جعفر ايڪسپريس جي هاءِ جيڪ جا پيرا ڪيڏانهن ٿا وڃن !

تحرير: اعجاز ممنائي

ٽي ڏينهن اڳ خبر آئي ته بلوچستان ۾ پاڪ افغان سرحد ويجهو سڪيورٽي فورسز جو ڪامياب آپريشن ڪندي چئن اهم دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته دهشتگرد واقعن ۾ افغان دهشتگردن جي ملوث هئڻ ۾ مسلسل اضافو ٿيو آهي ۽ افغانستان مان پاڪستان ۾ دراندازي جا وڌيڪ ثبوت سامهون اچي ويا آهن.سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته مختلف دهشتگرد تنظيمن کي افغان طالبان جي مڪمل حمايت، مددگاري ۽ سرپرستي حاصل آهي.سڪيورٽي ذريعن موجب، بلوچستان ۾ پاڪ افغان بارڊ ويجهو ٽوبا ڪاڪڙي واري علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز ڪامياب آپريشن ڪري چئن اهم دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو ۽ گرفتار دهشتگردن وٽان ڪلاشنڪوفون، دستي بم ۽ ٻيا هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن، دهشتگردن وڏي ڪارروائي جي رٿابندي جو اعتراف ڪيو آهي، گرفتار دهشتگرد اعترافي بيان ۾ چيو ته سندس نالو اسام الدين آهي، والد جو نالو گلشاد آهي، هو افغانستان مان آيو آهي. دهشتگرد اسام الدين چيو ته سندن نظريو سندن ٽريننگ ٿيل آهي، هن وٽ 2 بندوقون، 2 ڪلاشنڪوفون، هڪ گرنيڊ ۽ ٻيا هٿيار موجود هئا.

سيڪيورٽي ذريعن موجب، دهشتگرد اسام الدين چيو ته هو افغانستان مان 3 ڏينهن اڳ پاڪستان ۾ داخل ٿيا، کين اڳتي پشين وڃڻو هو. جڏهن ته دهشتگردن خلاف هن آپريشن جي ڪاميابي ۾ مقامي ماڻهن اهم ڪردار ادا ڪيو، گرفتار دهشتگردن کي وڌيڪ جاچ لاءِ اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي.ياد رهي ته پهريان به ڪيترائي افغان دهشتگرد سڪيورٽي فورسز هٿان جهنم ڀيڙا ٿي چڪا آهن، مارجي ويل افغان دهشتگردن ۾ افغان صوبي باغديس جي گورنر جو پٽ بدرالدين به شامل هو. ان سان گڏ مارجي ويل افغان دهشتگرد مجيب الرحمان افغانستان جي حضرت معاذ بن جبل نيشنل ملٽري اڪيڊمي ۾ ڪمانڊر هو، مقامي ماڻهن جو دهشتگردن خلاف سڪيورٽي فورسز سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي وڙهڻ سٺو سنوڻ آهي.ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پاڪستان ۾ دهشتگردي جي لهر ۾ اضافي جو بنيادي سبب افغاستان جي ڌرتي تي موجود دهشتگرد تنظيمون آهن، افغانستان دهشتگردن جو ٿاڪ بڻجي چڪو آهي، جنهن تي عالمي سطح تي فوري ڪارروائي وقت جي اهم ضرورت آهي.دفاعي ماهرن موجب دهشتگردن سان گڏ پاڪستان ۾ داخل ٿيندڙ اڪثر افغان شهري يا ته ماريا ويندا آهن يا گرفتار ٿيندا آهن، پاڪستان طرفان بار بار ثبوت ڏيڻ باوجود افغان عبوري حڪومت جي خاموشي اصل ۾ دهشتگردن جي حمايت آهي۔

