سڄي سنڌ ۾ تڪراري ڪينال ڪڍڻ واري وفاق جي ضد خلاف شروع ٿيل احتجاج تحريڪ جي صورت اختيار ڪري ويو آھي.ان ھوندي بھ وفاق پنھنجي ضد تي قائم آھي ۽ سنڌو درياھ مان نوان ڪينال ڪڍڻ واري تڪرار سبب ملڪي سطح تي ٿيندڙ نقصان کان بي نياز ۽ لاپرواھ ٿي رھيو آھي.جيتوڻيڪ تڪراري بڻجي ويل ڪينالن جي لاءِ گھربل قانوني گھرجون نھ رڳو پوريون نھ ڪيون ويون آھن، پر انھن کي ڪڍڻ جي لاءِ لاڳاپيل ادارن،فورمن جي منظوري کي مڪمل طور نظرانداز ڪندي آئيني گھرجن ۽ تقاضائن جي لتاڙ ڪئي وئي آھي.جنھن ڪري سنڌ جي ماڻھن ۾ اھا ڪاوڙ اڃان پڻ وڌي رھي آھي تھ وفاق ۽ ان جا ادارا پنھنجي جوڙيل قاعدن قانونن جي بھ سرعام ڀڃڪڙي ڪري رھيا آھن. اھو عمل ملڪ جي سموري وفاقي ڍانچي کي پورائي نھ ٿي سگھندڙ نقصان طرف ڌڪي رھيو آھي.
ملڪ ۾ پاڻي جي ورڇ ڪندڙ اداري ارسا جو چوڻ آھي تھ ملڪ ۾ پاڻي جي ذريعن ۽ ذخيرن ۾ کوٽ ٿي وئي آھي.جنھن ڪري پنجاب ۽ سنڌ ۾ گھربل پاڻي جي ڀيٽ ۾گھٽ پاڻي پھچي رھيو آھي.انڊس رور سسٽم اٿارٽي (ارسا) تربيلا ۽ منگلا ڊيمن جي ڊيڊ ليول جي صورتحال بابت صوبن کي خبردار ڪري ڇڏيو.ھڪ خط ۾ پاڻي جي ورڇ جو نئون ضابطو جاري ڪندي چيو آهي ته ربيع جي باقي رهيل عرصي ۾ 30 کان 35 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ جو خدشو آهي ۽ برسات نه پوڻ تائين صورتحال بهتر ٿيڻ جي ڪا اميد نھ آھي.
ھلندڙ ربيع سيزن ۾ پنجاب 20 سيڪڙو ۽ سنڌ 16 سيڪڙو پاڻي کوٽ جو شڪار آهي. ارسا موجب سنڌ کي 27 هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته پنجاب کي 40 هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي. ارسا جي دعوائن جي ابتڙ سنڌ ۾ 16 سيڪڙو نه پر هن وقت 40 سيڪڙو کان مٿي پاڻي کوٽ آهي.ارسا ترجمان جو چوڻ آهي ته برسات نه پوڻ جي صورت ۾ منگلا ۽ تربيلا ٽن کان چئن ڏينهن ۾ ڊيڊ ليول تي وڃي سگهن ٿا. واپڊا موجب تربيلا ڊيم جي ڊيڊ ليول 1402 فوٽ ۽ منگلا ڊيم جي ڊيڊ ليول 1050 فوٽ آهي.، تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح 1409.50 فوٽ ۽ منگلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح 1088.45 فوٽ آهي.
ھاڻي جڏھن پاڻي جي اھا صورتحال آھي، جنھن تي ڳچ عرصي کان ملڪ جا صوبا پنھنجو پاڻ ۾ اڳي ئي وڙھندا رھيا آھن ۽ ان جي مقرر ڪيل فارمولي موجب ننڍن صوبن کي پاڻي نھ ملندو رھيو آھي.ان باوجود پاڻي جھڙي نازڪ مسئلي تي قانون جي گھرجن کي ھڪ طرف رکي ڪري تڙ تڪڙ ۾ نگران حڪومت کان اھڙو ڪم ورتو ويو آھي، جنھن سان ويتر قانوني مونجھارن جنم ورتو آھي.
ٻئي پاسي وري صورتحال اھا آھي تھ سنڌو درياهه تي سنڌ جي آبادي (ڊيموگرافي) جي استحڪام، ماحولياتي توازن، معاشي بقا ۽ نسلي ثقافتي سڃاڻپ بابت ڪا اسٽڊي بھ نھ ٿي آھي.جيڪڏھن اندس ڊيلٽا جي ڇوڙ واري علائقي جي ڳالهھ ڪبي تھ ان خطي کي زماني کان گھربل ۽ پاڻي ٺاھ موجب مقرر ڪيل پاڻي جي مقدار نھ ملڻ جي نتيجي ۾ اتي جي معيشت، سماجي زندگيءَ ۽ اتي جي نباتات ۽ ماحول تي پوندڙ اثر وقت سان گڏ وڌيڪ سنگين ٿي رھيو آھي.سنڌ جي آئيني حقن يا اعتراضن کي نظرانداز ڪندي، جنهن پاڻي حق 1991 جي پاڻي ٺاھ ۽ عالمي ڪنوينشن ٻنهي تحت محفوظ آهن.انھن کي مڪمل نظرانداز ڪيو ويو آھي.
