ملڪ جو نظام حڪمران اشرافيه جي هٿن ۾ آهي\حافظ نعيم

اسلام آباد(بيورو) امير جماعت اسلامي پاڪستان حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته سرمائيدارن، جاگيردارن، خاندانن ۽ شخصيتن تي مشتمل پارٽين ۽ طاقتور ماڻهن نظام کي سخت تڪليف ۾ وجهي ڇڏيو آهي. صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ ڪرپشن ۽ عوام کي دٻائڻ لاءِ مقابلو جاري آهي. عام ماڻهو جو استحصال ڪندڙ نظام کي تبديل ڪرڻ جي جدوجهد شروع ٿي وئي آهي.اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ الخدمت فائونڊيشن پاڪستان پاران منعقد ڪيل بين الاقوامي رضاڪار ڏينهن جي موقعي تي يوٿ ليڊرشپ پروگرام کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. حافظ نعيم الرحمان چيو ته پيپلز پارٽي شهر کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. لکين ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن، 35 ملين ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن، مفت تعليم فراهم ڪرڻ حڪومت ۽ رياست جي ذميواري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.