گذريل ڏينهن بلوچستان جي بولان واري علائقي پيروڪنري جي ريلوي سرنگ نمبر 8 وٽ ڪوئيٽا کان پشاور ويندڙ  جعفر ايڪسپري ٽرين کي فائرنگ بعد هاءِ جيڪ ڪيو ويو آھي.سرڪاري پڌرائي موجب  ريل گاڏي جو ڊرائيور زخمي آھي ۽ موبائيل ڪميونيڪيشن نه هجڻ سبب صرف وائرليس تي رابطو آھي.ذريعن موجب علائقي مان لاڳيتو فائرنگ ۽ ڌماڪن جا آواز اڇي رهيا آھن.ٻئي طرف ويڙھاڪ تننظيمن جي اتحاد براس طرفان ڪارروائي جي زميواري کڻندي ان کي مجيد برگيڊ ۽ ٻين گروپن جو گڏيل آپريشن قررا ڏنو آھي ۽ ڌمڪي ڏني آھي ته جيڪڏھن ڪا جوابي ڪارروائي ڪئي وئي يا مداخلت جي ڪوشش ٿي ته مسافرن جي حياتين جي ذميواري سرڪار  تي هوندي . ريلوي اختيارن موجب جعفر ايڪسپريس 9 ڪوچن تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ 5 سئو مسافر سوار آھن ،سرنگ نمبر 8 وٽ رابطو ٽٽي ويل آھي.بلوچستان سرڪار واقعي جي سنگيني ۽ احتياطي تدبير پٽاندڙ، مچ،ڍاڍر،سبي ۽ڪوئيٽا جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آھي.بلوچستان حڪومت جي ترجمان موجب پهاڙي علاقو هجڻ سبب ايمبولنسن ۽ امداد پهچائڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آھي  تنهن هوندي هڪ امدادي ٽرين ان طرف رواني ڪئي وئي آھي.ان سڄي صورتحال جي پسمنظر ۾ بلوچستان ۽ وفاقي سرڪار جو خاموش رهڻ صوبي کي غير محفوظ بنائڻ آهي۔ سيڪيورٽي فورسز سرحدن جي محافظ هجڻ گهرجي  جعفر ايڪسپريس  ڪوئيٽا وڃڻ واري واحد ٽرين آهي جنهن تي اڄ بلوچ انقلابي فوج (BLA) حملو ڪري يرغمال بڻائي ورتو آهي. بولان جي علائقي دھدر ۾ مشڪاف ۾ منظم آپريشن دوران بلوچ لبريشن آرمي جي ڪارڪنن جعفر ايڪسپريس کي روڪي ريلوي ٽريڪ کي ڌماڪي سان تباهه ڪري ڇڏيو ۽ ٽرين کي فوري طور تي قبضي ۾ وٺي سمورن مسافرن کي يرغمال بڻائي ورتو.بي ايل اي وارننگ جاري ڪئي آهي ته جيڪڏهن فوج طرفان ڪو به آپريشن ڪيو ويو ته ان جا سخت نتيجا نڪرندا ۽ سمورن يرغمالين کي بلاڪ ڪيو ويندو.دهشتگردن جي ان ڌمڪي آميز بيانن کان پوءِ سيڪيورٽي فورسز ته پوئتي نه هٽندي پر سرڪار طرفان دهشتگردن سان ڳالهين وارو باب بند ڪرڻو پوندو.

عجيب ڳالهه اها آهي ته پاڪستان پاران تيار ڪيل آءِ ايم ايف جي بجيٽ جو 51 سيڪڙو سود واپس آءِ ايم ايف جي اڪائونٽ ۾ وڃي ٿو، ان سان گڏ آمريڪا ۽ نيٽو کان جديد هٿيار خريد ڪري انهن ملڪ دشمن دهشتگردن کي ختم ڪرڻ جا عزائم رکي ٿو ۽ انهن جي استعمال لاءِ معاهدا پڻ ڪيا وڃن ٿا. انهن وٽ آمريڪا جي حمايت يافته فوجي ۽ انهن جي طاقت کان وڌيڪ جديد هٿيارن جي پلاننگ ۽ حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جا وسيلا ڪٿان ملن ٿا؟ ڇا هي ان عالمي دهشتگردي جو حصو آهي جنهن ۾ عالمي سرمائيدارانه سلطنت جون ملٽي نيشنل ڪمپنيون ۽ ادارا انهن ملڪن جي وسيلن تي قبضو ڪري عوام جي پورهئي جي معيشت سان گڏ انهن ملڪن جي وسيلن تي به قبضو ڪري رهيا آهن۔ڪيري لوگر برمن ايڪٽ تحت ڊالرن کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ جعفر ايڪسپريس کي روڪڻ ۽ مسافرن کي يرغمال بڻائڻ اها عملي ڊجيٽل ۽ ٽيڪنيڪل دهشتگردي ناهي.ياد رهي ته آمريڪا اهڙي قسم جي واقعن کي نظر ۾ رکندي آپريشن ريزوليوٽ اسٽيبليٽي جي منظوري ڏئي چڪو آهي.

