حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي ۽ نور نبي پليجي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته ٻه ڪلو کنڊ جي قيمت ۾ ڪمند جو مڻ خريد ڪيو پيو وڃي، جيڪا شگر مل مالڪن جي معاشي دهشتگردي آهي. پيپلز پارٽي جي اڳواڻن جون شگر ملون آهن جيڪي ڀڳڙن مٺ تي ڪمند خريد ڪري پوءِ مهانگي اگهن تي کنڊ وڪڻي رهيا آهن. پيپلز پارٽي سرڪار شگر مل مالڪن کي هارين ۽ آبادگارن کي ڦرڻ لٽڻ جي کلي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي. ڪمند جو فصل تيار ٿيڻ باوجود شگر ملون ڪمند جي پيڙهائي شروع ڇو نٿيون ڪن، ڪير به پڇڻ وارو ناهي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته آمريڪا ۾ آبادگارن کان 14 هزار روپيا ڪمند جو مڻ خريد ڪيو وڃي ٿو جڏهن ته ڪيوبا ۾ 8 هزار روپيا مڻ آهي پر سنڌ ۾ فقط 400 روپين ۾ مڻ خريد ڪيو وڃي ٿو جيڪو هارين ۽ آبادگارن سان سراسر ظلم آهي.