خيرپور ۾ سرڪاري وڪيل پراسرار طور فوت،قتل جو شڪ

خيرپور(رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو+عبدالمتين مهر)خيرپور جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد سائده ڳوٺ خيرپور مان سرڪاري وڪيل لياقت ڦلپوٽو جو گهر جي اوطاق مان گولي لڳل لاش هٿ اطلاع تي حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي تحويل ۾ وٺي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو لياقت علي ڦلپوٽو سانگهڙ ۾ سرڪاري وڪيل ھيو جڏھن ته ڊي ايس پي سٽي فراز ميتلو جو چوڻ آهي ته فرانزڪ  لاءِ لاڙڪاڻي مان ٽيم گهرائي آهي ٻئي پاسي وڪيلن عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول جي ڪنهن سان دشمني نه هئي، واضح رهي ته 2013 ۾ پڻ پروفيسر ڊاڪٽر شهيد لطيف علي ڦلپوٽو جو قتل ٿيو هو جيڪو لياقت علي ڦلپوٽو جو ڀاءُ ھو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.