ڇا اسان جون ڪهاڻيون به نصاب ۾ شامل ٿينديون؟

تحرير: محمد حنيف

جوانيءَ ۾ هي دنيا ڇڏي ويندڙ دوستن جو ڏک  سھڻ جوڳو  نھ  هوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳندو آهي ته  زندگيءِ کان ھڪ ڳالهه ٻولهه جو سلسلو ھلندڙ ھو. جيڪو ويندڙ ماڻهو  خاموش ٿي ويو، توهان ، پنهنجو پاڻ سان ڳالهائڻ جاري رکو ۽ جيڪڏهن توهان کي وڌيڪ يادگيري ستائي تھ خود سوال ۽ ان جا جواب تصور ڪري  پنهنجي دل ۾ گفتگو جاري رکو.ساجد حسين اسان جو صحافي ۽ ليکڪ دوست هو، ڪتابن پڙهڻ جي لت ھئي.سوال اٿارڻ  جي بيماري هئي. اڪثر پڙهيل لکيل نوجوانن وانگر، ڪجهه وقت بي ايس او  ۾ گذاري چڪو هو، پر پوءِ صحافت ۾ آيو، ته پنهنجي سياست کي نيوز روم جي ٻاهران ڇڏي آيو. پراڻي فيشن جي مستنَد رپورٽنگ ڪندو هو، جنهن ڪري سندس بلوچ ساٿي پڻ ناراض  رھندا  هئا، ۽ اسٽيبلشمينٽ تھ مٿس سدائين کان ڪاوڙيل ھوندي ھئي.

دوستن يارن جي محفل ۾سياست تي ۽  خاص طور تي بلوچ قومپرست سياست تي بحث ڪندو ھو، تاريخ جا حوالا ڏيندو ھو.۽ علائقائي پس منظر سمجھائيندو ھو.جلاوطني اختيار ڪرڻ کان اڳ، بلوچ هٿياربند جدوجهد جو مخالف ھو.نظرياتي طور تي آزادي لاءِ هٿياربند جدوجهد جو حامي هو، پر هو ان وقت جيڪي نيون نيون بلوچ هٿياربند تنظيمون اڀري رھيون ھيون، انھن بابت چوندو ھو تھ اھي  بس غريبن جي ٻارن کي مارائيندا.پنھنجي ذاتي زندگي ۾ ھن جو  هڪ  مشن چٽو ھو تھ کيس مسنگ پرسن ناھي بڻجڻو. سندن ويجها مائٽ کنڀيا ويا ھئا. ڪن جا چچريل  لاش سڙي چڪا هئا، ڪئي غائب هئا.هو رپورٽر طور اھڙي طرح جون ڪئين ڪھاڻيون پڻ رپورٽ ڪري چڪو ھو ته مسنگ پرسن بڻجڻ سان بلوچ قوم جي ڪا خدمت نه ٿيندي.ان کان بھتر آھي انسان ڪنھن ڏور ديس ۾ پورھيو  ڪري، سڄي زندگيءَ بلوچستان کي ياد ڪندي آهون ڀري، پر مسنگ پرسن نھ بڻجي.گھر ڀاتين کي پنھنجو چچريل لاش ناھي ڏيکارڻو. آخر ۾ جلاوطني جي زندگيءَ ۾ سويڊن ۾  مسنگ ٿي ويو.

ڪيترن ئي هفتن کان پوءِ، سندس لاش هڪ ٿڌي نديءَ جي تري ۾ مليو، پوءِ ڪيترن ئي هفتن تائين ايئرپورٽ جي سرد خاني ۾ پيل رھيو، ڇاڪاڻ ته پاڪستاني حڪومت سندس  جنازي کي واپس آڻڻ جي اجازت ڏيڻ کان لنوائي رهي هئي. آخر، خدا خدا ڪري، اجازت ملي ۽ پنھنجي اباڻي ڳوٺ ۾ دفن ٿي ويو.

