پاڪستان ۾ صحت جو شعبو هميشه کان ئي خاص ڌيان جو طلبگار رهيو آهي ۽ اسپتالن جي ناقص حالت عام ماڻهن لاءِ هڪ وڏو مسئلو بڻيل رهي آهي طبي ماهرن موجب پاڪستان جي اسپتالن ۾ داخل ٿيل 18 کان 20 سيڪڙو مريض طبي غفلت، دوائن جي غلط استعمال ۽ اسپتالن ۾ پکڙجندڙ موتمار انفيڪشن سبب پنهنجي حياتي وڃائي ويهن ٿا. ماهرن جو چوڻ آهي ته طبي غفلت ۽ ميڊيڪل غلطيون پاڪستان ۾ عالمي معيار جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻيون آهن.
پاڪستان ۾ پيشينٽ سيفٽي رجسٽري موجود نه آهي جنهن سبب مريضن جا تفصيل محفوظ نٿا ٿي سگهن ۽ نه ئي طبي غلطيون روڪڻ لاءِ ڪو پائيدار نظام آهي ماهرن جي رپورٽ موجب اسپتالن ۾ انفيڪشن جي روڪٿام لاءِ مناسب قدم نه کڻڻ سبب مريضن جي موت جي شرح وڌي رهي آهي اسپتالن ۾ صفائي جي ناقص انتظامن ۽ طبي اوزارن کي جراثيم کان پاڪ نه ڪرڻ سبب ڪيترائي مريض خطرناڪ بيمارين ۾ وٺجي وڃن ٿا.
جيڪڏهن سرڪاري ۽ نجي اسپتالن جي سهولتن جي ڳالهه ڪجي ته سنڌ جي سرڪاري اسپتالن جي حالت وڌيڪ خراب آهي طبي عملي جي کوٽ جديد اوزارن جي اڻاٺ ۽ دوائن جي غير معياري هجڻ جهڙا مسئلا عام آهن. مريضن کي علاج لاءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪرڻو پوي ٿو، ۽ اڪثر دوائون به دستياب نه هونديون آهن. ان جي ابتڙ نجي اسپتالن ۾ علاج تمام مهانگو هجڻ سبب عام ماڻهو لاءِ صحت جون سهولتون حاصل ڪرڻ مشڪل ٿينديون پيون وڃن سنڌ حڪومت گذريل ڪجهه سالن ۾ صحت جي شعبي ۾ بهتري لاءِ ڪجھه قدم کنيا آهن. ڪيترن ئي ضلعن ۾ نوان سرڪاري اسپتال قائم ڪيا ويا آهن جڏهن ته موجوده اسپتالن ۾ جديد طبي اوزار فراهم ڪيا پيا وڃن.
گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز ۽ چلڊرن اسپتال جهڙا ادارا ملڪ جي مختلف علائقن مان ايندڙ مريضن کي مفت علاج فراهم ڪري رهيا آهن ان کان سواءِ سنڌ حڪومت رورل هيلٿ سينٽرز ۽ بنيادي صحت مرڪزن کي فعال بڻائڻ لاءِ به قدم کنيا آهن. انهيءَ جي باوجود طبي نظام ۾ ڪيترائي اهم مسئلا موجود آهن جن تي نظر وجهڻ ضروري آهي. اسپتالن ۾ هڪ عام رجحان آهي ته هر نئين اسپتال ۾ مريضن کي ٻيهر ٽيسٽ ڪرائڻا پون ٿا. جيڪو مالي حوالي سان بار وڌائي ٿو، ڪيترائي ڊاڪٽر سرڪاري ۽ نجي اسپتالن ۾ ڪم ڪن ٿا. جنهن سبب انهن جي ڪارڪردگي متاثر ٿئي ٿي سرڪاري اسپتالن ۾ مقرر ڊاڪٽر پنهنجي ڊيوٽي دوران نجي اسپتالن ۽ ڪلينڪ ۾ موجود هوندا آهن جنهن سبب سرڪاري مريض متاثر ٿين ٿا.
اسپتالن جي وارن ميڊيڪل اسٽورز تي خاص دوائون ملن ٿيون، جيڪي عام اسٽورن تي دستياب نه هونديون آهن جنهن سبب مريض مشڪلاتن جو شڪار ٿين ٿا، فارماسيٽيڪل ڪمپنيون خاص دوائون تجويزڪرائڻ لاءِ ڊاڪٽرن کي سهولتون ڏين ٿيون جنهن سبب مريض مهانگيون دوائون وٺڻ تي مجبور ٿين ٿا.
سرڪاري اسپتالن جي ڊاڪٽرن کي نجي پريڪٽس لاءِ مخصوص وقت ڏنو وڃي صرف اهي دوائون تجويز ڪيون وڃن جيڪي عام ميڊيڪل اسٽورن تي دستياب هجن صحت جي شعبي ۾ وڌيڪ سڌارا آڻي سرڪاري اسپتالن جون سهولتون وڌايون وڃن سنڌ سميت پوري پاڪستان ۾ اسپتالن جي موجوده حالت بهترڪرڻ لاءِ حڪومت طبي ماهرن ۽ نجي شعبي کي گڏجي قدم کڻڻا پوندا. جيڪڏهن اسپتالن ۾ جديد سهولتون طبي عملي جي مناسب تربيت ۽ سخت حفاظتي قدم يقيني بڻايا وڃن ته نه رڳو هزارين قيمتي حياتيون بچي سگهن ٿيون، پر صحت جي شعبي ۾ نمايان بهتري پڻ اچي سگهي ٿي ان سان گڏوگڏ سنڌ حڪومت جي جاري قدمن جي رفتارکي تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن عوام کي معياري صحت جون سهولتون مهيا ڪري سگهجن.