شاعري رڳو مترنم لفظن جي سٽاءُ جو نالو نه آهي، پر اها اظهار جو اهڙو انوکو انداز آهي، جنهن ۾ فڪر جا پنڇي پر پکيڙي نروار ٿين ٿا ۽ شعور کان لاشعور جو سفر طئي ڪن ٿا. حقيقت ۾ شاعري روح جو آواز آهي، جنهن ۾ پيار جو پيغام به هوندو آهي ته درد جي هوڪ به. جنهن ۾ جذبن جي ڪوملتا به هوندي آهي ته احساسن جي شدت به. يا وري شاعري احساس جو سمنڊ آهي جتان لفظ لهرن تي رقص ڪندا سماعتن جي ساحلن کي ڇهندا آهن، هڪ سچو شاعر ان مصور وانگر هوندو آهي، جيڪو خالي ڪئنواس تي رنگ چٽي پنهنجي احساسن کي به انهن ۾ تحليل ڪري ڇڏيندو آهي Islamic D’Israeli جي لفظن ۾ “A Poet is the painter of soul” )هڪ شاعر روح جو مصور ٿئي ٿو.(
هر دور جي شاعري پنهنجي دور جو آواز ۽ انداز هوندي آهي. سنڌي شاعري ۾ ڪلاسڪي دور کان جديد دور تائين جي سفر تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ان سموري عرصي ۾ سنڌي شاعري اندر نه صرف فني پر فڪري حوالي سان به ڪيئي تجربا ڪيا ويا آهن. اسان جي شاعري ارتقا جا اهي سمورا مرحلا طئي ڪري موجوده دور ۾ جنهن مقام تي پهتي آهي، ان ۾ ڪيترن ئي اهم شاعرن جو حصو آهي ۽ اياز گل جو نالو جديد دور جي انهن شاعرن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. امداد حسيني جي لفظن ۾ “هر سچي شاعر کي پنهنجو الڳ ڊڪشن، نئون لهجو ۽ نڪور ردم هوندو آهي ان آڌار تي ئي هو، پنهنجي هم عنصرن ۾ منفرد حيثيت ماڻيندو آهي ۽ اياز گل پنهنجي دور ۾ اهڙي حيثيت ماڻي چڪو آهي.”
اياز گل جي شاعري هونءَ ته موضوعن جي حوالي سان گوناگون آهي، پر خاص طور تي هن وٽ رومانوي رنگ، پنهنجي پوري جمالياتي ذوق، ڦوهه جواني ۽ جوڀن ۾ نظر اچي ٿو. هن جا لفظ هر پيار ڪرڻ واري دل کي امرت پيا آڇين. اهڙو امرت، جنهن کي اندر ۾ اوتي زندگيءَ مان سرور حاصل ڪري سگهجي. جيئن.
جنهن ۾ ڪنهن جي ماٺ به موهي وجهندي آ،
حد نه هوندي آهي، اهِڙي چاهت جي
مَڌ وانگي آ محبت جو نشو،
تيئن وڌي، جيئن جيئن پراڻي ٿي وئي
نفرتون ڪن ٿيون آپگهات تڏهن،
پيار ٿو پيار کي جڏهن ماڻي
منهنجي دل جي ڌرتيءَ مان،
تنهنجو پيار ڦٽي نڪتو.
اهڙي چاهت جنهن ۾ ماٺ به تڪلم بڻجي وڃي. اهڙي محبت، جنهن جي قدامت پراڻي شراب وارو سرور بخشي، اهڙو پيار جيڪو نفرتن کي آپگهات ڪرڻ تي مجبور ڪري وجهي ۽ جيڪو دل جي نازڪ ڌرتيءَ مان ڦٽي نڪري… اهڙي چاهت، محبت ۽ پيار يقيناً هڪ اهڙي حساس شاعر جي لفظن مان ئي جهلڪي سگهي ٿو، جنهن ان احساس کي انتهائي قريب کان محسوس ڪيو هوندو. اياز گل محبت کي پنهنجي هستيءَ سان ائين پيوست ڪري ڇڏيو آهي
اياز گل جي شاعريءَ جي وڏي ۾ وڏي خوبي اها آهي ته هن وٽ جيتري لفظي سادگي آهي، اوتري ئي معنوي پختگي ۽ فڪري گهرائي پڻ آهي. اياز جا مٿيان شعر انهيءَ شعري حسن ۽ تخليقي سگهه جو مظهر آهن. مهتاب محبوب جي اها راءِ نهايت ورنانتي آهي ته “اياز گل جي شاعري پڙهندي احساس ٿو ٿئي ته هن هر جذبي کي شدت سان محسوس ڪيو آهي. تڏهن ئي ته سندس شاعري انساني ڏکن ڏوجهرن، احساسن ۽ سچن موتين جهڙن جذبن جي تاريخ لکڻ سان گڏ، ڪٿي ڪٿي ائين به لڳي ڄڻ اياز گل اها نفيس احساس واري شاعري درد جي تارن سان ويهي اَڻي آهي.”
اها حقيقت آهي ته اياز گل جي شاعريءَ ۾ درد جي ڪيفيت واضح طور نظر اچي ٿي. ڪٿي اهو درد هن دور جا زخم ٿو ڏيکاري ته ڪٿي وري غمِ جانان بڻجي وڃي ٿو
اياز گل غم جي ڄار ۾ جڪڙجڻ کانپوءِ اظهار جا انوکا انداز تراشي ٿو. هن جي لفظن ۾ ڏسبو ته درد ئي زندگيءَ جو وڏي ۾ وڏو سچ نظر ايندو، اهڙو سچ جنهن کانسواءِ شايد جيون جي آکاڻي کي سمجهڻ ئي ناممڪن آهي. اياز ان پوري فلسفي کي غزل جي هڪڙي ئي شعر ۾ جنهن سادگيءَ ۽ پُرمفهوم انداز ۾ بيان ڪيو آهي اهو فقط هن جو ئي فن آهي.
