سنڌ ۾ شدت اختيار ڪري ويل پاڻي کوٽ ۽ ننڍا آبادگار

سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آھي.جنھن ڪري پوکيل فصلن کي پاڻي نھ ملڻ ڪري اھي سڪي رھيا آھن. پاڻي جو وھڪرو مسلسل عمل آھي ۽  انڊس رور سسٽم ۾ مٿي پاڻي جي کوٽ ٿيڻ جي صورت ۾ ان جو  اثر لازمي طور تي ھيٺين يا پوڇڙ  ۾ ٿئي ٿو. ھن وقت پڻ سڄي سنڌ ۾ آبادگار، ھاري ناري توڻي زميندار پاڻي جي کوٽ خلاف دانھون ڪري رھيا آھن.

سنڌ ۾ پاڻي کوٽ  مسلسل وڌي رھي آھي. آبپاشي کاتي سنڌ پاران  ڇنڇر ڏينھن جاري ڪيل انگن اکرن موجب سنڌ جي  سمورن ٽنهي بئراجن وٽ پاڻي جي مجموعي کوٽ وڌي  ڪري  46.5 سيڪڙو تي پهچي وئي آھي. سڀ کان وڌيڪ کوٽ سکر بئراج تي  61.7 سيڪڙو  ٿي وئي آھي جنھن بعد ان بئراج ۾ پاڻي جي سنگين صورتحال ٿي وئي آھي، گڊو بيراج تي معمولي پاڻي واڌ بعد کوٽ 10.5 سيڪڙو ۽ ڪوٽڙِي وٽ ٻڙِي کوٽ آھي. گڊو بيراج وٽ ايندڙ وقت ۾ کوٽ وڌڻ جا امڪان آھن. تربيلا ڊيم ۾ مٿاهين پاسي پاڻي ۾ معمولي بهتري کانپوءِ اسٽوريج شروع ڪئي وئي آھي. سکر بيراج جو مٿاهون وهڪرو گهٽجي 18200 ڪيوسڪ تي پهچي ويو آھي، کڻت گهٽائي رڳو 11490 ڪيوسڪ ڪئي وئي آھي. گڊو بئراج جي وهڪري ۾ معمولي واڌ بعد مٿاهون وهڪرو 22498 ڪيوسڪ رڪارڊ ٿيو آھي پر  ڪوٽڙي بئراج وٽ 5140 ڪيوسڪ رڪارڊ جي ڀيٽ ۾ پاڻي ۾ لاٿ 200 ڪيوسڪ لاٿ ٿي آھي.

ارسا پاران به سنڌ ۽ پنجاب ۾ پاڻي کوٽ 41 سيڪڙو ڊڪليئر ڪئي وئي، تربيلا ڊيم ۾ مٿانهين پاسي پاڻي وهڪرن ۾  معمولي واڌ بعد اسٽوريج شروع ڪئي وئي، پاڻي سطح 1405 فوٽ ٿي وئي. اھڙي صورتحال سبب سنڌ جو آبادگار ڳڻتي جو شڪار ٿي ويو آھي.سنڌ جي معيشت جو وڏو حصو زراعت سان لاڳاپيل آھي،جنھن ڪري سنڌ جو ماڻھو پاڻي نھ ھجڻ ڪري ۽ پوکيل فصلن کي گھربل پاڻي نھ ملڻ ڪري وڌيڪ پريشان ٿي ويو آھي.ڇاڪاڻ جو ان جي سموري ڪاروھنوار جو دارومدار زراعت تي آھي.جڏھن ھڪڙي پاسي سڄي سنڌ تڪراري ڪئنالن خلاف احتجاج ڪري رھي آھي.ٻئي پاسي وفاق توڻي پنجاب سنڌ جي سورن جي ڪا بھ ڳالھھ ٻڌڻ لاءِ تيار نھ آھي، تنھن ڪري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ ھئڻ ڪري سنڌ جو ماڻھو وفاق توڻي ان جي ھوڏ تي بيٺل مفاد پرست ٽولي جي اٽڪل بازين کي مڪمل رد ڪري ڇڏيو آھي.ماحولياتي تبديلي جا  اثر  پاڪستان ۾ سڀني کان وڌيڪ سنڌ ۾ ظاھر ٿي رھيا آھن.ان جو ھڪ وڏو سبب سنڌ پاڻي واري نظام جي پوڇڙ تي واقع آھي. جنھن ڪري وڌيڪ پاڻي ۾ اھا ٻڏندي ۽ گھٽ پاڻي ۾ اھا سڪندي رھي آھي.گذريل ٽماھي ۾ برسات گھٽ  پوڻ سبب  دريائي وهڪرن ۾ گھڻي لاٿ آئي آهي. جنھن جا اثر سڌي ريت ھن وقت ظاھر ٿيڻ شروع ٿيا آھن. سنڌ پاڻي کوٽ جي ڪري  انھن  جي سڌن اثرن ۽ ھر علائقي ۾ بااثرن جي ناني ويڙھي ۽ آبپاشي کاتي جي نوڪر شاھي جي اٽڪل بازين ۽ ساز باز جي ڪري پڻ وڌيڪ سوڪھڙي جو شڪار ٿئي ٿي.ان سان گڏ سنڌ ۾ هٿرادو پاڻي جي کوٽ  بھ پئدا ڪئي ويندي آھي.جنھن ڪري ننڍا آبادگار وڌيڪ پريشاني جو شڪار رھن ٿا.نھ رڳو اھو پر اھا بھ حقيقت آھي تھ  پاڻي کوٽ پئدا ٿيڻ سان سنڌ جي سمورن شھرن جي اندر پيئڻ جي صاف پاڻي جي پڻ کوٽ ٿئي ٿي. ٻين سڻڀن کاتن  جيان آبپاشي کاتي جي اندر پڻ سياسي اثر رسوخ ھلندڙ آھي، ان سان گڏ ڪرپشن جو آزار وري ان کان الڳ آھي.مُنڍ جا آبادگارسڌي ريت پڻ پاڻي کڻن ٿا.پاڻي جي سار سنڀال لھندڙ  کاتي جو عملو  پاڻي وڪرو پڻ ڪري ٿو.نتيجي ۾ پوڇڙ جو ۽ غريب آبادگار ۽ ننڍو آبادگار  پاڻي کان محروم رھجيو وڃي.انڪري ھن وقت جڏھن پاڻي جي شديد کوٽ ٿي رھي آھي. تھ گھٽ ۾ گھٽ  پاڻي جي ورڇ ۾ ڪا ٻيائي نھ ڪئي وڃي.جئين غريب ۽ ننڍو آبادگار پاڻي کان مڪمل محروم رھجي نھ وڃي ۽  سنڌ جي زراعت کي بچائي سگھجي.

