ملڪ اندر وڌندڙ دهشت گردي ۽ حڪومت جون غير سنجيده پاليسيون!

بلوچستان جي علائقي بولان پاس وٽ هٿياربندن جعفر ايڪسپريس تي حملو ۽ قبضو ڪري عورتن ۽ ٻارن سميت 500 مسافرن کي جنهن ريت يرغمال بڻايو تنهن واقعي خلاف عالمي سطح تي گڏيل قومن جي اداري به نوٽيس ورتو. هوڏانهن سيڪيورٽي آپريشن  هاڻي مڪمل ٿي چڪو آهي. 500 مسافرن مان سڀني مسافرن کي بازياب ڪرايو ويو آهي. جڏهن ته ان آپريشن ۾ سڀ 33 دهشت گرد به مارجي چڪا آهن. جڏهن ته بدقسمتي سان 21 بي گناهه مسافرن کي دهشت گردن شهيد ڪري ڇڏيو آهي. حڪومتي رپورٽن موجب هن حملي جا ماسٽر مائينڊ افغانستان سان رابطي ۾ هيا ۽ اهي عام مسافرن کي يرغمال بڻائي ان آڙ ۾ رياست کي دٻاءُ  ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

پنهنجو ملڪ ڏسجي ته گذريل 25 سالن کان لاڳيتو دهشت گردي جو شڪار آهي. اها دهشت گردي گهڻ پاسائين آهي. اها حڪومتي پاليسين جو به نتيجو آهي، مذهبي انتهاپسندي جو به نتيجو آهي ته ملڪي سياسي پاليسين جو به سبب رهي آهي. پاڪستان اندر  تاريخي طور تي پهريون ڀارت سان ڇڪتاڻ رهي، جنگيون ٿيون ۽ پوءِ وري  جڏهن نائين اليون جو واقعو ٿيو ۽ آمريڪا، افغانستان ۾ طالبان خلاف جنگ ڪئي ته پاڪستان تي دهشت گردي خلاف ان جنگ ۾ آمريڪا جو ساٿ ڏيڻ تي زور ڀريو ويو. تڏهن ملڪ جو صدر جنرل مشرف هو جنهن ”پهريون پاڪستان“ جي نعري هيٺ آمريڪا جو ان دهشت گردي خلاف جنگ جو ساٿ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. ان کانپوءِ  پاڪستان ۽ طالبان وچ ۾ دشمني پيدا ٿي ۽ بم ڌماڪا شروع ٿيا جيڪي 2013 تائين تيستائين جاري رهيا جيستائين نواز شريف جي حڪومت ۾ جنرل راحيل شريف جي سربراهي ۾ وڏو فيصلائتو آپريشن نه ٿيو. ان کانپوءِ 2018 ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت آئي جنهن جي هميشه کان اها پاليسي رهي ته پاڪستان کي ٻين ملڪن جي جنگ  نه وڙهڻ گهرجي ۽ غير جانبدار رهڻ گهرجي. ان پاليسيءَ سبب پي ٽي آءِ جي حڪومت جا طالبان سان سٺا لاڳاپا قائم ٿيا. تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ طالبان کي وري پاڪستان خاص ڪري خيبر پختون خواهه ۾ اچڻ ڏنو ۽ موجوده مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جو خيال آهي ته پاڪستان اندر موجوده دهشت گردي جو سبب خيبرپختونخواه جي صوبائي حڪومت جي طالبان ڏانهن نرمي آهي. جڏهن کان طالبانن کي پاڪستان ۾ اچڻ ڏنو ويو آهي ته ملڪ اندر وري دهشت گردي شروع ٿي وئي آهي.

وري جڏهن پاڪستان  اهو فيصلو ڪيو ته افغانين کي ملڪ مان نيڪالي ڏني وڃي ته ان سان پاڪستان ۽  افغانستان جا لاڳاپا وري ڇڪتاڻ وارا ٿيا. مسلم ليگ (ن)  جي وفاقي حڪومت جو پي ٽي آءِ  تي الزام آهي ته اها پنهنجي صوبي ۾ دهشت گردي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪو ڪردار ادا نه ٿي ڪري جنهن ڪري اها دهشت گردي آهستي آهستي ٻين صوبن ڏانهن به وڌي رهي آهي. هاڻي جڏهن بلوچستان ۾ جعفر ايڪسپريس تي حملو ٿيو آهي ته حڪومت جو چوڻ آهي ته ان حملي ۾ ملوث دهشت گردن جا رابطا افغانستان سان آهن جڏهن ته پي ٽي آءِ جي صوبائي حڪومت جو چوڻ آهي ته خيبرپختوخواه ۾ جيڪا دهشت گردي ٿي رهي آهي سا وفاقي حڪومت جي پاليسين جو نتيجو آهي.

