”سنڌوءَ تي ڪئنال نامنظور“ ايس ٽي پي جو 14 مارچ تي مظاهرن جو اعلان

حيدرآباد (پريس ريليز) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سينٽرل ڪميٽي جو اجلاس پارٽي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي صدارت ۾ ٿي گذريو  سنڌ اسان جي ماءُ سنڌواسان جوساھ مهم جي ٻئي مرحلي ۾ 14 مارچ تي دريائن جي عالمي ڏينهن تي سنڌو درياءُ تي ڪئنال ٺاهڻ واري منصوبي خلاف احتجاجي مظاهرا ۽ سنڌو درياءُ کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ مشعل بردار جلوس ڪڍي درياءُ کي گلن جي ورکا ڪري  ڀيٽا ڏني ويندي.21 مارچ تي ايس ٽي پي جي يوم تاسيس جا جلسا ضلعي هيڊ ڪوارٽرن ۾ ڪيا ويندا، جلسن ۾ ڪينالن جي نقصانن بابت آگاهي ڏني ويندي.اجلاس ۾ قانوندان شهاب اوستو پاران ڪراچي ۾ سنڌو درياهه جي بقا جي لاءِ "عوامي  پٽيشن” داخل ڪرائڻ لاءِ گهرايل گڏجاڻي ۾ شرڪت جو فيصلو ڪيو ويو.اجلاس کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌو درياءُ بچائڻ جي جدوجهد سنڌ جي قومي جدوجهد بڻجي چڪي آهي هن چيو ته سنڌين لاءِ سنڌو درياهه لائيف لائين آهي جيڪڏهن هن ملڪ جا جرنل ۽ وفاقي سياستدان گڏجي سنڌين کي بک، ڏڪار ۽ اڃ وگهي اجتماعي موت ڏيڻ جي رٿا طئ ڪري چڪا آهن ته سنڌين وٽ به پنهنجي زندگي بچائڻ جي لاءِ سڀئي رستا کليل آهن اجلاس ۾ سرائيڪي عوام سان سياسي رابطا وڌائڻ جو فيصلو ڪندي طئه ڪيو ويو  اجلاس ۾ گلزار سومرو، حيدر شاھاڻي ،نثار ڪيريو ،هوت خان گاڏهي، ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ، قادر چنه، ڊاڪٽر احمد نوناري، ڊاڪٽر سومار مڱريو ،حيدر ملاح ،خدابخش درس، شوڪت ابڙو، ڊاڪٽر مظهر ميمڻ، سيد اطهر شاھ، خير محمد مگسي شرڪت ڪئي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.