ڪراچي اولهھ (رپورٽ:اصغر بروهي) سنڌ سجاڳي فورم ضلعي اولهھ پاران سنڌو درياءَ مٿان نڪرندڙ ڇھن ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي لکين ايڪڙ سنڌ جي زمينن تي والار خلاف سنڌ سجاڳي فورم جي مرڪزي صدر سارنگ جويو، مرڪزي فنانس سيڪريٽري سھڻي جويو ۽ ڪراچي ڊيويزن جي صدر غني عاجز، ضلعي اولھ جي صدر نويد سنڌيار جي اڳواڻيء ۾ سرجاني جيئي سنڌ چوڪ، عبدالرحيم ڳوٺ کان خميسا ڳوٺ تائين ريلي ڪڍي. ان موقعي تي سنڌ سجاڳي فورم جي مرڪزي صدر سارنگ جويو، سنڌ سجاڳي فورم ڪراچي ڊيويزن جي صدر غني عاجز سنڌ سجاڳي فورم ضلعي اولھ جي جنرل سيڪريٽري علي ظفر سولنگي، سنڌ سجاڳي فورم ضلعي ڪورنگي جي چيف آرگنائيزر شعيب شيخ، سنڌ سجاڳي فورم ضلعي لياري جي صدر دلاور سنڌي ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندَي چيو تہ ” سنڌو ءَ مان نڪرندڙ ڇهن ڪئنالن وارو فيصلو واپس ورتو وڃي ۽ سنڌ کي بنجر بنائڻ کان بچايو وڃي. سنڌو درياھَ جو سودو اسان ڪنھن بہ صورت ۾ ڪرڻ نہ ڏينداسين، ٻي صورت ۾َ پنجاپ جا رستا بند ڪيا ويندا.