بدلجندڙ عالمي حالتون ۽ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي

تحرير: سڪندر چنو

جڏهن دنيا جي سپر پاور آمريڪا کي پاڪستان جي ضرورت هوندي آهي ته پوءِ آمريڪا پاڪستان مٿان سَوُ ڀيرا قربان وڃڻ لاءِ ڏاڍو بيقرار هوندو آهي. آمريڪا پاڪستان جي لاءِ ڊالرن جون ٽجوڙيون کولي ڇڏيندو آهي. ڊالرن جي عيوض آمريڪا پاڪستان کي پنهنجي فائدي مطابق استعمال ڪندي ڪم ڪڍي وٺندو آهي. پر جڏهن سندس ضرورت پوري ٿيندي آهي ته پوءِ هو پاڪستان کي وقتي طور نظرانداز ڪري ڇڏيندو آهي. پر جيڪڏهن پاڪستان معاشي طور پاڻ ڀرو هجي ته هروڀرو پاڪستان پاڻ کي هڪ ٽشو پيپر جيان استعمال ڇو ٿيڻ ڏئي؟

1979 ۾ جڏهن سوويت يونين هاڻوڪي روس افغانستان تي حملو ڪيو ته ان وقت افغان جنگ ۾ آمريڪا پاڪستان کي استعمال ڪيو ۽ افغان مجاهدن جي حمايت لاءِ آمريڪا پاڪستان کي سوويت يونين موجوده روس خلاف استعمال ڪيو. نيٺ پاڪستان اها جنگ افغان مجاهدين کي وڏي اسڪور سان کٽرائي. پر جنگ کٽڻ تي پاڪستان کي خوش ڪرڻ بدران آمريڪا پاڪستان مٿان مختلف نوعيت جون پابنديون مڙهي ڇڏيون. جن ۾ معاشي پابنديون به شامل هيون. جن ۾ پرسيلر ترميم نمايان هئي. ان ترميم عيوض پاڪستان مٿان 1991 ۾ فوجي امداد مڪمل طور بند ڪئي ويئي. پاڪستان وڏين ڏکيائن کي منهن ڏنو. ان کان پوءِ مشرف دور ۾ آمريڪا پاڪستان مان مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي امداد ڏني پر ان جي بدلي پاڪستان کان گهربل دهشت گرد حاصل ڪيا. ان کان اڳ 1992 ۾ 72 لک آمريڪي ڊالر امداد طور مليا. 1999 ۾ صرف 22 لک آمريڪي ڊالر امداد طور مليا. ان کان پوءِ وري نظرانداز ڪيو ويو. ايف 16 جهاز به نه ڏنا ويا. حالانڪه انهن جي رقم به آمريڪا کي مليل هئي.

2001 ۾ آمريڪا۾ اسامه بن لادن جي تنظيم القائده آمريڪا مٿان حملو ڪري آمريڪا جهڙي سپر پاور ملڪ کي لوڏي ڇڏيو ۽ آمريڪا جي ڳجهي ايجنسي سي آءِ اي کي به پنهنجي پيرن هيٺان لتاڙي ڇڏيو. ان کان پوءِ خوف ۾ ورتل آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر سندس کي پاڪستان ياد آيو. ۽ طالبان ۽ القائده خلاف آپريشن ۾ پاڪستان کي ڊالرن جي آڇ ڪندي اڳتي آڻيو. پاڪستان جي حڪمرانن پهريان به آمريڪا کان نه سکيو هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪا جو ساٿ ڏنو. 2004 ۾ ان وقت آمريڪي صدر چارڊ ڊبليوبش پاڪستان کي غير اهم نيٽو اتحادي فوج جو ميمبر بڻايو ۽ پوءِ پاڪستان کي فوجي امداد ۽ ٻيون مراعتون ڏنيون ويون. نيٽو جي بنياد 1949 ۾ پيو. ان وقت ٻئي عالمي جنگ ته ختم ٿي چڪي هئي پر وري جنگ ۾ حصو وٺندڙ ڪجهه قوتن وچ ۾ جنگ شروع ٿي ان سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ نيٽو اتحاد ٺاهيو ويو. ان اتحاد ۾ فيصلو ڪيو ويو ته تنظيم جي ميمبر ملڪن تي جيڪڏهن ڪنهن غير ميمبر حملو ڪيو ته گڏجي ان جو مقابلو ڪندا. هاڻي جڏهن آمريڪا افغانستان جنگ ۾ ناڪام  ٿيو ۽ راتو رات افغانستان مان سر بچائي ڀڄي نڪتو ته آمريڪا جا پاڪستان مان مفاد به ختم ٿي ويا ۽ پوءِ آمريڪا پاڪستان ۾ دلچسپي وٺڻ ختم ڪري ڇڏي.

