.سنڌ جي آڊٽ رپورٽ ۾ 908 ارب رپين جون مالي بي ضابطگيون اهم سوال اٿارين ٿيون:تحريڪ انصاف

ڪراچي (رپورٽر ) پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ سنڌ جي مالي سال 2024-25 جي آڊٽ رپورٽ تي سخت ردعمل ڏيندي چيو آهي ته رپورٽ ۾ 908 ارب رپين کان وڌيڪ مالي  بي ضابطگين جو انڪشاف صوبائي حڪومت جي ڪارڪردگي تي سنجيده سوال اٿاري ٿو. هن چيو ته گذريل 17 سالن کان اقتدار ۾ موجود پيپلزپارٽي جي حڪمراني هن آڊٽ رپورٽ کان پوءِ مڪمل طور بي نقاب ٿي چڪي آهي. حليم عادل شيخ چيو ته بلديات کاتي ۾ 210 ارب رپين جا مشڪوڪ ٺيڪا ۽ اضافي ادائيگيون ظاهر ڪيون ويون آهن، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هن کاتي کي پيپلز پارٽي پارٽي فنڊ طور استعمال ڪيو. هن الزام هنيو ته سرڪاري وسيلن کي منظم نموني لٽيو ويو ۽ ترقياتي منصوبن کي ڪميشن عيوض ورهايو ويندو رهيو. هن چيو ته صحت کاتي ۾ 95 ارب رپين جون بي ضابطگيون سامهون آيون آهن ۽ دوائن جي خريداري کي به مشڪوڪ قرار ڏنو ويو آهي. سرڪاري اسپتالن ۾ ٺيڪا ڏئي ڪرپشن ڪئي پئي وڃي ۽ عوام کي بنيادي سهولتن کان محروم رکيو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته آبپاشي کاتي ۾ 130 ارب رپين جا آڊٽ اعتراض ۽ اڌورا اسڪيم مڪمل ادائيگين سان گڏ بدانتظامي جي بدترين مثال آهن. پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر وڌيڪ چيو ته تعليم کاتي ۾ 75 ارب رپين جون بي قاعدگيون سامهون آيون آهن ۽ گھوسٽ اسڪولن جو انڪشاف ٿيو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ 78 لک ٻار تعليم کان محروم آهن جڏهن ته ڪاغذن ۾ اربين رپين جا خرچ ڏيکاريا پيا وڃن. اهڙي طرح ورڪس اينڊ سروسز کاتي ۾ 160 ارب رپين جون سنگين مالي بي ضابطگيون رپورٽ ٿيون آهن، جيڪي ترقياتي ڪمن ۾ وڏي پيماني تي ڪميشن خوري جي عڪاسي ڪن ٿيون. حليم عادل شيخ چيو ته توانائي ۽ خودمختيار ادارن ۾ 120 ارب رپين جا مالي معاملا مشڪوڪ قرار ڏنا ويا آهن ۽ سولر سسٽم جي نالي تي اربين رپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي. ٻين کاتن ۾ به اربين رپين جا آڊٽ اعتراض سامهون آيا آهن. هن سوال اٿاريو ته جڏهن چند سئو آڊٽ يونٽن ۾ 908 ارب رپين جا اعتراض سامهون آيا آهن ته مڪمل آڊٽ ٿيڻ تي صورتحال ڇا ٿيندي؟ هن چيو ته سنڌ جي عوام کي پاڻي، صحت ۽ تعليم جهڙيون بنيادي سهولتون ميسر ناهن، پر سرڪاري ڪاغذن ۾ اربين رپين جا خرچ ڏيکاريا پيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.