2008 ۾ ڪيري لوگر برمن ايڪٽ ذريعي پرويز مشرف جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ بعد آمريڪي جمهوري حڪومت آئي ۽ بائيڊن، جيڪو ان وقت آمريڪي ڪانگريس جو سينيٽر هو، هڪ ٻئي ڊيموڪريٽڪ ورڪر سان گڏ هتي آيو.جاگيردار ۽ سردار زرداري ۽ مسلم ليگي کي مڪمل يقين ڏياريو ويو ته ايندڙ وقت آمريڪا فوجي اسٽيبلشمينٽ مان ڪو به ماڻهو ڪڍي پاڪستان جي سول بيوروڪريسي جي انهن طبقن جي خواهشن جو خيال رکندو، پر هاڻي وري آمريڪا کي پاڪستان ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ انهن صاحبن جي ضرورت آهي، ان ڪري اهي هڪ معاهدو ڪري ويا، جنهن ۾ 2014ع تائين هر سال ڏيڍ ارب ڊالر ڏنا ويندا ۽ جيڪڏهن ضروري هجي ته ايندڙ پنجن سالن لاءِ ساڳيو معاهدو وڌايو ويندو. ان جي بدلي ۾ آمريڪي فوج کي بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي دهشتگرديءَ سان مالا مال علائقن ۾ آمريڪي ڳجهن ادارن 2008ع کان 2013ع تائين پشاور جي آرمي اسڪول ۾ ٻارن جي قتل عام، خودڪش ڌماڪن ۽ انهن جي آپگهاتي ڌماڪن ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جو کليل لائسنس حاصل هوندو.

توهان مسجدن، بازارن، گاڏين، ريل گاڏين ۾ ٿيندڙ جاني نقصان جو اندازو لڳايو، تحقيق ڪريو ۽ سوچيو ته عام ماڻهوءَ ۾ ڪيترو خوف ۽ دهشت آهي، ڇاڪاڻ ته کين خبر ئي نه آهي ته سندن رڙيون ڪيڏانهن، ڪڏهن ۽ ڪهڙي پاسي کان ٻڌجي رهيون آهن.جيڪڏهن ڪنهن به ملڪ يا رياست جي اندر قومي سطح تي دهشتگردي ٿئي ٿي ته اها فطري نشاني ناهي يا ڪجهه گروهن جو ذاتي، مذهبي، لساني اختلافن تي ناراضگي آهي، پر ان جي پويان ملڪي ۽  عالمي گروهن جا مالي ۽ سياسي مفاد هوندا آهن.پاڪستان ۾ انهن واقعن جي پويان اصل توانائي ڊالرن جي طاقت نيٽو ۽ آمريڪي يورپي ۽ عرب ملٽي نيشنل ڪمپنيون آهن، جن جو ڊرائيور آهي، باقي گاڏي هتي جي ظالم نظام ۽ هتي جي عالمي ايجنٽن جو ڪردار ادا ڪندڙ طبقن جي ڏنل آهي.سڄي پلاننگ تحت فوج جي ملازمن کي نشانو بڻايو پيو وڃي. ڇو ته اهي وسيلا چاهيندڙ ڪارپوريشنز کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي نالي تي پاڪستان اندر حڪومتون بلوچستان جي انهن جبل وارن علائقن ۾ وسيلن جي امپورٽرن ۽ ايڪسپورٽرن کي سيڪيورٽي ڪرڻ جي نالي تي ان ۾ وڌيڪ ڊالر هڙپ ڪري ان کي مٿئين سطح کان مڪمل طور تي مفلوج ڪرڻ چاهين ٿيون۔

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پاڪستان ۾ دهشتگردي جي لهر ۾ اضافي جو بنيادي سبب افغاستان جي ڌرتي تي موجود دهشتگرد تنظيمون آهن، افغانستان دهشتگردن جو ٿاڪ بڻجي چڪو آهي، جنهن تي عالمي سطح تي فوري ڪارروائي وقت جي اهم ضرورت آهي.دفاعي ماهرن موجب دهشتگردن سان گڏ پاڪستان ۾ داخل ٿيندڙ اڪثر افغان شهري يا ته ماريا ويندا آهن يا گرفتار ٿيندا آهن، پاڪستان طرفان بار بار ثبوت ڏيڻ باوجود افغان عبوري حڪومت جي خاموشي اصل ۾ دهشتگردن جي حمايت آهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.