اسلام آباد ۾ ويگو گاڏي موٽرسائيڪل سوارن مٿان چڙهي وئي، 2 زخمي

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد جي سرينا چوڪ ۾ ويگو  گاڏي موٽرسائيڪل سوارن مٿان چڙهي وئي، جنهن سبب ٻه ماڻهو زخمي ٿي پيا، گاڏي جي تلاشي دوران هٿيار به هٿ ڪيا ويا، جنهن جو ڊرائيور وٽ لائسنس موجود نه هو. رپورٽ موجب گاڏي هلائيندڙ شخص مبينه طور مسلم ليگ ن جي هڪ سينيٽر جو ڊرائيور آهي، اهڙي واقعي تي سماجي ميڊيا تي صارفين جو شديد ردعمل پيدا ڪيو آهي، هڪ صارف لکيو ته ملڪ صرف اشرافيه لاءِ آهي، جڏهن ته  ٻئي چيو ته پاڪستان ۾ طاقتور، امير يا تعلقات رکندڙ ماڻهو ٻين تي گاڏي هلائڻ ۾ آزادي محسوس ڪن ٿا، پري زاد نالي صارف چيو ته ملڪ ۾ گٽر ۾ ڪرڻ يا نشي ۾ گاڏيون هلائڻ تي ڪو به جوابدار ناهي ۽ عوام لاوارث نظر اچي ٿي، ٻه ڏينهن اڳ پڻ اسلام آباد جي  سيڪريٽريٽ ٿاڻي جي علائقي ۾حادثو پيش آيو، جنهن ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد آصف جي ننڍڙي پٽ ابوذر جي مبينه طور تي اوور اسپيڊ لينڊ ڪروزر V8 هلائڻ سبب ٻه ڇوڪريون فوت ٿي ويون هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.