ايمان مزاري ۽ سندس مڙس کي هراسان ڪرڻ بند ڪيو وڃي\ايڇ آر سي پي

لاهور(م ڊ) انساني حقن جي تنظيم هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان  وڪيلن ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا سان ايڪتا جو اظهار  ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته انهن ٻنهي زال مڙس وڪيلن تي  بي بنياد ڪيس واپس ورتا وڃن، کين ڌمڪين ۽ هراسانين جو سلسلو ختم ڪيو وڃي.ايڇ آر سي پي موجب نيشل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي طرفان پيڪا تحت درج ايف آءِ آر فوج جي طرزِ عمل تي تنقيد کي  ڏوهه قرار ڏيڻ،  اظهارِ راءِ ۽ منصفاڻي ٽرائل جي آئيني ۽ بين الاقوامي حقن جي خلاف ورزي آهي.انساني حقن جي تنظيم موجب ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا تي دٻاءُ، عدالت ۾ حاضري باوجود انهن جي گرفتاري ۽ انهن جي مرضي جي وڪيل جو حق نه ڏيڻ اهو ظاهر ڪري ٿو ته رياستي تشدد جي متاثرن جو بچاءُ ڪندڙ  آوازن کي خاموش ڪرڻ ۽ ختم ڪرڻ جي هڪ منظم ڪوشش جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.