ھٿراڌو ذھانت، جنھن کي انگريزي ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس چون ٿا سا جديد دور جي اُنهن اهم ٽيڪنالاجين مان هڪ آهي، جنھن انساني زندگي، ڪاروبار، تعليم، صحت ۽ ٻين ڪيترن ئي شعبن ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو آهي. ھي اھڙي ٽيڪنالاجي آھي جيڪا مشين يعني ڪمپيوٽر ۾ انساني ذهن وانگر ڪم ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ڪري ٿي. ھي ٽيڪنالاجي پنھنجي سگهھ ذريعي ھر قسم جي سماجن، ريتن رسمن، ثقافت، ادارن، نوڪرين، ترقي جي واٽن، علاج جي طريقن، واپار ۽ مالي وسيلن جي ترقي جي طريقن ۽ تعليم وغيرھ کي تيزي سان تبديل ڪرڻ سان گڏ دنيا کي نئون روپ ۽ بناوٽ ڏئي رھي آھي. اھڙي طرح پوري دنيا لاءِ ڪيترائي موقعا فراھم ڪري رھي آھي تھ جيئن دنيا جا ملڪ انھن موقعن مان فائدو حاصل ڪري پنھنجي سماجن ۽ مختلف قسم جي ادارن کي ترقي ڏياري سگھن ۽ انساني زندگيءَ کي صحتمند ۽ ڪامياب بڻائي سگھن.
ان ۾ ڪو بھ شڪ نھ آھي تھ ھٿراڌو ذهانت جديد ٽيڪنالاجي جو بنيادي عنصر بڻجي چڪي آهي، جيڪا مختلف شعبن ۾ تيزيءَ سان ترقي ڪري رهي آهي. ھي ٽيڪنالاجي صرف ڪمپيوٽر سائنس جي شعبي تائين محدود نھ آھي پر اھا ٻين شعبن ۾ بھ انقلاب آڻي رھي آھي، مثال طور طبي سائنس، زراعت، ماحوليات، توانائي، قانون، سڪيورٽي، تعليم، اقتصاديات، ميڊيا ۽ دفاعي نظام وغيرھ. انھن شعبن ۾ ڪم ڪرڻ جي ڪري ھٿراڌاو ذھانت سماج ۾ وڏيون تبديليون آڻي رھي آھي. ھاڻي اھو اسان تي منحصر ڪري ٿو تھ اسان ھن تبديلي واري ٽيڪنالاجي جو فائدو ڪيئن وٺون ٿا ۽ پنھنجي لاءِ ان کي ڪيئن ترتيب ڏيون ٿا. ھن وقت پوري دنيا ھن ٽيڪنالاجي تي سيڙپڪاري ڪري رھي آھي تھ جيئن ھو جديد دنيا سان گڏ ھلي سگھن ۽ پنھنجي ملڪن ۽ سماجن کي ترقي يافتھ بڻائي سگھن. ان ڏس ۾، اسان پاڻ کي ڏسون تھ اسان ھن ٽيڪنالاجي تي ڪيتري تحقيق ۽ سيڙپڪاري ڪري رھيا آھيون ۽ ان ٽيڪنالاجي مان ڪيترو لاڀ حاصل ڪري رھيا آھيون. ھن مضمون ۾ ھٿراڌو ذھانت تي لکي رھيو آھيان تھ جيئن اوھان وٽ ھن ٽيڪنالاجي جي اھميت پيدا ٿيئي ۽ حڪومت، سماج ۽ لاڳاپيل ادارا سجاڳ ٿي پون.
. ھٿراڌو ذهانت جي سگهه
(الف) ھٿراڌو ذھانت جو تيزي سان ڪم ڪرڻ
ھٿراڌو ذھانت تيز رفتاري سان ڊيٽا کي پروسيس ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي، جيڪا انساني ذهانت جي ڀيٽ ۾ هزارين ڀيرا وڌيڪ تيز آهي. هي ٽيڪنالاجي ڪاروباري ادارن، بينڪن، اسپتالن، ۽ تعليم جي شعبن ۾ جلد ۽ موثر خدمتون فراهم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪئي پئي وڃي، جنھنڪري انھن ادارن جي ڪارڪردگي بھتر ٿي رھي آھي.
