احسن اقبال چئن صوبن کي ئي وسيلا نٿو ڏئي سگهي، 15 صوبا ٺاهي ڇا کير جون نديون وهائيندو؟ امتياز شيخ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) يپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر امتياز شيخ نون صوبن واري معاملي تي وفاقي وزيرن جي بيانن تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته نون صوبن جي جوڙجڪ بابت سنڌ اسيمبلي جي قرارداد چونڊيل نمائندن جو حتمي فيصلو آهي.
امتياز شيخ چيو ته سنڌ جي ورهاڱي واري معاملي تي پيپلز پارٽي ۽ چونڊيل ايوان عوامي خواهشن جا ترجمان آهن، جڏهن ته نوان صوبا ٺاهڻ بابت وفاقي وزيرن جي بيانن ۾ ٽڪراءَ نظر اچي ٿو.
هن چيو ته پاڪستان ۾ جمهوريت آهي، سمورا فيصلا جمهوري اصولن ۽ عوام جي راءِ موجب ٿيڻ گهرجن، عوام جي راءِ جو احترام جمهوريت جو بنياد آهي، عوام جي مرضي خلاف فيصلا مڙهي نٿا سگهجن.
امتياز شيخ جو چوڻ هو ته عوام کي پنهنجي حقن ۽ مفادن جي اظهار جو مڪمل حق حاصل آهي، عوام جي آواز کي دٻائڻ جمهوريت ناهي. سنڌ جي عوام سنڌ جي وحدت جي حق ۾ واضح موقف اختيار ڪيو آهي، تنهن ڪري عوامي راءِ جو احترام ٿيڻ گهرجي.
هن چيو ته صوبن جي ورهاڱي واري معاملي تي وفاقي وزيرن جي بيانن ۾ ٽڪراءَ عوام آڏو اچي چڪو آهي، وفاقي وزير احسن اقبال چار صوبن کي ئي وسيلا فراهم نه پيا ڪري سگهيو ته 15 صوبا ٺاهي ڇا کير جون نهرون وهائيندو؟
امتياز شيخ چيو ته 15 صوبا ٺاهڻ جي ڳالهه ڪندڙن کي پهريان ملڪ جي معاشي صورتحال ۽ انتظامي خرچن جو جائزو وٺڻ گهرجي، 15 صوبن جو مطلب 15 وڏا وزير، 15 ڪابينا ۽ وڌيڪ انتظامي خرچ آهن، ڇا پاڪستان جي معيشت اهو بار برداشت ڪري سگهي ٿي؟
هن چيو ته نون صوبن جي ڳالهه ڪرڻ کان اڳ عوام ۽ ملڪ جي معاشي مفادن کي سامهون رکڻو پوندو، صوبن جو تعداد وڌائڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا، وسيلن جي منصفاڻي ورڇ ۽ بهتر حڪمراني ضروري آهي.
پ پ اڳواڻ جو چوڻ هو ته سنڌ جي وڏي وزير ۽ فريال ٽالپر پنهنجي خطاب ۾ نه رڳو سنڌ، پر چئني صوبن جي نمائندگي ڪئي آهي، سنڌ جي وحدت ۽ سالميت بابت سنڌ اسيمبلي جو موقف واضح ۽ چٽو آهي.
امتياز شيخ چيو ته سنڌ جي شهري علائقن ۾ ايم ڪيو ايم جي سياست ختم ٿي چڪي آهي، ايم ڪيو ايم جي قيادت پنهنجي سياسي اُڃ اجهائڻ لاءِ صوبو ٺاهڻ جو شوشو ڇڏيندي رهي ٿي، جڏهن ته ايم ڪيو ايم جا چونڊيل نمائندا به پنهنجي قيادت جي مطالبن کي سنجيدگي سان نٿا وٺن.
هن چيو ته ايم ڪيو ايم کي سنڌ جي عوام جي راءِ جو احترام ڪرڻ گهرجي ۽ سياسي مقصدن لاءِ صوبي جي ورهاڱي وارو معاملو نه اٿارڻ گهرجي، سنڌ جا عوام ڪنهن به صورت ۾ صوبي جي ورهاڱي کي قبول نه ڪندا.
امتياز شيخ وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت ۽ وزيرن کي صوبن جي ورهاڱي واري معاملي کي سنجيدگي سان وٺڻ کان اڳ پنجاب جي وڏي وزير جي راءِ وٺڻ گهرجي.

You might also like