سڀ گڏ نه ٿياسين ته سنڌ تباهه ٿي ويندي، بينظير پروگرام پويان ڀڄڻ بند ڪيو وڃي\اياز لطيف

ڄامشورو  (پ ر) سنڌي شاگرد تحريڪ ڪي اي ٽي پاران سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾  پيغام لطيف جي عنوان سان جلسو ڪوٺايو ويو، جنھن ۾ قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ اياز لطيف پليجو مھمان خاص طور شريڪ ٿيو.جلسي ۾ سنڌ، مھراڻ ۽ لمس سميت ٻين تعليمي ادارن جا ھزارين شاگرد شريڪ ٿيا، سنڌ يونيورسٽي پھچڻ تي شاگرد گلن جي ورکا ڪري ۽ اجرڪون اوڍائين اياز لطيف پليجي جو شاندار استقبال ڪيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو ته پڙهيل سنڌ هوندي ته سنڌ وڙهندي جي، سنڌ آڱوٺي ڇاپ هوندي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي پويان پندي پئي. ڪراچي اسان جي دل، دماغ، شھ رڳ، تخت گاھ آھي، جنھن کان سواءِ سنڌ تصور ڪونهي، ڪراچي ۾ ڪنهن به ھٿ وڌو ڪراچي کان ڪشمور تائين روڊ رستا بند ڪري سنڌ جام ڪري ڇڏينداسين. سنڌ سان پيار ڪيو ۽ پاڻ کي تبديل ڪرڻ سکو، سنڌي پنھنجي مرضي ھلائين ته سھي، ايم پي اي، ايم اين اي، چيئرمين، ميئر توهان جا نوڪر آهن. ڪم نه ڪن ته تبديل ڪري ڇڏيو. پيپلزپارٽي جي ڪرپٽ سنڌ حڪومت سنڌ جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي آهي. سنڌ کي بچائڻ لاءِ شاگردن، نوجوانن، استادن، عورتن، ٻارن، مزدورن، ھارين سميت سنڌ جي باشعور عوام کي اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. سنڌ جا ماڻهو ڌرتي، پاڻي، درياھ، ڪوئلو، پيٽرول، گئس ٻيٽن، تاريخي ماڳن، جبلن، ٻيلن، زمينون، معدنيات، خودمختياري جي لاءِ متحد نه ٿياسين ته تيسين حڪمران سنڌ جي ست ڪروڙ سنڌين جي قسمت سان کيڏندا رهندا‏، لطيف عورت جي چپن ۽ ڳلن، قد ۽ ابرو جي بجاءِ بهادري ۽ سچائيءَ جي ساراھ ڪئي آهي، اھو ذھن مان ڪڍي ڇڏيو سنڌين کي 8 ڪروڙ کي ورھائڻ جي اٽڪلن سان سنڌين جي قومي پرامن مزاحمتي جدوجھد ٽوڙي ۽ روڪي سگھندو،سنڌ ھزارين سالن کان ھڪ آهي ھزارين سالن تائين دورن ۾ ھڪ رهندي، جلسي کي ايس ايس ٽي جي مرڪزي صدر مدثر سرڪي، قومي عوامي تحريڪ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو، عامر کوسو، اشفاق پليجو، ثقلين عباس،اشرف پليجو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون،رفعيہ پليجو، نصرت خاصخيلي، شوڪت تنيو،نعيم شر،مھدي لغاري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.