سنڌ جي قومي حقن جي ڦرلٽ ۽ وفاق سميت سنڌ تي گذريل ڪافي سالن کان هائبرڊ رجيم جي تسلط سنڌ جي عوام کي نيستو ڪري ڇڏيو هو . هي سماج ڪالاباغ ڊيم گريٽر ٿل ڪينال جي جدوجهد ۾مان نڪتو مس هو ته مٿان محترمه بينظير ڀٽو جو سانحو ٿيو پوءِ سنڌ جي دانش به مسلسل تنقيدي سوچيندي پئي آئي آهي ته هاڻ ڪجهه نئون ٿيڻ گهرجي هتي جي سياست م به انهي لاءِ تياري هلي پئي ته ڪينالن جو مسئلو اچي ويو جنهن جي ڪري هڪ نئين سياسي صورتحال جهڙي آهي
سنڌ جي پنج کان ڇهن مهينن جي ڪينالن خلاف تحريڪ هڪ عوامي رنگ اختيار ڪري ورتو آهي. ڪو شهر ڪو ڳوٺ خالي ناهي جتي روزاني جي بنيادن تي احتجاج نه ٿيندا هجن اها صورتحال سنڌ ۾ مڪمل نئين آهي . سياسي پارٽيون پوئتي آهن عوام اڳيان نڪري چڪو آهي . هاڻ جيڪو سياسي ڪارڪن مايوس ٿي ويو هو اهو به تحريڪ ۾ آهي . جيڪي ماڻهو سياست کان پري هئا اهي به سياسي ٿي ويا .
سنڌ ڪينالن جي جدوجهد جي ڪري مڪمل طور تبديل ٿي رهي آهي ننڍن گروپن ننڍن اسٽيڊي سرڪلز اهو ڪم ڪري ڏيکاريو جيڪو ڪافي سالن کان رڪجي ويو هو . اهو مهڻو ٿي پيو هو ته سنڌي هن نااهل حڪمرانن کي ڪيستائين سهردن جي نالي ۾ معاف ڪندا رهندا . حڪمرانن هن دفعي غلط اندازو لڳايو آهي ته هي سماج هاڻ وري تڪڙو نه اٿندو انڪري ڪيترو استحصال ڪري سگهو ٿا ڪري وٺو.
وفاق ڪينالن جي معاملي تان هٿ نه کنيو ته هي پاڻي ۽ زمينن جو سوال هتي قومي تضاد جي صورت اختيار ڪري وٺندو . جيڪو حڪمرانن لاءِ وڌيڪ خراب هوندو . انهي جو به شايد انهن حڪمرانن کي اندازو ناهي .
صدر آصف زرداري جي تقرير مان اهو اندازو ڪري سگهجي ٿو ته زرداري صاحب کي سنڌ جي عوام جي ڪاوڙ کي سمجهي چڪو آهي انڪري هاڻ ان وٽ پوئتي هٽڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي .
رمضان شريف کان پوءِ سنڌ ۾ زبردست عوامي تحريڪ جڙن جا امڪان تمام گهڻا وڌي چڪا آهن. رمضان شريف جي مهيني ۾ به احتجاج جاري رکيو ويو آهي ته پوءِ ايندڙ وقت ۾ ان جي رفتار ۾ شدت اچي ويندي تاريخ ۾ سنڌ جي عوام جي هي وڏي نتيجا ڏيندڙ نئين تحريڪ هوندي