جيون جي آکاڻيءَ ۾ دک،
فل اسٽاپ ۽ ڪاما آهن.
سو حقيقت اها آهي ته غم ته انسان سان گڏ ئي وجود ۾ اچي ٿو ۽ هر دل رکندڙ ماڻهو درد جو مزو چکي ٿو. اياز گل وٽ اهڙو اظهار ڪئي رنگن ۾ پنهنجي پوري قوت سان نظر اچي ٿو. سندس هيٺين شعرن ۾ درد جي ان شدت کي آساني سان محسوس ڪري سگهجي ٿو.
ڀرپور نگاهن سان ڏسي ڀي نه سگهياسي،
هڪ درد کڻي دوست اوهان ساڻ ملياسي،
ڪيڏا نه اداڪار وڃون پاڻ پيا ٿيندا،
دل ۾ ته رنا سي پئي، ٻاهر ٿي کلياسي.
سڀ ٽهڪ، سڀئي گيت زماني جي پلوَ ۾،
سڀ لڙڪ، سڀئي گهاو، اسان جهول جهلياسي.
درد مون وٽ ڇڏي ويو آهي.
مون کان سڀ ڪجهه کسڻ نٿو چاهي
مستقل درد هن، اداسون هن،
پيار تنهنجو به عارضي آهي.
درد اسان جي هانو ڏي هٿُ وڌايو پئي،
پاڻ ٻئي خاموش هياسي، ڳوڙهن ڳالهايو پئي
ڏئي هو درد ٿو چاهي ته مرڪندو ئي رهان،
نوان ئي ڍنگ سکيو آهي آزمائڻ جا.
ٽهڪ جيڪي هئا ورهائي ڇڏيا،
ڪهڙو ڪنهن کي روئارجي هاڻي؟
هڪ پختو ۽ سچو شاعر پنهنجي شاعريءَ ۾ نه رڳو پنهنجي انفرادي پيڙائن جو پوتاميل بيان ڪندو آهي، پر هو سماج جي اجتماعي درد کي به پنهنجي دل جو روڳ تصور ڪندو آهي. مارگريٽ بلي جو چوڻ آهي ته “اردگرد جي زندگيءَ مان ذهني تحريڪ يا اتساهه حاصل ڪرڻ کانسواءِ فنڪار جي تخليق ۾ يڪسانيت پيدا ٿي پوندي آهي ۽ اها اڌ مُئي لڳندي آهي، اهڙي طرح اها تخليق وڌيڪ داخلي ثابت ٿيندي آهي.” اياز گل جتي پنهنجي شاعريءَ ۾ داخلي وارتائن ۽ ڪيفيت کي پورٽريٽ ڪيو آهي، اُتي ساڳي ڀرپوريت سان خارجي ۽ سماجي مسئلن کي به اظهار جي چپن تي آندو آهي. اياز گل سماج کي ٽٽندو ۽ ڀُرندو ڏسي، اکيون ٻوٽڻ جو قائل نه آهي،اياز گل بنيادي طور غزل جو شاعر آهي. غزل، جيڪو جڏهن ايران جي فضائن مان وکريو ته ان کي سنڌ جي سماعتن جهٽي وتو، پهريان ته ان کي فارسي جي ساڳين صراحين ۾ اوتڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر بعد ۾ جڏهن غزل کي، سنڌ جي مٽيءَ جي ڀِني سڳنڌ جو پيوند لڳو ته ان مان هن ئي ڀونءِ جي مهڪار اچڻ لڳي. اياز گل جديد سنڌي شاعريءَ جي انهيءَ سٿ جو تسلسل آهي، جن سنڌي غزل کي نجُ سنڌي لب و لهجو ڏنو آهي. اياز پنهنجي غزل کي نه صرف نج ٻوليءَ جي سونهن سان سجايو آهي، پر ان جي روايتي موضوعن کي به پنهنجي شاعراڻي ڏانءُ وسيلي ڪمال جي جدت ڏني آهي. شيخ اياز جي لفظن ۾ ته “اياز گل جي شاعري پنهنجي ڌرتيءَ جي پيدائش آهي، اها فارسي بحرن جي مشاقيءَ تي نه ٿي تڳي ان کي هڪ انوکي خوشبو آهي، جا پڪل پيرن ۾ ٿيندي آهي.”
اياز گل جي شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جي حسن ۽ نزاڪت کي هر صاحبِ نظر محسوس ڪري سگهي ٿو. خاص طور تي هن جي غزل ۾ غضب جون تشبيهون ملن ٿيون، پر اهي تشبيهون، سندس غزل جي روايتي سادگي ۾ دخل هرگز نه ٿيون ڏين، بلڪه انهن تشبيهن ۾ خود ايڏي ته سادگي ۽ معصوميت آهي جو غزل جي تازگي پوري تاثر سان سماعتن تي حاوي ٿي وڃي ٿي، اياز جي شاعري اهڙي فني خوبيءَ سان ٽمٽار آهي، مثال طور رڳو چند شعر ئي ڏسو.
عمر جي اونداهي ڪمري ۾،
پيارُ ڪنهن روشندان جيان آ.
هر گهڙي ڪِرڻ جو رهي خطرو،
پياز پهرين اُڏارَ وانگي آ.