(ب) درستگي ۽ فيصلن ۾ بهتري
مشيني سکيا يا مشين لرننگ ۽ ڊيپ لرننگ جي مدد سان ھٿراڌو ذھانت جا نظام يا سسٽم مختلف قسم جي ڪمن ۾ ٿيندڙ غلطين کي گهٽائين ٿا ۽ بهترين ۽ درست فيصلا ڪن ٿا. خاص طور تي ميڊيڪل ڊائيگنوسٽڪس، مالي ۽ واپاري تجزئي، مختلف قسم جي اڳڪٿين ڪرڻ ۽ خودڪار گاڏين کي ھلائڻ لاءِ ھٿراڌو ذھانت جا ھي نظام اهم آهي. ھنن نظامن جي ڪري مختلف قسم جون ڪمپيوٽر مشينيون، سوفٽويئر ۽ ويب ايپليڪيشنيون گھڻي حد تائين درست ۽ بھتر ڪم ڪرڻ سان گڏ درست اڳڪٿيون ۽ فيصلا ڪن ٿيون.
(ت) خودڪار نظام
ھٿراڌو ذھانت جي ترقي ۽ وڌيڪ استعمال جي ڪري مختلف صنعتن ۾ خودڪار نظام متعارف ڪرايا وڃن پيا، جيڪي انساني مداخلت کانسواءِ ڪم ڪن ٿا. ھٿراڌو ذھانت جي خودڪار نظامن جي ڪري روبوٽس، مختلف قسم جا ڪارخانا، انٽرنيٽ اوف ٿنگس، واپار ۽ مالياتي بھتر ڪم ڪري رھيا آھن ۽ ڪيتريون ئي ويبسائيٽون ۽ سوفٽويئر ايپليڪيشنيون آن لائن خدمتون خودڪار طريقي سان بهترين طريقي سان مھيا ڪري رھيون آھن.
(ث) گهڻي ڊيٽا جو تجزيو
ھن دور ۾ ڊيٽا تيزي سان وڌي رھي آھي. جنھنڪري ھر ادارو پنھنجي ڊيٽا کي محفوظ ڪرڻ ۽ ان جو تجزيو ڪري ان مان لاڀ حاصل ڪرڻ چاھي ٿو. ھن وقت دنيا جو اھم اثاٽو ڊيٽا آھي تنھنڪري ڪجهه ملڪن ۾ ڊيٽا تي سرد جنگ بھ جاري آھي. ھٿراڌو ذھانت جا مختلف اوزار وڏي مقدار ۾ موجود ڊيٽا کي درست طريقي سان پيش ڪرڻ ۽ ان جو تجزيو ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. ھي اوزار ڪاروباري حڪمت عملي جوڙڻ، مارڪيٽنگ يا بازاري تشھير ڪرڻ، وکر کي بازار جي ضرورت مطابق ٺاھڻ ۽ ان لاءِ بازار کي ڳولڻ ۽ وکر کي بازار ۾ وڪڻڻ جي طريقن ۽ گراهڪن جي ضرورتن کي سمجهڻ لاءِ انتهائي ڪارائتو ڪم ڪن ٿا. ان کانسواءِ ھٿراڌو ذھانت جا اوزار سماجي ڊيٽا جو تجزيو ڪري سماجي ۽ انساني مسئلن کي سمجھڻ، اڳتي انھن مسئلن جو ٿيڻ ۽ انھن مسئلن جو حل بھتر ۽ ڪافي حد تائين درست طريقي سان پيش ڪن ٿا.
