ماحولياتي تبديلي هڪ اهم عالمي مسئلو بڻجي چڪو آهي، جنهن جا ماحولياتي نظام، معيشيتن ۽ معاشرن تي شديد اثر پئجي رهيا آهن. پاڪستان جي هاڻوڪي صورتحال موجب، اسان جي ملڪ جو دنيا جي 10 سڀ کان وڌيڪ موسمياتي اثرن ۽ هاڃيڪارين جو شڪار ۽ شديد قسم جي مالياتي خطرن وارن ملڪن ۾ شمار آهي. جنهن ۾ خاص طور تي زراعت تمام وڏن گهوٽالن جو شڪار بڻجڻ وڃي رهي آهي (جيڪو پاڪستان جي جي ڊي پي جو 24 سيڪڙو حصو آهي). ملڪ لاءِ اهڙي قسم جي انتهائي ڳڻتي واري صورتحال ۾ مالياتي سرشتي ۽ بينڪاري جي نظام کي ملڪ لاءِ بهتر ۽ وڌيڪ مددگار بڻائڻ لاءِ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان طرفان بينڪن تي دٻاءَ وڌو پيو وڃي ته هو موسمياتي خطرن کي قرض ڏيڻ جي حڪمت عملي ۾ ضم ڪن پران جي باوجود مشڪلاتون برقرار آهن، جيئن ڊيٽا ۾ فرق ۽ ريگوليٽري غير يقيني صورتحال انتهائي اهم آهن. سال 2022ع ۾ ٻوڏن سان پاڪستان ۾ 5 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو آهي. جڏهن ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ موجب جيڪڏهن نقصانن کي گهٽ ڪرڻ بابت قدم نه کنيا ويا ته، 2050ع تائين جي ڊي پي کي 7.5 سيڪڙو نقصان ٿي سگهي ٿو.
پيرس معاهدو 2015 ع ۽ ٽاسڪ فورس آن ڪلائيمنٽ (TCFD) موجب مالياتي ادارن جي شفافيت ۽ رسڪ مينيجمينٽ تي زور ڏنو وڃي ٿو ته جيئن هو واقعاتي (مثلا : سيلاب، خشڪ سالي) ۽ منتقلي ( مثلا:ريگوليٽري تبديليون، ٽيڪنيڪي تبديلين) ٻنهي تي غور ڪن. هڪ مطالعي جي نتيجن خبردار ڪيو آهي ته، گهٽتائي بنا 2100ع تائين عالمي جي ڊي پي 18 سيڪڙو تائين گهٽجي سگهي ٿي. پاڪستان ۾ اهي خطرا خاص طور تي زراعت، توانائي ۽ بينڪنگ جي شعبن لاءِ وڌي ويا آهن.موسمياتي تبديلين جي آب و هوا تي سڌو سنئون اثرن سان گرمي پد ۾ اضافي ۽ لڪون لڳڻ ۽ گرمي جون لهرون وڌڻ سان گليشيئرز جي تيزي سان ڳرڻ سان ٻوڏون اچڻ، وڌيڪ برساتن سان سيلاب ۽ وڌندڙ سمنڊ جي سطح منتقلي جا خطرا وڌي ويا آهن. خاص طور تي سڀ کان وڌيڪ خطرن وارا شعبا جن ۾ زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ، جنگلات ۽ ماهي گيري، صنعتي پيداوار، تعميرات ۽ توانائي ۽ پاڻي جي فراهمي ۽ ٻيا ذريعا شامل آهن.
ٽاسڪ فورس آن ڪلائيمنٽ ريليٽيڊ فنانسنگ (ٽي سي ايف ڊي) هن ڳالهه تي روشني وجهي ٿي ته عالمي سطح تي 60 سيڪڙو موسمياتي خطرن جي نقصانن کي وڏيون ڪارپوريشنون منهن ڏيئي رهيون آهن. جڏهن ته پاڪستان جهڙين اڀرندڙ معيشيتن وٽ اڃا به انگن اکرن بابت تمام وڏي کوٽ ۽ خلا موجود آهي. مالياتي نمونن جي سامهون اچڻ سان ايندڙ حالتن جي انديشن جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ۽ اهي مالياتي نمونا انهن خطرن کي گهٽائڻ لاءِ هڪ مددگار ۽ سهولتون پيدا ڪرڻ جو سبب بنجي سگهن ٿا.هنن سان ادارن جي ساخت ۽ انهن جي منتقلي جي ٻنهي قسم جي خطرن جي معاشي اثرن جو اندازو لڳائڻ ۾ مدد ملي ٿي. جيئن جيئن دنيا ۾ موسمن جي شدت وارا خطرا وڌي رهيا آهن ته مرڪزي بئنڪ ۽ ريگوليٽرز طرفان دنيا ۾ موسمياتي خطرن کي مالياتي سرشتي ۾ ضم ڪيو پيو وڃي ته جيئن استحڪام کي يقيني بڻايو وڃي.
پاڪستان ۾ موسمياتي خطرن واري صورتحال ۾مالياتي خطرا وڌي ويا آهن ۽ بينڪاري ۽ مالياتي معاملن جي حوالي سان ڪريڊٽ بابت آب و ھوا جي ڪري رڪاوٽون وڌي ويون آهن جنهن ۾ مارڪيٽ ۾ موسمياتي واقعن جي سبب اثاثن جي ٻيهر قيمت جو تعين ٿيڻ، آپريشنل شعبي ۾ سپلائي چين ۽ سهولتن ۾ رڪاوٽون پيدا ٿيڻ، ليڪويڊٽي جي شعبي ۾ سرمائي جي طلب ۾ اضافو ٿيڻ ۽ ساک جي حوالي سان مالياتي شعبي ۾ قانوني معاملن ۽ عوامي جانچ جي حوالي سان انديشا ۽ مالياتي خطرا وڌي ويا آهن. انهن خطرن لاءِ شعبن ۽ ادارن جي لچڪ جو اندازو لڳائڻ ۾ مالياتي ڇڪتاڻ جا ٽيسٽ مدد ڪن ٿا. جڏهن ته اثاثن جي قيمتن ۽ مارڪيٽ جي قيمتن ۾ مخصوص اوڻائين جي پڻ نشاندهي ڪن ٿا.
پاڪستان ۾ 2022 ع ۾ موسمياتي نقصانن، سيلاب جي نتيجي ۾ 29 ارب آمريڪي ڊالر جو نقصان ٿيو جڏهن ته (1992_2021) ۾ آيل سيلاب جي نتيجي ۾15.2 ارب آمريڪي ڊالرن جو معاشي نقصان ان کان الڳ ٿيو هو.
اهڙي قسم جي صورتحال ۾ پاڪستان جهڙي ملڪن لاءِ موسمياتي تبديلين جي خطرن واري صورتحال لاءِ مفيد مالياتي نمونا ضروري آهن.اهڙن مالياتي نمونن جي جوڙجڪ ۽ خطرن ۽ نقصانن واري صورتحال ۾ پاڪستاني بينڪن جي بينڪاري سرشتي ۾ موسمياتي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ لچڪ پيدا ڪري سگهجي ٿي ۽ پائيدار سرمايا ڪاري کي هٿي ڏيئي سگهجي ٿي ۽ وڌيڪ مستحڪم، موسمياتي لچڪدار مستقبل کي محفوظ بڻائي سگهجي ٿو.