفاق پنجاب کي پاڻيءَ مهيا ڪري ٿو، جنهن سان سنڌ جي زراعت ۽ معيشت تي تمام وڏو ڪاپَاري ڌڪ لڳي رهيو آهي
مڃون ٿا پنجاب جي پاڻيءَ جي ڦرلٽ کانسواءِ، سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ جا ٻيا به ڪيترائي سبب آهن، جيڪي سنڌ جي عوام لاءِ وڌيڪ تڪليف جو سبب بڻجي رهيا آهن:
- موسمي تبديلي: برساتن جي گهٽتائي، گليشئرز جي تيزيءَ سان پگهرڻ ۽ عالمي سطح تي ماحولياتي تبديلي سبب پاڻيءَ جا ذخيرا متاثر ٿي رهيا آهن.
- سامونڊي لوڻياٺ: درياهه ۾ پاڻيءَ جو وهڪرو گهٽجڻ سبب سامونڊي پاڻي سنڌ جي زمينن کي بنجر بڻائي رهيو آهي، خاص طور تي ٺٽو، بدين ۽ سجاول جون هزارين ايڪڙ زمينون سامونڊي کاري پاڻي جي ور چڙهي چڪيون آهن.
- وفاقي ادارن جي ناانصافي: ارسا تي پنجاب جو اثر آهي، جنهن سبب فيصلن ۾ سنڌ سان ناانصافي ڪئي وڃي ٿي.سنڌ کي پنهنجي حقن لاءِ هاڻي نئين حڪمت عملي ٺاهڻي پوندي. جيڪڏهن هاڻ به سنڌ جي عوام، هارين، ۽ سياسي قيادت خاموشي اختيار ڪئي، ته ايندڙ ڪجهه ڏهاڪن ۾ سنڌ مڪمل طور تي بنجر ٿي ويندي .
پاڻي حل جي لاءِ ڪجهه نقطه هٺ ڏجن ٿا
1991ع جي پاڻي ورڇ واري معاهدي تي سختيءَ سان عمل ڪرايو وڃي ۽ وفاقي ادارن کان سنڌ جي پاڻيءَ جا حق وصول ڪيا وڃن. پنجاب جي غير قانوني واهن ۽ ڊيمن کي فوري طور تي بند ڪيو وڃي ۽ سنڌ جي پاڻيءَ تي قبضي خلاف عالمي فورمن تي آواز اٿاريو وڃي. وفاقي حڪومت کي پابند ڪيو وڃي ته سنڌو درياهه جي پاڻيءَ جي ورڇ ورلڊ بئنڪ جي ٽياڪڙي ذريعي ڪئي وڃي .پنجاب جي واهن تي ٽيلي ميٽر نظام لاڳو ڪيو وڃي . سنڌ جي زرعي نظام ۾ جديد واٽر مئنيجمينٽ متعارف ڪرائي وڃي، جيئن پاڻيءَ جي بهتر استعمال کي يقيني بڻائي سگهجي.
جيئن ڪالا باغ ڊيم جهڙي تڪراري منصوبي کي سنڌ جي عوام، سياستدانن، واپارين، هارين، زميندارن منصوبي کي سختيءَ سان رد ڪيو، ڇاڪاڻ ته ڪالا باغ ڊيم جي تعمير سان نه رڳو سنڌو درياهه جو وهڪرو گهٽجي وڃي ها، پر سنڌ جي زرعي زمينن، شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ پاڻيءَ جي کوٽ پيدا ٿئي ها. هاڻ وري به وقت اچي ويو آهي ته سنڌو تي ٺهندڙ غير قانوني ڇھه ڪئنالن کي به عوامي رد عمل سان مڪمل بند ڪيو وڃي.
سنڌو درياهه اسان جو جياپو آهي اُن تي ڌاڙو نامنظور سنڌ جو دارومدار پاڻيءَ تي آهي. جيڪڏهن سنڌ کي پنهنجو جائز پاڻي نه مليو، ته هتان جي زراعت، معيشت ۽ عوام جي بقا خطري ۾ پئجي ويندي. سنڌ جي ماڻهن کي پاڻيءَ جي هن جنگ ۾ متحد ٿي وڙهڻو پوندو، نه ته ايندڙ نسل لاءِ هتان جي زمين بنجر ۽ وسيلن کان خالي رهجي ويندي. سنڌ جي بقا لاءِ، سنڌ جي خوشحاليءَ لاءِ ۽ ايندڙ نسلن جي مستقبل لاءِ، پاڻيءَ جو تحفظ سڀني تي فرض آهي.