”جيڪو شخص ملڪ لاءِ فخر هئڻ گهرجي، ان کي مناسب ورتاءُ ۽ عزت به نٿي ملي“ برائن لارا به عمران خان لاءِ آواز اٿاري ڇڏيو

باربيڊوس (ويب ڊيسڪ) ويسٽ انڊيز جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ڪرڪيٽ ليجنڊ برائن لارا عمران خان بابت پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته کيس مناسب ۽ آزاد طبي سهولتون فراهم ڪرڻ سان گڏ اهو انساني وقار به ملڻ گهرجي، جنهن جو هر انسان حقدار آهي.
پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي جاري ڪيل بيان ۾ برائن لارا چيو ته عمران خان ۽ هو رڳو ڪجهه موقعن تي آمهون سامهون ٿيا، پر سندس دل ۾ عمران خان لاءِ احترام فوري طور پيدا ٿيو ۽ اڄ به قائم آهي.
هن چيو ته مون لاءِ اهو سمجهڻ ڏکيو آهي ته جيڪو شخص پنهنجي ملڪ لاءِ اميد، فخر ۽ متاثر ڪندڙ شخصيت رهيو هجي ۽ پنهنجي راند جي ڪيريئر جي عروج تي ملڪ جي نمائندگي ڪئي هجي، اهو اڄ اهڙي صورتحال ۾ هجي، جتي کيس مناسب خيال ۽ اهو رحم ۽ وقار نه ملي رهيو هجي، جنهن جو هو حقدار آهي.
برائن لارا چيو ته هو پنهنجي اڳوڻن ساٿي ڪپتانن سان گڏ ان مطالبي جي حمايت ڪري ٿو ته عمران خان کي مناسب ۽ آزاد طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ۽ کيس اهو وقار ڏنو وڃي، جيڪو هر انسان جو حق آهي.
هن وڌيڪ چيو ته هي سياست جو معاملو ناهي، پر اسان جي راند جي هڪ ليجنڊ لاءِ بنيادي انساني همدردي جو معاملو آهي.

 

You might also like