وطن دوست ڪردار ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ جي سالياني ياد

تحرير: عرفان منان چانڊيو

ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ آدرشي انسان هيو جنهن جون سڀئي سوچون سماجي ڀلائي لاءِ هيون. سندس جدوجهد پڻ عوامي امنگن تي مبني هئي، جنهن مان ڪيئي ذهن فڪري ۽ شعوري حوالي سان سيراب ٿيا. ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ 80 واري ڏهاڪي ۾ پنهنجي پارٽي ٺاهي، مذڪوره دور انقلاب ۽ آدرش وارو دور هيو، دنيا اندر سياسي اٿل پٿل روان دوان هئي، مظلوم عوام غلامي جي ڌٻڻ مان نڪرڻ جا سانڀاها ڪري رهيو هيو، محڪوم قومون آجپي جي مقدس ڳٽي کي چميون ڏئي اڳتي وڌي رهيون هيون، مظلوم عوام سرخ انقلاب جو چهرو ڏسڻ لاءِ عظيم جدوجهد ۾ مشغول هيو. اهڙي وقت ۾ ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ وطن دوست انقلابي پارٽي جو بنياد وجهي عوام ۾ نڪري پيو. هن پنهنجي سياست جو محور مذدورن کي بنايو، هن طبقاتي سوال ۽ جدوجهد تي گهڻو ڌيان ڏنو. اصل ۾ هن خطي جو سڀ کان وڏو مامرو طبقاتي ئي هيو ۽ آهي، جيسيتائين طبقاتي نظام قائم رهندو تيسيتائين مظلوم ۽ محڪوم قومون ان ظلم جي گهاڻي ۾ پيڙهبيون رهنديون، ڇو ته اهو نظام انساني سماج لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيو آهي، اهو ئي ڪارڻ هيو جو ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ پنهنجي پارٽي جي نظرياتي لائين اهڙي رکي ان نظام خلاق پورهيتن ۾ انقلاب جي پرچار ڪئي، ڪارخاني جي مذدورن کان وٺي ٻيڙي مذدورن تائين هن جهر جهنگ جاڳي عوامي سجاڳي جا ڪيئي سفر طئه ڪيا، اهڙن سفرن ۾ ڪيئي تڪليفون ۽ ڏک هيا، ان سان گڏ وفاداريون، سچايون به هيون.

اهڙي ڪٺن سفر ۾ ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ هر قسم جو ٻليدان ڏنو، هن پنهنجي سڻڀي نوڪري کي عوامي ۽ آدرشي سياست مٿان هرگز فوقيت ڪون ڏني، هن جي اصل مايا ۽ ورثو اهي ئي پورهيت بنيا جيڪي نسلن کان وٺي پيٽ جي باهه وسائڻ لاءِ سرمائيدارن ۽ جاگيردارن، وڏيرن، ميرن ۽ پيرن جي نجي جيلن ۾ قيد هيا جتان سندن نڪرڻ محال هيو. حقن کان وانجهيل، غلامي جي کاهي ۾ ڪري پيل انهن پورهيتن کي ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ صاف سٿري سياست جا سڏ ڏئي ساٿ کي ڪٺو ڪري عوامي انقلاب لاءِ عملي جدوجهد ڪئي. سندس مقصد سنڌ جهڙي خطي جو سياسي حل قومي جمهوري انقلاب ۾ آهي جنهن وسيلي پورهيت عوام سک جو ساهه کڻي سگهندو. سياسي هوائون ڪڏهن ابتيون گهلن ته ڪڏهن سبتيون گهلن جن سان وايو منڊل، ملڪ، خطا ۽ کنڊ تبديل ٿيندا آيا آهن. اهڙي گرم هوا