رمضان جي مھيني ۾ عام ماڻھو جي بجيٽ تي بھرحال وڌيڪ بار پئي ٿو،جڏھن تھ ھر ڀيري عوام کي اھا اميد ھوندي تھ حڪومت پاران عام ماڻھن جي ڀلائي لاءِ ڪو اھڙو اعلان ڪيو ويندو جنھن سان ھن جي بجيٽ تي بار گھٽجي سگھي پر عملي طور تي ائين ٿيندو نھ آھي. جيتوڻيڪ حڪومت رليف جا اعلان تھ ڪندي آھي پر اھي مجموعي طور تي ھيٺين طبقي جي ماڻھن جي جيب تي پوندڙ اثرن کي گھٽ ڪري نھ سگھندا آھن، پر ان جي ڀيٽ ۾ جيڪڏھن حڪومت بجلي،پيٽرول، گئس ۽ ٻين اھڙين شين جي قيمتن ۾ شھرين کي رليف ڏئي تھ ان جو سڌو فائدو ھر ماڻھو کي ٿي سگھي ٿو.ھن ڀيري اھا اميد ھئي تھ حڪومت پيٽرول جي قيمتن ۾ گھٽتائي جو اعلان ڪندي پر ائين نھ ٿيو، وزيراعظم شهباز شريف پيٽروليم شين جون قيمتون ساڳي سطح تي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل پڌرائي  موجب  بجلي جي قيمتن  ۾ وڏي گهٽتائي ڪري عوام لاءِ وڏو رليف تيار ڪيو ويو آهي، وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن کي موجوده سطح تي برقرار رکندي بجلي جي اگهن ۾ سمورو مالي فائدو عوام کي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.جنهن سان بجلي جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي ٿيندي، ان لاءِ  جامع حڪمت عملي تحت پيڪيج تيار ڪيو پيو وڃي، پيڪيج جي تفصيلن کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي، ٻئي پاسي نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پيٽروليم ليوي 60 رپين مان وڌائي 70 رپيا ليٽر ڪئي وئي آهي.بھتر ٿئي ھا جيڪڏھن وزيراعظم بجلي، گئس ۽ پيٽرول جي مد ۾ قيمت گھٽائڻ وار ي ڏنل آسري تي اڳواٽ ڪم مڪمل ڪري وٺي ھا ۽ ان جو اعلان رمضان شريف دوران ئي ڪيو وڃي ھا تھ ڪر ان سان عام ماڻھو کي رمضان ۽ عيد  جي موقعي تي وڌندڙخرچ سان ڪنھن حد تائين ان جي بجيٽ متوازن ٿي سگھي ھا.عوام اھو ئي سوال ڪري ٿوتھ جيڪڏھن ملڪي معيشت بھتر ٿي رھي آھي تھ ان جو فائدو عام ماڻھو تائين منتقل ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.