روس يوڪرين لاڳاپا بهتر ٿيڻ جي اميد

آمريڪا جي نئين صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تبديل ٿيل پاليسي بعد ۽ يوڪرين جي جنگ ۾ مدد تان ھٿ کڻڻ بعد اھو سمجھيو پئي ويو تھ روس ۽ يوڪرين ۾ جلد جنگ بند ٿي ويندي.جنھن بعد يوڪرين جي صدر زيلنسڪي جي وائيٽ ھائوس مان تڙڻ جھڙي تاريخي واقعي کان پوءِ يورپ جي طرفان يوڪرين جي مدد لاءِ سامھون اچڻ اھڙو موڙ ھو، جنھن غيريقيني پئدا ڪري ڇڏي ھئي.دنيا ۾ جاري سفارتي ڪوششن سان ھاڻي اھي خبرون سامھو ن اچي رھيون آھن تھ ٽن ورھين کان جاري ھي جنگ روڪجي سگھي ٿي.

روسي صدر ولاديمير پيوٽن چيو آهي ته روس يوڪرين ۾ جنگ بندي لاءِ آمريڪي تجويزن سان متفق آهي، پر ڪنهن به جنگ بندي کي تڪرار جي بنيادي سببن کي حل ڪرڻ ۽ ان سان لاڳاپيل معاملن  کي حل ڪرڻ گهرجي.2022 جي شروعات ۾ روس  طرفان  يوڪرين تي حملي ۾ لکين ماڻهو مارجي ويا ۽ زخمي ٿيا، لکين ماڻهو  بي گهر ٿيا ۽ ڪيترائي شهر تباهه ٿي ويا.

تازوآمريڪا روس تي زور ڏنو آهي ته هو يوڪرين ۾ هڪ مهيني جي جنگ بندي تي "غير مشروط” طور تي متفق ٿئي جنهن تي روس راضي ٿي ويو آھي.روسي صدر ولاديمير پيوٽن جي آمريڪي جنگ بندي جي تجويز جي حمايت ٻي عالمي جنگ کان پوءِ يورپ ۾ سڀ کان وڏي تڪرار کي ختم ٿيڻ جو بهترين موقعو هوندو، ڇاڪاڻ ته يوڪرين به ان تجويز تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي.

پيوٽن بيلاروسي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو سان ڳالهين کان پوءِ ڪريملن ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ڪئي. جنھن ۾ سندس چوڻ ھو تھ هن جنگ بندي جي تجويزون تي صحيح ڪئي آھي ۽ اسان يقيني طور تي ان جي حمايت ڪريون ٿا، پر اسان ان حقيقت کان اڳتي وڌڻ چاھيون ٿا ته هي جنگ بندي اهڙي هجڻ گهرجي جنھن سان جٽادار امن قائم ٿئي ۽ هن بحران جي بنيادي سببن کي پڻ ختم ٿيڻ گھرجي.

ڊونلڊ ٽرمپ اربع ڏينهن وائيٽ هائوس ۾ چيو هو ته کيس اميد آهي ته ڪريملين 30 ڏينهن جي جنگ بندي جي آمريڪي تجويز تي راِضي ٿيندو، جنهن لاءِ يوڪرين به حمايت جو يقين ڏياريو آهي.ٽرمپ چيو ته ھوءَ اهڙا قدم کڻي سگهي ٿو جيڪي روس لاءِ تمام خطرناڪ هوندا، پر  امن چاهي ٿو ۽ اهو ضرور ٿيندو.ان بعد  ٽرمپ ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن ماسڪو ڳالهين ۾ ناڪام ٿيو ته ان خلاف سخت پابنديون لاڳو ڪيون وينديون، پر جيڪڏهن اهو يوڪرين ۾ جنگ بندي تي راضي ٿيو ته پابنديون گهٽ ڪيون وينديون.آمريڪا روس تي زور ڏنو آهي ته هو يوڪرين ۾ هڪ مهيني جي جنگ بندي تي "غير مشروط” طور تي  راضي ٿئي.

عالمي ميڊيا رپورٽ موجب، يوڪريني صدر وولاديمير زيلنسڪي چيو آهي ته سندس ملڪ ويڙهه بند ڪرڻ لاءِ هڪ معاهدي کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ آمريڪا اشارو ڏنو آهي ته جيڪڏهن ڪريملن انڪار ڪيو ته هو "سخت” جواب ڏيندو.ياد رهي ته ڏيڍ هفتو اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ زيلنسڪي کي وائيٽ هائوس مان ڪڍي ڇڏيو هو ۽ بعد ۾ يوڪرين سان هر قسم جي فوجي امداد ۽ انٽيليجنس شيئرنگ بند ڪري ڇڏي هئي.اڱاري ڏينهن سعودي عرب ۾ ڳالهين ۾ يوڪرين جي جنگ بندي جي تجويز تي اتفاق ٿيڻ کان پوءِ آمريڪا فوجي امداد، انٽيليجنس شيئرنگ ۽ سامان بحال ڪيو.

فرانس جي دفاع واري وزير سيبسٽين ليڪرنو پيرس ۾ برطانيا، جرمني، اٽلي ۽ پولينڊ جي دفاع وارن وزيرن سان ملاقات کان پوءِ چيو آھي ته لڳ ڀڳ 15 ملڪن يوڪرين لاءِ نئين سيڪيورٽي ڍانچي تي بحث ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي.پنهنجي پهرين تبصري ۾ ڪريملن چيو ته هو وڌيڪ معلومات جو انتظار ڪري رهيو آهي پر هن مهيني جي شروع ۾ روسي پرڏيهي وزارت چيو  ھو ته عارضي جنگ بندي ” قبولڻ جوڳي” نھ آھي.

ڪيف ۾، زيلنسڪي چيو ته جيڪڏهن ماسڪو  تجويز قبول نه ڪندو، ته آمريڪا  مٿس دٻاءُ وجهندو. مون کي لڳي ٿو ته اسان مضبوط قدمن تي ڀروسو ڪري سگهون ٿا. مون کي اڃا تائين تفصيل جي خبر ناهي، پر اسان پابندين ۽ يوڪرين کي مضبوط ڪرڻ بابت ڳالهائي رهيا آهيون.يوڪريني اڳواڻ چيو ته جڏهن روس سان جنگ بندي جي ڳالهه سامھون  اچي ٿي ته يوڪرين جا ماڻھو ان تي يقين نٿا ڪن.هن چيو، مون ڪيترائي ڀيرا چيو آهي ته اسان مان ڪو به روسين تي اعتبار نٿو ڪري. سندس چوڻ ھو تھ هي آڇ جنگ جي ميدان ۾ يوڪرين لاءِ هڪ ڏکئي وقت تي آئي آهي. ھي ملڪ جي اوڀر ۽ ڏکڻ ۾ زمين وڃائي رهيو آهي. جيتوڻيڪ روسي صدر ولاديمير پيوٽن جنگ بندي تي راضي ٿي وڃي ٿو، ان ھوندي بھ ڪجهه غير يقيني آهي. يوڪرين سيڪيورٽي ضمانتن لاءِ زور ڀريو آهي، پر ٽرمپ يٽو جي رڪنيت کان انڪار  ڪري ڇڏيو آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.