ٺل ۾ اغوا جي ڪوشش بعد ماسترياڻين اسڪول اچڻ ڇڏي ڏنو،ايس ايڇ او بدلي

جيڪب آباد(رپورٽ:حضور بخش سومرو)ٺل ويجهو بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ سوڍو بنگلاڻي ڀرسان ليڊي ٽيچرز کي اغوا جي ڪوشش وارو معاملو بعد ليڊي ٽيچرز اسڪول اچڻ بند ڪري ڇڏيو آهي جنهن ڪري تعليمي سرگرميون معطل ٿي ويون آهن ان ڏس ۾ گذريل ڏهاڙي هٿياربندن جي  ٽولي پاران خانگي اسڪول وين ۾ سوار ليڊي ٽيچرس کي مبينا اغوا جي ڪوشش واري واقعي بعد خانگي اسڪول بند ٿي ويو آهي ليڊي ٽيچرز اغوا جي خوف سبب اسڪول وڃڻ بند ڪري ڇڏيو آهي جنهن ڪري اسڪول کي تالا لڳي ويا آهن اسڪول بند هجڻ ڪري سوين شاگردن جي تعليم متاثر ٿيڻ لڳي آهي شاگردن جو چوڻ آهي ليڊي ٽيچرس کي سيڪورٽي ڏئي اسان جي تعليم بحال ڪئي وڃي۔ٻئي طرف ليڊي ٽيچرز جي اغوا جي ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد صدام خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ وشو گينگ جي گرفتاري لاءِ مختلف ڳوٺ گلاب بنگلاڻي محمد بنگلاڻي سميت ٻين جاين تي چڙهائي ڪئي جتان شڪ جي بنياد تي  5 کان وڌيڪ شڪي ماڻهو گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪيا هوڏانهن ٺل جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ وڌندڙ بدامني جو ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب نوٽيس ورتو ۽ ايس ايڇ او بي سيڪشن لالا اياز پٺاڻ کي بدلي ڪري عبدالقادر چانڊيو کي نئون ايس ايڇ او مقرر ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ٻئي طرف خانگي اسڪول جي مالڪ شفقت خان بنگلاڻي ٻڌايو ته گذريل ڏهاڙي جيڪو منهنجي اسڪول ٽيچرس سان واقعو پيش آيو ان جي اسان مذمت ڪريون ٿا پر ان واقعي کان پوء اسڪول ۾ تعليمي نظام درهم برهم ٿي ويو آهي ٽيچرس خوف سبب نه ٿيون اچن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.