پاسپورٽ کڻڻ ۾ دير ڪندڙ خبردار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ڀر ۾ پاسپورٽ ڊليوري ڪائونٽر هر هفتي ڇنڇر تي کليل رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
پاسپورٽ کاتي جي جاري ڪيل پڌرائي موجب، پاسپورٽ ڊليوري ڪائونٽر ڇنڇر ڏينهن صبح 8 وڳي کان شام 4 وڳي تائين کليل رهندا، جڏهن ته هفتيوار پاسپورٽ ڊليوري جي سهولت 2 مهينن تائين جاري رهندي.
پڌرائي ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته شهري ڇنڇر ڏينهن به پنهنجا تيار پاسپورٽ وصول ڪري سگهندا، جڏهن ته 6 مهينن کان وڌيڪ عرصي تائين وصول نه ڪرايل پاسپورٽ سرڪاري پاليسي موجب تلف ڪيا ويندا.

You might also like