ڊائو يونيورسٽي ۾ ڪوڙين ڊگرين تي ڀرتين جو انڪشاف، ڊگريون چڪاسڻ جي هدايت

ڪراچي۔ (رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) جي اجلاس ۾ ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز ۾ 10 ملازمن جي جعلي تعليمي ڊگرين تي ڀرتيون ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو۔ اجلاس پي اي سي جي چيئرمين نثار کهڙو جي صدارت ۾ اسيمبلي ڪميٽي روم ۾ ٿيو، جنهن ۾ ڊائو يونيورسٽي انتظاميه 3500 ملازمن مان فقط 450 ملازمن جون تعليمي ڊگريون تصديق ڪرائڻ جي رپورٽ پيش ڪئي۔ جعلي تعليمي ڊگرين تي ڀرتين جي انڪشاف کان پوءِ پي اي سي سنڌ جي سمورين سرڪاري يونيورسٽين کي هدايت ڪئي آهي ته ٽن مهينن اندر سڀني ملازمن ۽ آفيسرن جون تعليمي ڊگريون هائير ايجوڪيشن ڪميشن کان تصديق ڪرايون وڃن۔ پي اي سي سنڌ جي لوڪل ڪائونسلن ۾ جعلي پگهارن ۽ جعلي پينشنن جي روڪٿام لاءِ پهرين مرحلي ۾ سڀني ميونسپل ڪارپوريشنن جي ملازمن جون پگهارون ۽ پينشنون سيپ سسٽم تحت آن لائن ڪرڻ جو حڪم پڻ جاري ڪري ڇڏيو۔ اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن قاسم سومرو ۽ طاحه احمد شرڪت ڪئي۔ اجلاس ۾ لاڙڪاڻي ميونسپل ڪارپوريشن جي سال 2021 کان 2023ع تائين جي آڊٽ پيراز جو جائزو ورتو ويو۔ اجلاس ۾ ڊائو يونيورسٽي جي 2022ع کان 2025ع تائين آڊٽ پيراز جو به جائزو ورتو ويو۔اجلاس دوران آڊٽ پاران اعتراض ڪيو ويو ته ڊائو يونيورسٽي جي ملازمن جي پگهارن تي هر سال 2 ارب 33 ڪروڙ رپيا خرچ ٿي رهيا آهن، جڏهن ته يونيورسٽي انتظاميه بغير ڊگريون تصديق ڪرائڻ جي مختلف دورن ۾ ڀرتيون ڪيون آهن، جيڪي غيرقانوني آهن۔ جنهن تي پي اي سي چيئرمين نثار کھڙو پڇيو ته يونيورسٽي ۾ ڪيترا ملازم ۽ آفيسر ڪم ڪري رهيا آهن ۽ ڪيترن ملازمن جون ڊگريون تصديق ٿي چڪيون آهن؟وائس چانسلر ڊائو يونيورسٽي ڊاڪٽر نازلي حسين پي اي سي کي ٻڌايو ته ڊائو يونيورسٽي ۾ 3500 ملازم آهن، جن مان 450 جو ڊگريون تصديق ٿي چڪيون آهن ۽ وڌيڪ تصديق جو عمل جاري آهي۔ ڊائو يونيورسٽي ڊگريون تصديق ڪرائڻ جو ڪم آؤٽ سورس ڪري ايڇ آر ايس ڪمپني حوالي ڪيو آهي۔ هن ٻڌايو ته تصديق دوران 10 ملازمن جون ڊگريون جعلي نڪتيون آھن ۔جعلي ڊگريءَ تي ڀرتي ٿيل ملازمن ۾ سيد فرخ حسين، بي ڪام ڊگري تي 2015ع ۾ ريگيولر رسپشنسٽ،سيد ڪاشف حسين، بي ڪام ڊگري تي 2019ع ۾ ڪنٽريڪٽ رسپشنسٽ،نبیل احمد، بي ڪام ڊگري تي 2024ع ۾ ڪنٽريڪٽ رسپشنسٽ، محمد اويس، جعلي بي ايس ڪمپيوٽر سائنس ڊگري تي 2015ع ۾ ريگيولر سينيئر ڊيٽا پروسيسنگ آفيسر،مرزا عاطف بيگ، بي ڪام ڊگري تي 2008ع ۾ ريگيولر سينيئر ڪمپيوٽر آپريٽر،محمد فهد، بي ڪام جعلي ڊگري تي 2015ع ۾ ريگيولر سينيئر ڪمپيوٽر آپريٽر،فيضان علي، بي ڪام جعلي ڊگري تي 2015ع ۾ ريگيولر ايڊمنسٽريٽو اسسٽنٽ، عبدالناصر، بي ڪام جعلي ڊگري تي 1988ع ۾ ريگيولر ايڊمنسٽريٽو آفيسر،بدر مجاهد، بي اي ڊگري تي 2021ع ۾ ڪنٽريڪٽ اسسٽنٽ، رياض احمد، ايم ڪام ڊگري تي 2024ع ۾ ڪنٽريڪٽ بلنگ آفيسر ڀرتي ٿيو۔وائس چانسلر ٻڌايو ته جعلي ڊگريءَ تي ڀرتي ٿيل 10 مان 8 ملازمن کي نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو آهي، جڏهن ته ٻن ملازمن کي فائنل شوڪاز نوٽيس ڏنو آهي ۽ ڪجهه ڏينهن ۾ کين به برطرف ڪيو ويندو۔نثار کھڙو پڇيو ته يونيورسٽي ۾ ڪيترا ملازم ريگيولر ۽ ڪيترا ڪنٽريڪٽ تي آهن؟ انتظاميه ٻڌايو ته 3500 ملازمن مان 2500 ڪنٽريڪٽ تي آهن۔ جولاءِ 2021ع کان جون 2025ع تائين ريگيولر، ڪنٽريڪٽ ۽ ڊيلي ويجز بنيادن تي 3023 ڀرتيون ڪيون ويون، جن مان فقط 54 ريگيولر آهن۔ ان موقعي تي پي اي سي سنڌ جي سمورين سرڪاري يونيورسٽين کي هدايت ڪئي آهي ته ٽي مهينن اندر سڀني ملازمن ۽ آفيسرن جون تعليمي ڊگريون هائير ايجوڪيشن ڪميشن کان تصديق ڪرايون وڃن۔اجلاس ۾ لاڙڪاڻي ميونسپل ڪارپوريشن جي آڊٽ پيراز تي آڊٽ پاران اعتراض ڪيو ويو ته پينشنرز کي لائيف ۽ نو ميرييج سرٽيفڪيٽ بغير پينشن جاري ڪئي وئي آھي۔پي اي سي چيئرمين نثار کھڙو پڇاڻو ڪيو ته لاڙڪاڻو ميونسپل ڪارپوريشن ۾ ڪيترا ملازم ۽ ڪيترا پينشنر آھن ميونسپل ڪمشنر ٻڌايو ته اداري ۾ 1150 ملازم ۽ 150 پينشنرز آهن، جن مان فقط 34 پينشنرز جا لائيف ۽ نو ميرييج سرٽيفڪيٽ پيش ڪيا ويا آهن۔ ڪميٽي ميمبر طاحه احمد چيو ته 150 مان فقط 34 سرٽيفڪيٽ هجڻ مان ظاهر ٿئي ٿو ته شايد باقي پينشنون جعلي طور جاري ٿي رهيون آهن.؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.