سٺو ٿيو جو  آخري ديدار نصيب نھ ٿيو،  اسان  نھ پي ڄاڻڻ  چاهيو ته ھڪ  مسڪرائيندڙ اکين  وارو ڪتابي ڪيڙو، ھڪ  ٿڌي درياهه جي تري ۾ وقت گذارڻ ڪري ڪيترو  مسخ ٿيو ھوندو. بولان ۾ ٽرين ھاءِ جيڪ، ان کان پوءِ ٿيندڙ آپريشن،رياست جي سردارن ۽ بلوچ سرمچارن جون دعوائون ڏسي(ٻڌي) ڪري ساجد حسين ياد آيو. دل ۾ آيو پڇان تھ غريبن جا ٻار ڪير ماري رهيو آهي ۽ ڪير مارائي رهيو آهي. جواب نه آيو، ته خود ئي سوال ۽  خود ئي جواب جي مشق شروع ڪري ڇڏي.

رياست کي غريبن جي ٻارن جي رت جي عادت  پئجي وئي آهي. جڏهن اسين چئون ٿا ته اسان پشاور ۾، سوات ۾، پاراچنار  ۾۽ آواران ۾ قربانيون ڏنيون  آھن  ته اهي سڀ قربانيون غريبن جي ٻارن  ئي ڏنيون آهن. ان کان اڳ ڪيترن  ئي سالن تائين، اسان شيعه ٻارن جي قرباني ڏني آهي. ڪراچي ۾ مھاجر ٻارن جون ڪيتريون قربانيون ڏنيون  ويون آھن.ڪنھن کي ڳڻپ بھ ياد نھ آھي.اڄڪلهه، رياست جي نڪ  جي  ھيٺان، رياست جي سرپرستي ۾ احمدي ٻارن جي قرباني ڏيڻ قومي راند بڻجي چڪي آهي.

پھاڙن تان  ھٿيارن سان ھيٺ لھندڙ سرمچار به غريبن جا ٻار آهن.سڃاڻپ ڪارڊ ڏسي جنھن کي مارين ٿا.اهي به روزي روٽي جي ڳولا ۾ بلوچستان  پھچن ٿا. مسنگ ڪيل بھ غريبن  جا ٻار آھن. انھن کي سالن کان  غائب ڪري تشدد ڪندڙ بھ پنھنجو پاڻ کي غريبن جي اولاد سڏرائين ٿا.غريبن جي ٻارن کي ٻين غريبن جي ٻارن کان مارائڻ هڪ قديم روايت آهي ۽ اسان جي رياست ان روايت کي زنده رکندي پئي اچي.

ساجد بلوچ کي اها بريڪنگ نيوز ڏيڻي ھئي ته اسان جا جيد صحافي اسان کي ٻڌائي رهيا آهن ته بولان ۾ ٽرين کي ھاءِ جيڪ ڪرڻ کان پوءِ ٿيندڙ  آپريشن ايترو مثالي هو جو ان کي نصابي ڪتابن ۾ شامل ٿيڻ گھرجي.ساجد تھ اھو ئي چوندو ته اهڙو نصاب پڙھي ڪري ئي اسان  ان حال ۾ پھتا آھيون.اسين ائين ئي تھ  دنيا ۾ دھشتگري جو شڪار ٿيندڙ ملڪن  ۾ٻئي نمبر تي نھ پھتا آھيون. ساجد کان اهو به پڇڻو ھو تھ ڇا هو اڃا تائين بھ بلوچ هٿياربند جدوجهد جي خلاف آھي. جيئن ته  دوست خاموش آهي تھ  جواب پاڻ ئي ٺاهي ٿا وٺون تھ : ھاڻي اسان جهڙن ٿڌن دريائن ۾ ٻڏي ويندڙن، رستن  جي ڪناري تي چچريل ملندڙن ۽ اجتماعي قبرن ۾ دفنايلن جي مشورن کي ڪير ٿو ٻڌي. بس ايترو ٻڌايو، تھ ڇا اسان جون ڪهاڻيون بھ ڪنهن نصاب ۾ شامل ٿينديون.

پھاڙن تان  ھٿيارن سان ھيٺ لھندڙ سرمچار به غريبن جا ٻار آهن.سڃاڻپ ڪارڊ ڏسي جنھن کي مارين ٿا.اهي به روزي روٽي جي ڳولا ۾ بلوچستان  پھچن ٿا. مسنگ ڪيل بھ غريبن  جا ٻار آھن. انھن کي سالن کان  غائب ڪري تشدد ڪندڙ بھ پنھنجو پاڻ کي غريبن جي اولاد سڏرائين ٿا.غريبن جي ٻارن کي ٻين غريبن جي ٻارن کان مارائڻ هڪ قديم روايت آهي ۽ اسان جي رياست ان روايت کي زنده رکندي پئي اچي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.