سو ان ۾ ڪو شڪ  ناهي ته ملڪ اندر غلط پرڏيهي پاليسين، پاڙيسري ملڪن سان خراب لاڳاپن سبب ملڪ هر دور ۾ سرحدي ڇڪتاڻ، جنگ ۽ دهشت گردين جو شڪار رهيو آهي. ان سان گڏ ڏيهي پاليسين به اندروني طور ملڪ کي غير مستحڪم پئي ڪيو آهي. خاص  ڪري ملڪ جي ننڍن صوبن کي هميشه کان اها شڪايت رهي آهي ته وفاق سڀني صوبن کي هڪ نظر سان نٿو ڏسي ۽ صوبن کي نه مڪمل حق ڏئي ٿو نه ئي  صوبائي ۽ قومي خود مختياري ٿو ڏي. ان ڪري خاص طور تي بلوچستان ته ڪافي حد تائين ملڪ کان پري ٿي ويو آهي. بلوچستان اندر هڪ ته ٿيون عليحدگي پسند جماعتون جيڪي هن ملڪي سيٽ اپ ۾ رهڻ نه ٿيون چاهين پر الميو اهو آهي ته بلوچستان جون جيڪي سياسي جماعتون ملڪي سيٽ اپ ۾ رهڻ ٿيون چاهين  تن کي به وفاقي حڪومت جي غلط پاليسين ناراض ڪري وڌو آهي اها صورتحال يقيني طور تي ڳڻتي جوڳي  آهي ته بجاءِ وفاق بلوچستان کي سنڀالي نه سگهيو آهي ۽ معاملو خراب کان خراب  ئي ٿي رهيو آهي. اهو سڀ وفاق جي هڪ طرفي پاليسين  ڪري ٿي رهيو آهي جنهن ڏانهن صدر زرداريءَ به ڪجهه ڏينهن اڳ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو هو ته سنڌو مان ڇهه ڪئنال ڪڍڻ وارو فيصلو هڪ طرفو آهي جنهن کي مان رد ڪيان ٿو. وفاقي حڪومت جي ان فيصلي جنهن سان حقيقت ۾ ڏسجي ته سنڌي قوم کي  به اها سوچ اختيار ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي جيڪا بلوچن  اختيار ڪئي آهي.

سو هن وقت ملڪ ٻاهرين توڙي اندورني ويڙهن، ڇڪتاڻ ۽ دهشت گردي جو شڪار آهي. ملڪ جي سلامتي کي خطرو آهي حڪومت جي غير سنجيدگي جو عالم اهو آهي ته ايڏي چئلينجنگ صورتحال هوندي به گهرو وزير محسن نقوي کي ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين به بڻايو ويو آهي. ٿيڻ ته ائين گهرجي ته گهرو وزارت تي ئي محسن نقوي کي فوڪس ڪرڻ گهرجي ڇو ته اها انتهائي نازڪ وزارت آهي. اها به حقيقت آهي ته محسن نقوي جي ڪارڪردگي نه گهرو وزير طور سٺي آهي ۽ نه ئي ڪرڪيٽ بورڊ جa چيئرمين طور  سٺي ڪارڪردگي اٿس. هاڻي جڏهن پي ٽي آءِ جي اڳوڻي اڳواڻ پرويز خٽڪ کي وفاقي ڪابينه جو حصو بڻائي کيس گهرو وزير جو  مشير بڻايو ويو آهي ته ان جو سبب شايد اهو ئي آهي ته گهرو وزارت محسن  نقوي اڪيلي طور نٿو سنڀالي سگهي.سو چئي سگهجي ٿو ته ملڪ اندر پرڏيهي توڙي ڏيهي پاليسين ۾ ڪمزوري آهي جنهن ملڪ  ٻاهرين توڙي اندروني طور سخت متاثر آهي ۽ اندروني ويڙهه توڙي دهشت گردي جو شڪار ٿيندو پيو وڃي. ان ڪري حڪومت کي پرڏيهي توڙي ڏيهي پاليسي تي نظرثاني ڪري صورتحال تي فوري قابو پائڻ جي ضرورت آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.