90 واري ڏهاڪي ۾ طوفان سان گڏ گهلي جنهن سويت يونين جي وڏي درخت کي پٽ تي ڪيرائي وڌو، اهڙي منفي هوا محڪوم قومن جي هرگز فائدي ۾ ڪون هئي، ماڻهن، فردن، قومن ۽ خطن جا سمورا خواب ساڀيان جي رستي تي فوت ٿي ويا، جيڪي تحريڪون هلي رهيون هيون انهن جي اڳيان وڏا بريڪر اچي ويا جنهن سان سندن وڏو نظرياتي هاڃو ٿيو. اهڙي ماحول جو پڻ هتي به اثر ٿيو، ماڻهن آجپي جي راهه تي هلندي هلندي رڪجي ويا، جيڪي آدرش هيا اهي پڻ متاثر ٿيا، اهڙي سمي جو ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ ۽ سندس پارٽي تي پڻ اثر پيو، جيڪا اڳتي هلي هلي رڪجي وئي، ائين آهستي آهستي آجپي ۽ آدرش جي واٽ جو پانڌيئڙو ڊاڪٽر ارباب عملي سياست کان پري ٿي پنهنجي پارٽي کي ختم ڪري ڇڏيو. سويت يونين ٽٽڻ جو نقصان هڪ فرد کي نه پر دنيا جي ڪيترن ئي تحريڪن ۽ هلچلن کي پيو، اهڙو نقصان پورهيت ۽ مذدورن کي پڻ پلاءِ پيو جيڪي ڇٽ پٽن تي ڪيرائڻ لاءِ سياسي ميدان تي گامزن هيا. روس ٽٽڻ بعد ڪيترائي اهڙا اڳواڻ هيا جن مٿان سرخ انقلاب جو سج لهندو ۽ اڀرندو هيو، انهن مان اڪثر مايوسين جي ماٿرين ۾ اهڙي ٽٻي هنئي جو هن وقت تائين ڳولهي نٿا لڀن، ڪن مسجدن جي ممبري سنڀالي، ڪن مندرن جا گهنڊ وڃايا، ته وري ڪن اڌ وال جي گيڙو ڪفني پائي حرامي به حق موجود ته حلالي به حق موجود جو راڳ آلاپڻ شروع ڪيو. پر اهڙي ماحول ۾ ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ پنهنجو وقار ڪون وڃايو، هو وقتي طور مايوس ضرور ٿيو پر ڪنهن جڳهه تي مٿو ڪون ٽيڪو. هو نه صوفي ٿيو، نه ملان ٿيو نه ئي وري لاڪوفي ٿيو.

ڊاڪٽر اربارب کهاوڙ پنهنجي جوهر ۾ مڪمل انسان هيو جنهن جا مفاد عوام جي ڀلائي ۽ بهتري جي لاءِ هيا نڪي پنهنجي ذات جي لاءِ. ان کان سواءِ هو انسانن سان بي لوث محبت ڪندڙ نرالو ماڻهو هيو، سندس وڏا وڏا ٽهڪ درد مندن ماڻهن لاءِ دوا درمل جو ڪم ڏيندا هيا، هو انساني سماج سان گڏ ماڻهن جو جراح پڻ هيو، هو سماج سميت مريضن جي نبض شناسي جو پڻ ماهر هيو. هو اهڙن ڊاڪٽرن مان هرگز ڪون هيو جيڪي فقط پنهنجي فيس وٺڻ ۽ دوا جي پرچي لکڻ تائين محدود هوندا آهن، جن جو مريض سان واسطو فقط هڪ گراهڪ جيان هوندو آهي. هو اهڙن نام نهاد ڊاڪٽرن مان پڻ نه هيو جيڪي ميڊيڪل ڪمپنين جو ٽاگيٽ پورو ڪري انساني صحت سان راند کيڏندي ٻاهرين ملڪن جا ٽوئر ڪري، وڏيون وڏيون گاڏيون ۽ بنگلا وٺي عيش ڪندا آهن. پر ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ منفرد ڊاڪٽر هيو جيڪو مٿين ڳالهين کان تمام مٿڀرو هيو، هو ماڻهن طبي علاج ڪرڻ به ڄاڻيندو هيو ته سماجي بيماري جي ڇوٽڪاري لاءِ ڦڪيون ۽ دوائون به مهيا ڪندو هيو. هو سرخ سويرن جا خواب کڻي نڪتو هيو، جنهن واٽ تي ڪنڊا به هيا ته ڪاوا به هيا، پر ان سان گڏ گل به هيا ته سندن خوشبوءُ به هئي. اهڙا ماڻهو ڪٿي ٿا مري سگهن، اهڙا انسان ته جيئڻا آهن، اهڙن ماڻهن جي حياتي ٻين لاءِ مشعل راهه بنيل هوندي آهي،  جنهن تي هلي آخر سک جا سوين سرخ سورج اڀري پوندا آهن ۽ ائين ماڻهو سکن واري سماج جي اڏاوت ۾ سڦلتا ماڻيندي اڳتي وڌندا هلندا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.