کپري ۾ کدڙي فقير سان اجتماعي زيادتي

کپرو(ن ع آ) کپرو هٿونگو ۾  خيرات وٺندڙ کدڙي فقير صائمه سان بس عملي  ۽ هوٽل ملازم جنسي بدفعلي ڪئي آهي کدڙو فقير کپرو ٿاڻي پهچي ويو جتي صائمه چيو ته آئون ڪراچي کان هٿونگو آيس جتي مون کي بس عملي ۽ هوٽل ملازم يرغمال بڻائي جهنگ ۾ کڻي ويا جتي مون کي اجتماعي جنسي بدفعلي جو نشانو بڻايو ويو، پوليس منهنجو ۽ جنهن جنسي زيادتي ڪئي آهي انهن جو ميڊيڪل ڪرائي مون سان انصاف ڪيو وڃي ٻئي طرف کپرو پوليس موجب ٻن ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي وڌيڪ جانچ ڪري رهيا آهيون ،کدڙي فقير صائمه سان بدفعلي ڪندڙ گروه کي گرفتار ڪيو ويندو ٻئي طرف کپرو ٿاڻي تي کدڙي فقير جي فرياد تي بس ڊرائيور سڪندر ناريجو ،هوٽل مالڪ خميسون مڱريو بادو بروھي، پير بخش ڀيو تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.