مصطفيٰ قتل ڪيس: جوابدار ارمغان پاران جاچ ۾ اهم انڪشاف

ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ڊفينس مان اغوا بعد قتل ڪيل مصطفيٰ عامر جي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، شروعاتي رپورٽ موجب جوابدار ارمغان ڪال سينٽر تان جعلسازي ۽ ڪرپٽو ڪرنسي ڪمائڻ جو اعتراف ڪيو، ايف آءِ اي شروعاتي رپورٽ سائبر ڪرائم هيڊ ڪوارٽر موڪلي ڇڏي، ذريعن موجب ايف آءِ اي سائبر ڪرائم رپورٽ ۾ پوليس جي جاچ تي سوال اٿاريا، جڏهن ته جوابدار ارمغان انڪشاف ڪيو ته گرفتاري وقت پوليس موبائل فون ۽ ليپ ٽاپ ضبط ڪيا، ايف آءِ اي جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جي آءِ ٽي موجب ليپ ٽاپ ۽ آئي فون ضبط ناهن ڪيا ويا، ارمغان 120 ليپ ٽاپن جو ذڪر ڪيو، پوليس 64 ليپ ٽاپ ظاهر ڪيا، آئي فون ۾ ورچوئل ڪرنسي جو اڪائونٽ آهي، ڊيجيٽل ثبوتن لاءِ آئي فون ۽ ليپ ٽاپ گم آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.