پ پ اسٽيبلشمينٽ اختلاف؟پي ٽي آءِ جي غلط فهمي

اسلام آباد(جاويد چوڌري)صدر آصف زرداري اپوزيشن جي نعرن تي انهن ڏانهن نهاري مسڪرائي ڏنو،صدر ۽ وزيراعظم گوڙ دوران هيڊفون لڳائي ڇڏيا،چور چور ۽ قيدي نمبر 804 جا نعرا لڳا،آئين جي تحفظ ڪندڙ  ايوان ۾ جهڙي قسم جا نعرا لڳا اها ته بدتهذيبي آهي،ملڪ ۽ عوام ۾ پوءِ شائستگي ۽ تهذيب ڪيئن ايندي؟محفوظ شهيد ڪئنال ايس آءِ ايف سي جو پراجيڪٽ آهي،صدر ان ڪئنال جي مخالفت ڪري اڻ سڌي ريت اسٽيبلشمينٽ سان پهريون اختلاف ڪري ڇڏيو آهي،سنڌ جو خيال آهي ته ان ڪئنال جي اڏاوت سان سنڌ بنجر بڻجي ويندي،پي ٽي آءِ کي خوشي آهي ته پ پ اسٽيبلشمينٽ سان ناراض ٿي رهي آهي پر اها سندن غلط فهمي آهي،اسٽيبلشمينٽ ۽ پ پ هڪ ئي ٻيڙي جا سوار آهن،ٻئي پاسي پي ٽي آءِ لاهور ۾ 22 مارچ تي جلسي جو اعلان ڪيو آهي پر ان کي جلسي جي اجازت نه ملندي.

نوٽ : هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 11 مارچ 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.