سنڌ جي انقلابي شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو بي رحماڻو قتل جنھن تي سڄي سنڌ ڏکاري آهي، پر جيئن جيئن وقت گذري پيو تيئن تيئن ڊاڪٽر آڪاش جي قتل ۾ ٻيا لڪيل هٿ ھجڻ جا معاملا ظاھر ٿين پيا، ڀٽائي نگر ٿاڻي تي ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو قتل ڪيس سندس سئوٽ جان محمد انصاري، ڊاڪٽر آڪاش جي پٽ وشال لطيف خلاف داخل ڪرايو هو. ان بعد وشال لطيف گرفتار ٿيو، حيدرآباد جي عدالت ۾ بيان به رڪارڊ ٿيو، فريادي جان محمد جي ھاڻي ايندڙ مختلف بيانن بعد معاملو نئون رخ اختيار ڪندو پيو وڃي.
آئون جيڪڏھن ھن ڊائري ۾ ڪجهه شڪ واريون شيون ظاھر ڪيان ٿو ته ان ۾ ڪنھن کي به تڪليف نه ٿيڻ کپي پر ھڪ شاعر جي بيدردي سان ٿيل قتل تي جيڪڏھن خاموش ويٺا رھياسين ته ضمير جي عدالت ۾ اسان ڏوهي بڻجي وينداسين.
سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته فريادي ھڪ اھڙي عظيم شخص جي قتل تي جيڪا ايف آءِ آر داخل ڪرائي ان ۾ جيڪڏھن وشال سان سندس امڙ شامل ھئي ته ان وقت ايف آءِ آر ۾ ان کي شامل ڇو نه ڪرايو ويو، مطلب ته ڪي نه ڪي مفاد سڀني جا آھن، آڪاش جي موت تي جيڪڏھن اھي سڀ شيون آرام سان ويھي سڀني رخن کان جاچ ڪري فريادي ايف آءِ آر داخل ڪرائي ھا ته پوءِ شايد جيڪا صورتحال ھن وقت بيٺل آھي، اھا نه ھجي ھا.
آڪاش جي بيواھ جو وڊيو جيئن ئي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيو ته سامهون وارن ھمراھن جو ننڊون خراب ٿي ويون، اظھار جي آزادي جو حق ڪير به ڪنھن کان کسي نٿو سگھي، جيڪڏھن ڪير چوي ته قتل ۾ ھي ملوث آھي، ھُو ملوث آھي، اھو ڪيس کي خراب ڪرڻ جو پھريون تجربو ٿيو آھي. جيڪڏھن شفاف جوڊيشل جي آءِ ٽي جڙي ته پوءِ ڊاڪٽر جي قتل ۾ جيڪي رنڊڪون وڌيون پيون وڃن اھي ختم ٿي وينديون. جي آءِ ٽي واري درخواست ڏئي وري واپس وٺڻ به ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا آھن، پر جيئن آڪاش جي گھرواريءَ وڊيو بيان ڏنو ته وري ڪيسٽ جو ٻيو پاسو وڄڻ شروع ٿي ويو، جلد جلد فريادي کي بيان ڏيڻا پئجي ويا آهن، آڪاش جي گھرواريءَ چيو آهي ته قتل ۾ ٻيا به شامل آھن، ان ڳالهه تي ڪجهه آڪاش جا ساٿي باهه ٿي ويا آهن، مطلب ته جي ٻيا آھن ته بچڻ نه کپن.
آڪاش جي پراپرٽي تي نظر رڳو سندس پٽ جي نه ھئي، پر جڏھن جي آءِ ٽي جڙندي تڏھن سندس ويجھا ساٿي به جي آءِ ٽي اڳيان ايندا، پر جي آڪاش جھڙي شخص تي جي آءِ ٽي جڙي ته ان کي سڀني کي دل سان قبول ڪرڻ کپي، سوشل ميڊيا تي جي آءِ ٽي جي ڳالهه ٿئي پئي، جيڪڏھن جي آءِ ٽي جڙي ته ھڪ انقلابي شاعر جنھن جي موت تي پوري سنڌ روئي ويٺي آھي، ان شخص جي قتل ٿيڻ جا سبب سامهون اچي ويندا. قتل جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي تي جيڪو اعتراض سامھون اچي پيو، اھو ڊاڪٽر آڪاش جي ويجھن ساٿين کي آھي، نه ڄاڻ ڪھڙي ڊپ مان جي آءِ ٽي وارو خط واپس فريادي ورتو آهي، ان خط واپس وٺڻ ۾ صرف ٽن کان پنجن ماڻھن جو فيصلو ھو، اھي ڇو جي آءِ ٽي جڙڻ کان خوف کائي رھيا آھن.
آڪاش جي پٽ وشال تي قتل ڪيس داخل ٿي چڪو آھي، جاچ جاري آھي، پر رڳو خوف وارو ماحول آهي، آخر ان خوف مان نڪرڻو پوندو، ھن وقت سڄي سنڌ جي آءِ ٽي جوڙڻ واري ڳالهه ڪري رھي آھي، ڪير ڪنھن تي الزام ھڻي ڇڏي، اھو غلط ۽ غير قانوني عمل ھوندو آھي، ھر شيءِ ثبوتن سميت پيش ڪرڻي آھي، پر سنڌ جو شعور آڪاش واري معاملي تي ڏکارو آھي.
آڪاش واري ڪيس جي فريادي جان محمد، آڪاش جي گھرواري جي بيان بعد ٿورو صبر ڪري ھا بس يڪدم ميڊيا سامھون اچي ويو، ھميشه سڀني پاسن کان جاچ ٿيندي، ان ۾ صبر جو مظاھرو نه ٿيندو ته آڪاش جي خون سان حساب نه ٿيندو، جيڪڏھن آڪاش جي قتل تي جي آءِ ٽي جڙي ته پوءِ ڪيترن جا ھٿ آڪاش جي خون سان ڀريل نظر اچي ويندا، پر جي آءِ ٽي تي رڳو ڊپ متان ڦاھي ھمراھن جي ڪنڌ ۾ نه پوي، آڪاش جي قتل ۾ جيڪي به ڌريون ملوث آھن، اھي جي آءِ ٽي جڙندي ته خبر پوندي.