امارات پاران فضائي حدون ايران خلاف استعمال نه ٿيڻ جو اعلان

ابوظهبي(عوامي آواز نيوز)متحدہ عرب امارات اعلان ڪيو آهي ته هو پنهنجي فضائي حدون ايران تي حملي لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏيندو۔ اماراتي وزير مملڪت براءِ بين الاقوامي تعاون ريما الهاشم پريس بريفنگ دوران سرڪاري پاليسي واضح ڪندي چيو ته امارات تڪرار جي واڌ جو حصو بڻجڻ نٿو چاهي۔هن وڌيڪ چيو ته ايران جو بيلسٽڪ ميزائل پروگرام علائقي لاءِ خطرو آهي، پر فوجي حل ممڪن ناهي۔ امارات کي پنهنجي دفاع جو مڪمل حق حاصل آهي، جڏهن ته وڌندڙ ڇڪتاڻ سڄي خطي لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندي۔ساڳئي وقت اماراتي عسڪري اختيارين چيو آهي ته ملڪ جنگي صورتحال ۾ آهي،اماراتي وزارتِ دفاع جي ترجمان ٻڌايو ته هٿياربند فوج مڪمل جنگي تياريءَ جي حالت ۾ آهي۔ميجر جنرل عبدالناصر الحميدي چيو ته امارات جي خودمختياري ۽ سلامتي تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.