هيٽ ويو دوران ميچ کيڏندي ڪرڪيٽر حياتي وڃائي ويٺو

ايڊيليڊ (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا جي شهر ايڊيليڊ ۾ ڪرڪيٽر هيٽ ويو دوران ميچ کيڏندي زندگيءَ جي جنگ هارائي ويٺو.
آسٽريلوي ميڊيا موجب، ڏکڻ آسٽريليا جي ڪونڪورڊيا ڪاليج اوول ۾ جاري ميچ دوران 40 ورهين جو جنيد ظفر خان اوچتو ڪِري پيو.
رپورٽن موجب، ميچ دوران گرمي پد 41.7 ڊگري سينٽي گريڊ هو، اولڊ ڪونڪورڊيا ڪرڪيٽ ڪلب سان واسطو رکندڙ رانديگر پهريان 40 اوورز فيلڊنگ ڪئي ۽ پوءِ 7 اوورن تائين بيٽنگ ڪئي.
آسٽريلوي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڪرڪيٽر جي ميدان تي ڪِرڻ شرط ايمبولينس کي طلب ڪيو ويو، طبي عملي کيس سي پي آر به ڏني، پر هو سندس حياتي بچائي نه سگهيا.
مرحوم ڪرڪيٽر جي دوست ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته جنيد ظفر خان روزا رکندو هو، پر ميچ دوران کيس پاڻي پيئندي ڏٺو ويو.
ڪلب طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته طبي عملي ڀرپور ڪوشش ڪئي، پر افسوس جو ڪرڪيٽر حياتي وڃائي ويٺو، ڪلب جا رانديگر سندس لاڏاڻي تي ڏکويل آهن.
. ايڊيليڊ ٽرف ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي قانونن موجب، جيڪڏهن گرمي پد 42 ڊگري سينٽي گريڊ کان مٿي وڃي ته ميچ رد ڪئي ويندي آهي، جڏهن ته 40 سينٽي گريڊ کان وڌيڪ گرمي پد ۾ خاص احتياطي تدبيرن تحت ميچ کيڏي ويندي آهي.
اسلامڪ سوسائٽي جي صدر موجب، جنيد ظفر خان جي لاڏاڻي جو ڪو به باظابطا سبب اڃا نه ڄاڻايو ويو آهي، جڏهن ته اهڙو ڪو به ثبوت ناهي مليو جنهن مان ثابت ٿئي ته روزو رکڻ ئي اوچتي طبي صورتحال جو سبب بڻيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.