هاڻي حالت اها آهي جو پاڪستان کي نان نيٽو اسٽيٽس مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ هڪ بل آندو ويو آهي جيڪو اڪثريتي راءِ سان پڻ منظور به ڪيو ويو آهي. حالانڪه پاڪستان آمريڪا جو خطي ۾ اهم اسٽريٽيجڪ پارٽنر به آهي بهرحال آمريڪا پاڪستان کي يوڪرين کان به گهٽ درجي تي رکي ڇڏيو آهي. ۽ آمريڪا يوڪرين کي به نيٽو جو اتحادي رڪن بڻايو آهي. پاڪستان خلاف اهو بل Andy Biggs جيڪو قانون ساز ادارو آهي پيش ڪيو هو. ان بل ۾ آمريڪي صدر کي چيو ويو ته جيستائن پاڪستان حقاني نيٽ ورڪ کي ختم نه ٿو ڪري تيستائين پاڪستان کي نيٽو اتحاد جو ميمبر نه ٿو ڪري سگهجي. حالت ڏسو. جڏهن پاڪستان ۾ آمريڪا جو مفاد ٿئي ٿو ۽ آمريڪا جنگ ۾ ڦاسي ٿو پوءِ تڏهن حقاني نيٽ ورڪ ياد ڪونه ٿو اچي. حالانڪه اهي بل اڄ تائين منظور نه ٿي سگهيو آهي. هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته تازو چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان خلاف اهو بل منظور ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويندو؟ ڇاڪاڻ ته ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان مٿان ڪيترائي ڀيرا تنقيد ڪري چڪو آهي.

تازو آمريڪا کي گهربل دهشت گرد شريف الله عرف جعفر پاڪستان پڪڙي آمريڪا حوالي ڪري ڇڏيو آهي جنهن تي نه صرف ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان جو شڪريو ادا ڪيو آهي آمريڪا جي فوجي هيڊڪوارٽر پينٽاگون پڻ آءِ ايس آءِ جي تعريف ڪئي آهي. افغانستان مان آمريڪي فوج جي نڪرڻ سبب پاڪستان جي اهميت گهٽجي ويئي آهي. هاڻي پاڪستان آمريڪا جي ريڊار تي ناهي رهيو. هاڻي جيڪڏهن آمريڪا ۽ چين وچ ۾ ڪا شراڪتداري نڪري پوي ٿي ۽ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ويڇا  ختم ٿي وڃن ته پوءِ پاڪستان جا ڀاڳ نروار ٿي پوندا. ۽ پوءِ ڪا پاڪستان لاءِ ڪا گنجائش نڪري سگهي ٿي. ان کان پوءِ پاڪستان آمريڪا جا لاڳاپا بهتر ٿي سگهن ٿا ۽ پاڪستان معاشي طور ايشيا ۾ تمام گهڻو اڳڀرو ٿي سگهي ٿو.

پاڪستان جي حڪمرانن ۽ اسٽيبلشمينٽ کي ملڪ جي خاطر ملڪ جي عوام خاطر ارڏائي کي ختم ڪرڻو پوندو. ملڪ مان دهشت گردن کي ختم ڪرڻو پوندو. ملڪ ۾ هڪ پر سڪون ماحول جوڙڻ سان ئي ملڪ ترقي ڪري سگهندو. ڏوهارين لاءِ پاڪستان هڪ محفوظ ملڪ آهي ڀارت پاڪستان سان هٿ ملائي ۽ ٻنهي ملڪن ۾ معاشي سرگرميون وڌڻ گهرجن. ٻنهي ملڪن جو عوام هڪ ٻئي ڏي اچي وڃي. پاڪستان گهڻي ڀاڳي شيون آمريڪا ڏانهن موڪلي ٿو ان ۾ اڃان به اضافو ڪرڻ گهرجي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.