ھن وقت سڄي دنيا ۾ موسمياتي تبديلين جا خطرناڪ اثر ظاھر ٿي رھيا آھن.جنھن کان پاڪستان توڻي سنڌ پڻ محفوظ نھ آھي، اھو ئي سبب آھي جو ڪٿي ٻوڏون تھ وري ڪٿي ڏڪار جا آثار ظاهر ٿي رهيا آهن، جنھن ڪري دنيا ۾ درياھن جي سسٽم ۾ موجود توازن ۾ بگاڙ وڌي ويو آھي.اھڙي صورت ۾سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته چولستان ۾ لکين ايڪڙ زمين تي پکڙيل نئين ڪمانڊ ايريا کي ڪيئن سيراب ڪيو ويندو؟ رڳو فرض ڪري وٺن جي بنياد تي اھڙين وڏين اسڪمين لاءِ ضد ڪرڻ جو مطلب سنڌ جو ماڻھو اھو وٺي ٿو تھ اھو سڀ ڪجھه ڏاڍ جي زور تي ڪيو پيو وڃي.سنڌو درياءُ ۾ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ مٺي پاڻي جو ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري سمنڊ ٺٽو، سجاول ۽ بدين ضلعن جي 40 لک ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آھي. پاڻي ماھرن موجب سمنڊ ھر روز ھڪ سئو ايڪڙ زمين پائي رھيو آھي، جيڪڏھن سمنڊ ۾ مٺي پاڻي جو ڇوڙ نه ٿيو آھي، تمام جلد ٺٽو، سجاول ۽ بدين ضلعا پاڪستان جي نقشي تان مٽجي ويندا ۽ ھڪ وڏو انساني الميو جنم وٺي سگھي ٿو. پاڻي جي ورڇ بابت 1991ع جي ٺاھ ۾ اھو طئي ڪيو ويو، تھ ھر سال ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ 10 ملين فوٽ ايڪڙ پاڻي ڇوڙ ڪيو ويندو پر ان ٺاھ جي لڳاتار لتاڙ ٿيندي رھي آھي.ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۽ سامونڊي پٽي مان ھزارين ماڻھو بک بدحالي جو شڪار ٿيڻ ڪري وڏي پئماني تي لڏپلاڻ ڪري ٻين علائقن ڏانھن وڃي رھيا آھن.
مٿي ذڪر ڪيل مسئلن جي پيش نظر اھو ڪنھن بھ ريت ممڪن ئي نھ آھي تھ سنڌو درياھ منجھان نوان ڪينال ڪڍي سنڌ جي آباد ٿيندڙ زمينن کي ڀڙڀانگ ڪري وري چولستان جي لکين ايڪڙ زمين کي سيراب ڪيو وڃي، اھڙي اجازت دنيا جي ڪنھن بھ قانون ۾ ڏنل نھ آھي.
موسمن جي ڦيري جي ڪري ئي ھن وقت ملڪ جي پاڻي ذخيرو ڪندڙ ڊيمن ۾ پاڻي جي سطح تمام ھيٺ ٿي رھي آھي. اھڙي صورت ۾ ڪو بھ جواز يا جوڳو سبب نٿو ٿئي تھ تڪراري ڪينالن واري رٿا ۾ ھٿ وڌو وڃي.
ڪي فرض ڪري ورتل ڳالھين کي بنياد بڻائي جيڪڏھن اھڙي ڪا ڪوشش ڪئي ويندي تھ ان جا نھ رڳو سنڌ جي سموري زندگيءَ تي منفي اثر پوندا بلڪھ اھو عمل وفاق کي نقصان ڏيڻ برابر ھوندو. تڪرار ڪينالن جي سمورن حامين کي ھن وقت جي ملڪ ۾ موجود پاڻي ۽ ماحولياتي تبديلي سميت ملڪ جي قاعدن، قانون ، وفاق جي ادارن ۽ فورمن جي اختيارن ۽ انھن جي مينڊيٽ سميت ملڪي آئين ۾ لکيل حقن تي غور ڪرڻ جي گھرج آھي.تھ جئين ان بابت ڪو عمل جوڳو ۽ سمجھه ۾ ايندڙ موقف سامھون اچي سگھي ٻي صورت ۾ ڪنھن تڪڙ جي صورت ۾ ان جو وڏو نقصان ٿي سگھي ٿو.