ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ريفري جج جسٽس آغا فيصل جي عدالت نيب ريفرنس ۾ هاءِ ڪورٽ جي آئيني ۽ ريگيولر بينچ جي دائري اختيار بابت فيصلو ٻڌائي ڇڏيوآهي .سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ريفري جج جسٽس آغا فيصل فيصلو ٻڌائي چيو آهي ته قائم علي شاهه ۽ ٻين جي درخواستن جي ٻڌڻي ريگولر بئنچ ڪندي. قائم علي شاهه ۽ ٻين جون درخواستون آئيني بينچ جي دائري ۾ نٿيون اچن . قائم علي شاهه ۽ ٻين پاران داخل درخواستن تي وڌيڪ ٻڌڻي لاءِ معاملو سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ڏانهن اماڻيو ويو آهي. چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواستن جي ٻڌڻي لاءِ نئين بينچ جوڙي ،سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻن ججن وچ ۾ نيب ريفرنس ڪالعدم قرار ڏيڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي. جسٽس ڪريم خان آغا ۽ جسٽس يوسف علي سعيد تي مشتمل آئيني بئنچ ۾ اختلاف ٿيا هيا . جسٽس ڪريم خان آغا چيو هيو ته آئيني بينچ نيب ريفرنس بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪري سگهي ٿي .جڏهن ته آئيني بئنچ جي ٻئي ميمبر جسٽس يوسف علي سعيد جسٽس ڪي ڪي آغا جي فيصلي تي اختلاف ڪيو. جسٽس يوسف علي سعيد نيب سان لاڳاپيل ڪيسن کي ريگيولر بينچ جي ختيار هيٺ قرار ڏنو هو.
-
اداڪارا ناديا حسين جو مڙس فراڊ ڪيس ۾ ايف آءِ اي حوالي
ڪراچي (رپورٽر) جڊيشل مجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ ڪروڙين رپين جي فراڊ جو ڪيس ۾ ايف آءِ اي اداڪارا ناديه حسين جي مڙس عاطف خان کي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيوآهي .ايف آءِ اي جوابدار جي 11 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي. عدالت جوابدار کي جسماني رمانڊ تي پنج ڏينهن لاءِ ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيوآهي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسر کان اڳڀرائي واري رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.ٻڌڻي دوران عدالت ۾ ايف آء اي جي جاچ آفيسر جو چوڻ ھو ته فراڊ ۾ ملوث وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويندو.ايف آءِ اي جو ڊفينس فيز 6 ۾ شوبز اداڪارا ناديه حسين جي گهر تي ڇاپو هنيو هو .ايف آءِ اي جو چوڻ هو ته گرفتار ٿيل جوابدار 540 ملين رپين کان وڌيڪ جي فراڊ ۾ ملوث آهي.
-
ارمغان جي پيءُ ۽ ساٿين کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ جي هدايت
ڪراچي (رپورٽر) مصطفيٰ عامر اغوا ۽ قتل ڪيس ۾ جوابدار ارمغان ۽ سندس گروهه جو گهيرو تنگ ڪيو ويو آهي، پوليس جي پراسيڪيوشن ڊپارٽمينٽ کي جاچ جو اهم ٽاسڪ ڏنو ويو آهي، اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر پوليس کي گائيڊ لائن جاري ڪري ڇڏي آهي، ان حوالي سان اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر پوليس اختيارين کي خط لکي سفارش ڪئي آهي ته مک جوابدار ارمغان جي قبضي مان مليل سموريون شيون بنا دير فرانزڪ جاچ لاءِ موڪليون وڃن ۽ ارمغان جي ويجهن ماڻهن جي سرگرمين جو جائزو وٺي ڪيس داخل ڪيو وڃي، جوابدار ارمغان جي پيءُ کان جاچ ڪئي وڃي سندس ڪرمنل رڪارڊ به چيڪ ڪيو وڃي، جڏهن ته مقتول جي امڙ کي به جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي، ان سان گڏ جوابدار جي ساٿين کي به جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي.