آمريڪا جو خارگ ٻيٽ ڀرسان ايراني آئل ٽينڪر تي ميزائل حملو

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني ميڊيا رپورٽ ڪيو آهي ته آمريڪا خارگ ٻيٽ ڀرسان هڪ ايراني تيل سان ڀريل جهاز کي نشانو بڻايو آهي.
خارگ ۾ موجود تسنيم جي نمائندي موجب، ان جهاز کي ايراني نار ۾ ايراني تيل جي برآمدات جي اهم مرڪز خارگ ٻيٽ کان 6 ميل جي فاصلي تي چئن آمريڪي ميزائلن ذريعي نشانو بڻايو ويو.
تسنيم مقامي ذريعن جي حوالي سان ڄاڻايو آهي ته واقعي ۾ ڪو به زخمي نه ٿيو ۽ جهاز جو عملو اتان نڪري رهيو هو.
ايراني اختيارين اڃا تائين ان معاملي تي ڪو بيان جاري ناهي ڪيو، جڏهن ته آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽ ڪام) به ان بابت ڪو تبصرو ناهي ڪيو.
گذريل هفتي ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا تي هٿرادو ڏاهپ واري ٽيڪنالوجي (اي آءِ ) جي مدد سان تيار ڪيل هڪ وڊيو پوسٽ ڪئي هئي، جنهن ۾ هن لکيو هو ته خارگ ٻيٽ”ٽڪرا ٽڪرا ٿي رهيو آهي.“
ايراني اختيارين خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن خارگ تي حملو ڪيو ويو ته هو ان جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو.

You might also like