ميهڙ ڀرسان روڊ بلاڪ ڪري ڦرلٽ،فائرنگ،اي ايس آءِ شهيد،2 زخمي

ميھڙ )رپورٽ:فراز چنا)ميهڙ ڀرسان ٿرڙي محبت ٿاڻي جي حد بريدارو پوليس چوڪي لڳ نامعلوم هٿياربندن انڊس هاءِ وي تي پلال ۽ ٻيون رڪاوٽون رکي ايندڙ ويندڙ مسافرن کان ڦر لٽ ڪندا رهيا جڏھن ته لاڙڪاڻو کان ڪراچي ويندڙ جتوئي فيملي جي ڪار کي روڪي ڪار ۾ سوار عورتن کي يرغمال بڻائي کانئن سونا زيور ،  روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪيو جڏھن ته عورتن تي تشدد بعد ڪار ۾ سوار لاڙڪاڻو واسي مصري خان جتوئي کي گوليون ھڻي زخمي ڪيو جڏھن ته ھٿياربندن سامھون ايندڙ مسافر ڪوچ کي روڪڻ جي ڪوشش تي ڪوچ مٿان فائرنگ ڪئي جنھن سبب ڪوچ ۾ سوار بلوچستان صوبي جي جھل مگسي جو رھواسي اي ايس آءِ غلام عباس مگسي فوت ٿي ويو ۽ مسافر ڪوچ جو ڪلينر قبو سعيد خان واسي خالد راھوجو سخت زخمي ٿي پيا فوتي ۽ زخمين کي تعلقي اسپتال ميھڙ آندو ويو آھي جتي فوتي پوليس اھلڪار جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو جڏهن ته زخمين کي طبي امداد بعد کين لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو تعلقي اسپتال جي ڊيوٽي ڊاڪٽر موجب فوتي پوليس اھلڪار جي پيٽ ۽ ٽنگ ۾ رائيفل جي گولين جا نشان نظر آيا جڏھن ته زخمي مصري خان جتوئي ۽ خالد راھوجو کي پڻ ھڪ ھڪ گولي لڳل ھئي جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو هوڏانهن شهيد ڪيل پوليس اهلڪار غلام عباس مگسي جي وارثن تعلقي اسپتال ميهڙ مان لاش کڻائي اباڻي ڳوٺ پھچايو لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو جڏھن ته فوتي اھلڪار جي وارثن ڦر واقعي واري هنڌ  بريدارو اسٽاپ ڀرسان انڊس ھاءِ وي تي ڌرڻو هنيو مظاھرين انڊس ھاءِ وي تي رڪاوٽون رکي روڊ بند ڪري ڇڏيو انڊس هاءِ وي تي 11 ڪلاڪ مسلسل ھلندڙ ڌرڻي سبب ھاءِ وي بند ٿيڻ ڪري ڪراچي ، حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻو ڏانھن ايندڙ ويندڙ گاڏيون بيھي ويون مسافر سخت پريشان بڻيل رهيا جڏھن ته مسافرن ۽ مظاھرين ۾ چڪريون پڻ ٿينديون رھيون مظاھري جي اڳواڻي ڪندڙ احمد نواز مگسي،سردار علي مگسي،عبدالله مگسي ۽ ٻين نيشنل پريس ڪلب ميھڙ جي صحافين اڳيان دانھيو ته گذريل رات ھٿياربندن روڊ بند ڪري مسافر ڪوچ ، ڪار ۽ ٻين گاڏين کي بيھاري مسافرن ، عورتن کي يرغمال بڻائي ڦر لٽ ڪندا رھيا جڏھن ته ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ مسافر ڪوچ ۾ لاڙڪاڻو کان ڪراچي عيد تي ويندڙ پوليس اھلڪار غلام عباسي مگسي شھيد ٿي ويو آھي ھنن چيو ته واقعي کي 11 ڪلاڪ گذري ويا آھن پر پوليس ڪا ڪاروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آھي ان موقعي تي ايس ايس پي ڄامشورو ۽ دادو جي اضافي چارج رکندڙ ظفر صديق ڇانگا نيشنل پريس ڪلب ميھڙ جي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته انڊس ھاءِ وي تي رات وارو واقعو افسوسناڪ سان گڏ ڇرڪائيندڙ واقعو آھي ھن واقعي جو آءِ جي سنڌ پڻ نوٽيس ورتو آھي لاڳاپيل ٿاڻن ، ڊي ايس پي ميھڙ کي ھدايتون ڏنيون آھن ته ھاءِ وي تي گشت وڌايو وڃي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.