ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ بچاءَ واري وزير خواجا آصف جي بيان کي مايوس ڪندڙ قرار ڏيندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت واضح ڪري ته خواجا آصف جو بيان حڪومتي پاليسي آهي يا سندس ذاتي راءِ؟
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته وفاقي وزيرن جي بيان بازي صوبي خلاف سياسي جارحيت جي برابر آهي، خواجا آصف کي سنڌ ۽ پيپلز پارٽي بابت بيان ڏيڻ کان اڳ تاريخ، آئين ۽ پارلياماني رڪارڊ جو مطالعو ڪرڻ گهرجي.
هن چيو ته پيپلز پارٽي جو موقف ٻٽو نه، پر واضح، اصولي ۽ آئيني آهي، پنجاب اسيمبلي سرائيڪي صوبي جي حق ۾ ٻه ڀيرا، جڏهن ته سنڌ اسيمبلي سنڌ اندر وڌيڪ صوبا ٺاهڻ خلاف 8 ڀيرا ٺهراءَ منظور ڪري چڪي آهي.
شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته مسلم ليگ (ن) پنهنجي اتحادي پارٽين کي خوش ڪري، پر سنڌ کي قرباني جو ٻڪرو بڻائڻ کان پاسو ڪري. هن چيو ته پيپلز پارٽي هميشه وفاق کي مضبوط، آئين کي بالادست ۽ جمهوري نظام کي مستحڪم ڪرڻ جي سياست ڪئي آهي.
سينيئر صوبائي وزير چيو ته پاڪستان جي وفاق ۽ جمهوري نظام کي مضبوط بڻائڻ لاءِ پيپلز پارٽي پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي.
You might also like