(ج) فطري ٻولين جي پروسيسنگ
فطري ٻولين جي پروسيسنگ واري ٽيڪنالاجي ڪمپيوٽر کي قابل بڻائي ٿي تھ انسانن جي ٻولين کي انسانن وانگر سمجھي. ھي ٽيڪنالاجي ھٿراڌو ذھانت جي سب فيلڊ آھي. بلڪ ھٿراڌو ذھانت جي ترقي ۾ ھن ٽيڪنالاجيءَ جو اھم ڪردار آھي. ٽيڪنالاجي مشيني ترجمي، ڳالهھ ٻولهھ جي سڃاڻپ يا اسپيچ رڪگنيشن، احساسن ۽ جذبن جو تجزيو، ماڻھن جي خيالن يا راين جو تجزيو ۽ خودڪار سوالن جوابن جھڙا نظام مھيا ڪري بھترين ڪم سرانجام ڏئي رھي آھي. ھٿراڌو ذھانت جي ھن ٽيڪنالاجي جي ڪري دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين جي ترقي ٿي رھي آھي ۽ ھو مرڻ يا ختم ٿيڻ کان بچي رھيون آھن. ھن ٽيڪنالاجي جي ڪري ئي سنڌي ٻولي جي ترقي ٿي آھي ۽ ھينئر بھ ٿي رھي آھي. ڪيتريون ئي ايپليڪيشنيون ۽ ويب سائيٽس سنڌي ٻوليءَ لاءِ ٺاھيون ويون آھن ۽ ٺھي رھيون آھن جيڪي سنڌي ٻولي کي عالمي ٻولين جي سٿ ۾ شامل ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري رھيون آھن. اھڙين ويبسائيٽس ۾ ھڪ ويب سائيٽ سنڌي اين ايل پي ڊاٽ ڪام بھ آھي. ھن وقت مشين لرننگ ۽ ڊيپ لرننگ ۽ فطري ٻولي جي پروسيسنگ واري ٽيڪنالاجي جي پليٽ فارمس تي سنڌي ٻولي جي ڪارپس ۽ مختلف قسم جي ڊيٽا سيٽس تي ڪم ٿي رھيو آھي جنھن ڪري ترجميڪاري، ٽيڪسٽ ٽو اسپيچ، اسپيچ ٽو ٽيڪسٽ ۽ لفظن جي سڃاڻپ وغيرھ جي حوالي سان گھڻو ڪم ٿي رھيو آھي.
(ح) نيون نوڪريون ۽ مهارتون
ھٿراڌو ذھانت جي ترقي سان نوڪرين جا نوان موقعا پيدا ٿي رھيا آهن، خاص طور تي ڊيٽا سائنس، ڊيٽا ايناليٽڪس، سائبر سڪيورٽي، فطري ٻولين جي پروسيسنگ، مشين لرننگ ۽ روبوٽڪس وغيرھ جي شعبن ۾. هن ٽيڪنالاجي سان نوجوان نيون مهارتون سکڻ ۽ جديد دنيا ۾ اڳتي وڌڻ جا موقعا حاصل ڪري سگهن ٿا. ھٿراڌو ذھانت ٽريڊيشنل نوڪرين کي تبديل ڪري رھي آھي، جنھنجو مقصد نوڪرين کي ختم ڪرڻ نھ آھي. نوجوان يا ڪي بھ ماڻھو جديد دور جي مطابق ھٿراڌو ذھانت ۽ ٻين ٽيڪنالاجين جا ھنر سکن تھ ھڪ کان وڌيڪ نوڪريون ڪري سگھن ٿا.
ھٿراڌو ذھانت جي ترقي سان نوڪرين جا نوان موقعا پيدا ٿي رھيا آهن، خاص طور تي ڊيٽا سائنس، ڊيٽا ايناليٽڪس، سائبر سڪيورٽي، فطري ٻولين جي پروسيسنگ، مشين لرننگ ۽ روبوٽڪس وغيرھ جي شعبن ۾. هن ٽيڪنالاجي سان نوجوان نيون مهارتون سکڻ ۽ جديد دنيا ۾ اڳتي وڌڻ جا موقعا حاصل ڪري سگهن ٿا. ھٿراڌو ذھانت ٽريڊيشنل نوڪرين کي تبديل ڪري رھي آھي، جنھنجو مقصد نوڪرين کي ختم ڪرڻ نھ آھي. نوجوان يا ڪي بھ ماڻھو جديد دور جي مطابق ھٿراڌو ذھانت ۽ ٻين ٽيڪنالاجين جا ھنر سکن تھ ھڪ کان وڌيڪ نوڪريون ڪري سگھن ٿا.