صدر زرداري لاهورپهچي ويو، انتظاميا آجيان وارا بينر هٽائي ڇڏيا

لاهور(م ڊ) صدر آصف علي زرداري لاهور پهچي ويو آهي، جڏهن ته آمد کان اڳ ئي پارڪس اينڊ هارٽيڪلچر اٿارٽي لاهورآجيان وارا بينر هٽائي ڇڏيا. پيپلز پارٽي اڳواڻ فيصل مير مطابق، صدر آصف علي زرداري جي لاہور آمد کان اڳ جيل روڊ، گلبرگ مين بليوارڊ تي لڳايل سڀئي بينرزهٽايا ويا. هن چيو ته استقباليه بينرز ڪجهه ڪلاڪن لاءِ لڳايا ويا هئا، پي ايڇ اي جي اهلڪارن پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن سان غنڊا گردي ڪئي، پي پي ڪارڪنن جون  موبائل فونون کسيون ويون آهن. ذريعن موجب، صدر پاڪستان آصف علي زرداري رات دير سان لاہور پهچي ويا، آصف زرداري جو لاہور ۾ قيام ٻن ڏينهن تائين متوقع آهي، صدر آصف علي زرداري اڄنواب شهزاد جي رهائشگاہ ماڊل ٽائون ۾ افطار ڊنر ۾ شرڪت ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.